ڀـونـڊو ڊاڪٽر عامر گڏاڻي-(دبئي) Sep 2020
هو جڏهن وسڪيءَ جو چوٿون گلاس به ٻن ساهين ۾ ڳڙڪائي ويو ته اکين تي ڪجھه کيپ چڙهڻ لڳس. ايتري ۾ هوءَ سندس لاءِ نئون پيگ ٺاهي ٽيبل تي رکي چڪي هئي. ڏڪندڙ هٿن سان سگريٽ ڪڍي لائيٽر ڳولڻ لڳو ته نبيلا سندس چپن تي رکيل سگريٽ به لائيٽر سان دکائي کيس ڏنو… سگريٽ جو هڪ ڊگهو ڪش هڻندي هن جا هٿ نبيلا جي جسم ڏانهن وڌڻ لڳا. نبيلا سندس ڀر ۾ خاموش بت بڻيو ويٺي هئي…
“ڇا ٿيو ٿئي اڄ…” هن نبيلا جي ڪلهي کي ڌوڙيندي کانئس پڇيو.
هوءَ وري به چپ…
کيس ڀاڪر پائي هو بيڊ ڏانهن اٿندي ٿاٻڙيو ته نبيلا کيس سنڀاليندي بيڊ تي ليٽايو ۽ پاڻ به سندس ڀر ۾ ليٽي پئي…
“لطيف”… نبيلا سندس وارن ۾ هٿ ڦيرائيندي ڀڻڪي.
“هون”
“مون سان نڪاح ڪر”
“ها ڪنداسين نه نڪاح به” لطيف جا ڏڪندڙ هٿ سندس سيني تي ڦرڻ لڳا…
“ڪڏهن” هن لطيف جي هٿن کي پنهنجي سيني تان هٽائيندي پڇيو..
“ها جلد ڪنداسين”… لطيف جون آڱريون نبيلا جي قميص جي هيٺان سندس دن تي ڦري رهيون هيون…
“اها جلدي ڪڏهن ٿيندي لطيف… ٻن سالن کان اهو ئي پئي ٻڌان… ٻه ڀيرا ٻار به ڪيرائي چڪي آهيان… هن ڀيري به پنج ڏينهن مهيني جا مٿي ٿي چڪا آهن…” نبيلا سندس پاسي مان اٿي ويهي رهي هئي.
“پوءِ ڇا ٿيو،گوريون وٺي ٿو ڏيانءِ اڄ…” لطيف کيس ٻيهر ڀاڪر ۾ ڀريو هو.
“ڪيتريون گوريون کارائيندين مون کي؟ هن ڀيري ڪا ٽيبليٽ نه کائينديس مان… بس مون سان ٻه ٻول پڙهي وٺ…” هوءَ کيس ايلاز ڪرڻ لڳي.
“ڇو نشي جي ماءُ ڀيڻ هڪ ٿي ڪرين… اچ سمهي پئو مون سان…” لطيف کيس پنهنجي ڀر ۾ سمهاري هميشه جيان هڪ هڪ ڪري سندس سڀئي ڪپڙا لاهي ڇڏيا… هوءَ لطيف جي هيٺيان ڄڻ ته ڪنهن زنده لاش جيان ليٽي پئي هئي. ڪجھه گھڙين کانپوءِ لطيف به بي جان ٿي بيڊ جي ٻئي پاسي سمهي پيو هو…
نبيلا سڄي رات سمهي نه سگهي هئي…
سوچون سندس ذهن کي ماضيءَ جي جهروڪن ۾ وٺي ويون…
ماضي جتي هوءَ پنهنجي اکين ۾ سجايل سپنن کي ساڀيان جو ويس ڍڪڻ خاطر لطيف جي آفيس ۾ جاب لاءِ پنهنجي سي. وي ڏيڻ آئي هئي.
ٻن ڏينهن کانپوءِ سندس انٽرويو ٿيو هو ۽ ساڳئي ڏينهن ئي کيس آفيس اسسٽنٽ جي جاب ملي وئي ۽ آهستي آهستي هوءَ لطيف جي شاطر ذهن جو شڪار ٿيڻ لڳي هئي.آفيس ٽائيم کانپوءِ لطيف کيس گهر تائين ڊراپ به ڪرڻ لڳو هو…
ڪجھه مهينن ۾ ئي کيس آفيس اسسٽنٽ کان پروموٽ ڪري لطيف پنهنجي پرسنل سيڪريٽري بڻايو هو. ان خوشيءَ کي سيليبريٽ ڪرڻ لاءِ هوءَ ان رات لطيف سان گڏ سندس فليٽ تي وئي هئي ۽ اهو سلسلو ان رات کانپوءِ مسلسل جاري رهيو هو…
سوچن جي اها تار رات جي پوئين پهر تائين جاري رهي هئي. ڳوڙها سندس اکين جا بند ڀڃي ڳلن تي آلاڻ ڪندي وهاڻي ۾ جذب پئي ٿيا ۽ آخرڪار ننڊ جي ديويءَ کيس پنهنجي ٻانهن ۾ ڀري ڇڏيو هو…
صبح جو لطيف پنهنجي آفيس ۾عورتن جي حقن تي ٿيندڙ هڪ سيمينار ۾ پنهنجي صدارتي تقرير ۾ چئي رهيو هو “اسان جي معاشري ۾ عورت کي هڪ ٽشو پيپر جيان استعمال ڪري ڦٽو ڪيو ٿو وڃي. عورت کي هميشه ذلتون، ظلمتون ۽ اذيتون ئي مليون آهن، پر هاڻي ائين نه ٿيندو، عورتن جي حقن لاءِ اسان جو پليٽ فارم هميشه هڪ مورچو ٿي اوهان کي ملندو… هي سماج عورت جي عظمت کان ڪڏهن به انڪاري نٿو ٿي سگهي… جڏهن به ڪنهن سماجي بگهڙ ڪنهن نياڻيءَ جي عزت تي ميري اک سان ڏسڻ جي ڪوشش به ڪئي ته اسان ان ويل پنهنجي نياڻين لاءِ ڍال بڻيا آهيون. اهڙا ماڻهو جيڪي معصوم ڇوڪرين جي عصمتن کي داغدار ٿا بڻائين، سچ پڇو ته اهي اسان جي سماج تي هڪ ڀونڊو بڻجي سڄي دنيا ۾ اسان جي جهالت جو ڏونڪو ٿا وڄائين.”
سڄو هال تاڙين سان گونجي اٿيو هو… هرڪو لطيف جي جذباتن تي واهه واهه ڪري رهيو هو…
هال جي آخري قطار ۾ ويٺل سندس سيڪريٽري نبيلا گورين جو پيڪٽ هٿ ۾ رکي لطيف کي ڏسي رهي هئي، لطيف به کيس اڄ سماج جي نرڙ تي ڇاپيل هڪ ڀونڊو ئي لڳي رهيو هو…

