پهرين جون کان ڊيزل جي قيمت ۾ چار رپيا ڇٽيهه پئسا في ليٽر واڌ جو امڪان
پهرين جون کان ڊيزل جي قيمت ۾ 4 رپيا 36 پئسا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي. اوگرا سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. ٻڌايو ويو آهي ته اوگرا پهرين جون کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جي سمري تيار ڪري ورتي آهي. جنهن ۾ پيٽرول جي قيمت برقرار رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. جڏهن ته گاسليٽ ۽ لائٽ ڊيزل جون قيمتون به برقرار رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن موجب سمري منظوري لاءِ ناڻي واري وزارت ڏانهن اماڻي وئي آهي. قيمتن ۾ تبديلي جو حتمي فيصلو وزيراعظم عمران خان ڪندو جنهن کانپوءِ نيون قيمتون لاڳو ڪيون وينديون.

