پاڪستان ۾ ڪورونا سبب هڪ سئو پنجاهه ڄڻا فوت ٿي ويا
پوري ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 150 ماڻهو فوت ٿي ويا. جڏهن ته 5480 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا. پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ظاهر ڪندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري ملڪ ۾ ڪورونا جا 57013 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ 5480 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي. سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 9.61 سيڪڙو رهي. سرڪاري انگن اکرن موجب پوري ملڪ ۾ ڪورونا وگهي فوتگين جو انگ 17680 ٿي ويو ۽ مجموعي ڪيسن جو انگ 8 لک 15711 تائين پهتو آهي. جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 89838 آهي.

