ڊائري جا ورق سرمد کوسو
- هر ڇُهاءُ جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي، پر دل سان دل جو ڇُهاءُ سڀني کان مٿانهون ۽ وڻندڙ آهي.
- اڪيلائي وڻندڙ آهي، پر اِهو ٻُڌائڻ لاءِ به ڪنهن جي ضرورت پوي ٿي ته؛ اڪيلائي وڻندڙ آهي.
- دنيا جون سموريون خوبصورت شيون اڪيليون ئي آهن. پوءِ اُهو چنڊ ئي ڇو نه هُجي!
- هر شيءِ تنهنجي رنگ سان رنڱيل آهي. تنهنجي غير موجودگي سُئي مان ڌاڳي جي گذر وانگر محسوس ٿيندي آهي.
- جيڪڏهن ڪو ماڻهو زندگيءَ جي خوبصورتي کي سمجهي ناهي سگهيو ته ان جو مطلب زندگي انهي ماڻهو ۾ خوبصورتي کي ناهي ڏسي سگهي.
- دوست به عجيب هوندا آهن. جيڪي تبديل ٿيندا ۽ کن پل ۾ اُڏامي ويندا آهن، انهن کي جوڙبو ۽ سنواربو آهي.
- ماڻهو جو اندر مطمئن هئڻ گهرجي. باقي اڪثر ته هجومن ۾ به اڪيلائي ئي محسوس ٿيندي آهي.
- انسان جي اڪيلائي اُن وقت وڌي ويندي آهي، جڏهن سندس ڳالهين مان غلط مطلب ورتو ويندو ۽ سندس خاموشي کي بي معنيٰ سمجهيو ويندو آهي.
- سج به اڪيلو آهي. هُو جڏهن پنهنجي دوستن کي ڏسڻ لاءِ اُڀري ٿو ته سندس روشني ۾ سڀ گُم ٿيو وڃن.
- اِهو مزو آهي جو اوهان گُم هُجو ۽ اِها تباهي آهي جو اوهان سخت ڳولا باوجود نه ملي سگهو.
- جيڪڏهن اوهان کي اڪيلائي کان خوف ٿئي ٿو ته پوءِ سُٺا ٿيڻ جو ڪوشش نه ڪريو. ڇو ته اِهو ٻئي شيون هڪٻئي سان سڌي نسبت رکن ٿيون. اوهان سُٺا ٿيندا ته اڪثريت لاءِ اڻوڻندڙ ٿي پوندا ۽ اُن جو نتيجو اڪيلائي ۽ تنهائي آهي.
- اداسي مون سان پڪي دوستي رکڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ۽ آئون وري اُن ۾ موجود سونهن جي ڳولا ڪندو آهيان. اهڙي طرح اسان جو هڪٻئي سان گَهرو واسطو جُڙي ويو آهي.
- اڪيلو هُجڻ معنيٰ مختلف هُجڻ، مختلف هُجڻ معنيٰ اڪيلو هُجڻ!
- انسان اڪيلائي کان هميشه شڪست کائيندو رهيو آهي. ڇو ته اڪيلائي جو درد دنيا جي سڀني سورن کان وڌيڪ آهي.
- تنهائي هڪ ڄار آهي. جنهن ۾ هر ڏينهن ڪو نه ڪو ضرور ڦاسي ٿو.
- دنيا ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون جڳهيون آهن. جتي ماڻهو کي اڪيلو وڃڻو پوي ٿو.
- مهاتما گوتم ٻُڌ چوي ٿو ته ”هر ايذاءُ جو سبب ڪا نه ڪا وابستگي آهي.“ مطلب سُور سهڻ لاءِ تيار آهيو ته وابستگي ٺاهيو.
- تنهائي جي خوف کان هڪ ماڻهو ايتريون شيون ڪري سگهي ٿو جيڪي ماڻهن جا هُجوم نٿا ڪري سگهن.
- جڳ مشهور ناول الڪيميسٽ جو ليکڪ پائلو ڪولهو هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”جيڪڏهن اوهان اڪيلا آهيو ته اڃا وڌيڪ اڪيلا ٿيندا. زندگي عجيب، مبهم ۽ منجهيل آهي.“
- اڪيلو هجڻ هڪ وڏو دٻاءُ آهي، جيڪو برداشت ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.
- پيار سان ڪنهن کي چيل هڪ لفظ جو پڙاڏو، هزارين هٿن جي تاڙين جي شور کان وڌيڪ خوبصورت ۽ دلڪش آهي.
- ڪڏهن ڪڏهن هُجومن ۾ هجڻ به اڪيلائي جو احساس ڏياريندو آهي.

