وڏي وزير جي سڪيورٽي گاڏي جا ٽائر مٽائڻ تي 2 ڪروڙ خرچ
پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي سيڪيورٽي جي گاڏي جي ٽائرن جي تبديلي تي 2 ڪروڙ 33 لک رپيا خرچ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي آفيس جي گاڏين جي مرمت لاءِ ٽي ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، پر بجيٽ جو 80 سيڪڙو حصو رڳو هڪ گاڏي جي پنجن ٽائرن تي لڳو آهي. وڏي وزير جي آفيس گاڏين جي بحالي ۽ مرمت لاءِ ٻيا به ٽي ڪروڙ ضمني گرانٽ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي پنجاب حڪومت جي ترجمان عمر سرفراز چيما تبصري کان لنوائي ويو.

