ٽن صوبن کي وفاق هلائي رهيو آهي: مراد علي شاهه
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هن وقت ٽن صوبن کي وفاق کان هلايو پيو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار سکر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن سڀ گڏ ٿي وڃن ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪامياب نه ٿي سگهندا، وڪيل سدائين قانون جي احترام ۽ حفاظت لاءِ بيٺل رهيا. هن چيو ته صوبائي اسيمبلي ٻيٽن تي اهم ٺهراءُ منظور ڪيو آهي، سنڌ حڪومت ڪڏهن به غير آئيني قدم نٿي کڻي سگهي، ملڪ جو قانون ۽ آئين سپريم آهي، نه اڳ ۾ خوف جو شڪار ٿياسين ۽ نه هاڻ ٿينداسين. سندس چوڻ هو ته سدائين نيب سامهون پيش ٿيا آهيون، اسان احتساب جي خلاف ناهيون پر احتساب سڀني لاءِ هڪ جهڙو هجڻ گهرجي، خورشيد شاهه هڪ سال کان قيد آهي پر اڃا ڪيس ٺهي رهيو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته مهانگائي انتهائي حد تائين وڌي چڪي آهي ۽ گذريل سال اين ايف سي جا 25 ارب، هن سال 65 ارب گهٽ مليا، آئين کي مسلسل پامال ڪيو پيو وڃي، توهان کي روينيو گڏ نه پيو ٿئي ته اسان حوالي ڪري ڇڏيو. وڏي وزير چيو ته پ پ 2018 جي عام چونڊن ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ ۽ سيٽون حاصل ڪيون، اسان کي زبردستي هارايو ويو، تحريڪ انصاف عوام دشمن پاليسي شروع ڪئي آهي، ٽن صوبن کي وفاق کان هلايو پيو وڃي. هن چيو ته صوبي ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، اهم شهرن ۾ اين آءِ سي وي ڊي اسپتالون ٺاهيوسين، پي ٽي آءِ سمجهي ٿي ته گذريل حڪومتن کي گاريون ڏئي ڪرپشن ڪندي رهندي.

