وزيراعظم ڪراچي ۾ 5 سالن جي ٻارڙي ۽ موٽروي تي عورت سان ڏاڍائي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو
وزير اعظم عمران خان ڪراچي ۾ 5 سالن جي ٻارڙي ۽ لاهور ۾ موٽروي جي ويجهو عورت سان اجتماعي ڏاڍائي جي واقعن جو سخت نوٽيس ورتو آهي. وزيراعظم واسطيدار آءِ جيز کان مذڪوره واقعن جون رپورٽون طلب ڪيون ۽ چيو ته عورتن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح ۽ ذميواري آهي، ڪنهن مهذب معاشري ۾ اهڙي درندگي ۽ حيوانيت جي اجازت نٿي ڏيئي سگهجي. وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهڙا واقعا اسان جي سماجي قدرن جي منافي ۽ سوسائٽي تي بدنما داغ آهن. وزيراعظم واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي جلد قانون جي گرفت ۾ آڻڻ ۽ سزا ڏيارڻ جو حڪم ڏنو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن لاهور ۾ گجر پوره موٽروي تي پيٽرول ختم ٿيڻ تي عورت جي گاڏي بند ٿي وئي ان دوران ٻن هٿياربند شخصن ڪار جو شيشو ٽوڙي زبردستي عورت ۽ سندس ٻارن کي موٽروي کان هيٺ وٺي ويا ۽ عورت کي زيادتي جو نشانو بڻايو. ملزمن عورت کان ڦر به ڪئي جڏهن گاڏي بند هئي ته عورت موٽروي پوليس کي به فون ڪيو، پر موٽروي پوليس مبينا طور تي چيو ته ڪوبه ايمرجنسي ڊيوٽي تي موجود ناهي. عورت کي زيادتي کان پهرين ۽ زيادتي دوران تشدد جو نشانو به بڻايو ويو. روئيندڙ ٻارن جي سامهون ٻانهن ۽ ٽنگن تي ڏنڊا هنيا ويا. ڊولفن فورس رات 2 وڳي مدد لاءِ پهتي ته گاڏي جو شيشو ٽُٽل مليو، اهلڪار کائي ۾ هيٺ لٿا ته عورت ڊپ ۾ چيو ته منهنجي ويجهو نه اچجو ۽ بيهوش ٿي وئي. انسپيڪٽر جنرل پنجاب پوليس انعام غني دعويٰ ڪئي آهي ته موٽروي زيادتي ڪيس ۾ ملزمن تائين پهچڻ لاءِ ثبوت ملي ويو آهي. آءِ جي پنجاب انعام غني چيو ته موٽروي تي پيش ايندڙ واقعي جي ڪيس ۾ هيستائين تمام سٺو ڪم ٿيو آهي، اسين ان ڳوٺ تائين پهچي چڪا آهيون جتان ڏوهارين جو تعلق آهي. آءِ جي پنجاب چيو ته 20 ٽيمون ان تي ڪم ڪري رهيون آهن ۽ انويسٽيگيشن کي ڊي آءِ جي پاڻ ڏسي رهيو آهي، جلد کان جلد ملزم گرفتار ٿيندا. آءِ جي پنجاب انعام غني چيو ته 70 ملزمن جي پروفائلنگ ڪئي آهي، جيو فينسنگ به ڪرائي وئي، حراست ۾ ورتل 12 ملزمن جا ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرايا ويندا. هوڏانهن ڪراچي جي علائقي عيسيٰ نگري ۾ پنجن سالن جي ٻارڙي مروه کي زيادتي کانپوءِ قتل ڪرڻ وارو ملزم به گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس اهلڪارن ٻڌايو ته ملزم نواز ٻارڙي جو پاڙيسري آهي جيڪو ٻين مشتبه ماڻهن سان گڏ پهرين به حراست ۾ هو، شاهدن جي چوڻ مطابق باقائده کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.

