خاص

وزيراعظم پاران بلوچستان جو دورو، مختلف منصوبن جو افتتاح

وزيراعظم عمران خان بلوچستان پهتو آهي ۽ تربت ۾ مختلف منصوبن جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم عمران خان تربت يونيورسٽي ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جو بنياد رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته تربت جي پنهنجي هڪ تاريخ آهي، هتي پهريون ڀيرو اچڻ تي خوشي ٿي، تربت ۽ بلوچستان جا نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن. عمران خان چيو ته اسان بلوچستان ۾ خاص ڪري تعليم تي ڌيان ڏينداسين ڇو ته بلوچستان کي پڙهيل لکيل ماڻهن جي سخت ضرورت آهي، هاڻ شهر ۾ وڃي تعيلم پرائڻ جي ضرورت ناهي، بلوچستان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي اسڪالرشپ 185 کان وڌائي 360 ڪري رهيا آهيون.