خاص

ويڪسينيشن لاءِ زور ڀريندڙ سنڌ حڪومت پينو فقيرن کي اڌ ۾ ڇڏي ڏنو

سنڌ حڪومت طرفان پينو فقيرن جي ويڪسينيشن جو عمل رولڙي جو شڪار ٿي ويو. سنڌ جي صحت کاتي ڪجهه ڏينهن اڳ پينو فقيرن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو ڪندي ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو ته سڄي ملڪ ۾ هن وقت اڍائي ڪروڙ پينو فقير موجود آهن، جڏهن ته 70 هزار کان وڌيڪ پينو فقير هن وقت ڪراچي ۾ موجود آهن. سنڌ جي صحت کاتي چيو آهي ته يو سي سطح تي پلان جوڙي پينو فقيرن کي ويڪسين لڳائي ويندي، انهن کي سنگل ڊوز ويڪسين هنئي ويندي. صحت کاتي جي تازن انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 24 آگسٽ کان پينو فقيرن کي ويڪسين لڳائڻ وارو عمل شروع ڪيو ويو هو، فقيرن کي ويڪسين موبائل ويڪسينيشن وين ذريعي لڳائي پئي وئي، هفتي دوران ڪراچي جي 7 ضلعن ۾ رڳو 211 پينو فقيرن کي ويڪسين لڳائي وئي. انگن اکرن موجب ضلعي اوڀر ۾ سڀ کان وڌيڪ 99 پينو فقيرن کي ويڪسين لڳائي وئي، ملير ۾ 50، اولهه ضلعي ۾ 16، وچ ضلعي ۾ 10، جڏهن ته ڪورنگي ضلعي ۾ هڪ به فقير کي ويڪسين لڳي نه سگهي. صحت کاتي جي اختيارين ٻڌايو آهي ته شهر ۾ پينو فقيرن جي ويڪسينيشن لاءِ سنگل ڊوز ويڪسين ڪينسائنو ختم ٿي وئي آهي، جنهن سبب ويڪسينيشن جو عمل روڪيو ويو آهي.