خاص

پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ پهريون ٽي 20 مينهن جي ور چڙهي ويو

پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ ٽن ميچن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ برسات سان خراب ٿي وئي. مانچسٽر ۾ ٿيل ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي ۽ انگلينڊ کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني. انگلينڊ 16.1 اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 131 رنز ٺاهي چڪو هو جڏهن ته مينهن سبب ميچ کي روڪيو ويو. انگلينڊ لاءِ ٽام بينٽن 71 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته پاڪستان طرفان عماد وسيم ۽ شاداب خان 2،2 جڏهن ته افتخار احمد هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. مسلسل مينهن جي ڪري راند ٻيهر شروع نه ٿي سگهي ۽ ڊرا ٿي وئي. بابر اعظم ٽي 20 فارميٽ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت ڪري رهيو آهي، جڏهن ته اوون مورگن انگلينڊ جو ڪپتان آهي.