ڊائري جا ورق سرمد کوسو April 2021
* اسان جي اقتصادي حالتن، اسان جي مزاجن کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
* هاڻي صبر، سهپ ۽ ساڃاهه آخري پساهن ۾ آهن.
* مون جيستائين خاموشي سان توکي ٻُڌو پئي، تيستائين تو لاءِ سُٺو هئس. جڏهن پنهنجي اندر جو حال اورڻ شروع ڪيم، تڏهن کان تو لاءِ ڪِنو ٿي پيس.
* مون کي گمنامي وڻندي آهي، منهنجو نالو ڪنهن کي ياد نه هُجي ته سُٺي ڳالهه آهي.
* چوڌاري آواز وڌي وڃڻ، گوڙ ۽ شور ٿيڻ جي ڪري بهتر آهي ته خاموش ٿي وڃجي.
* فضول بحث کان خاموشي لک ڀيرا بهتر آهي.
* ڪڏهن ڪڏهن خاموشي ئي سُٺو جواب هوندي آهي.
* خاموشي کي جنهن ماڻهو پنهنجي دل جي ڪَنن ٻُڌو هوندو، تنهن کي خاموشي ۾ وڌيڪ موسيقيت ۽ سڪون محسوس ٿيو هوندو.
دنيا ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي ناممڪن آهن.
* ڪنهن جي نظرن ۾ ڪري پوڻ کانپوءِ، سندس نظرن ۾ ساڳي جڳهه تي اچڻ ممڪن آهي؟
* هڪ خوددار ۽ شريف ماڻهو جي سڄي زندگي جي ڪمائي عزت هوندي آهي. ڪنهن جي وڃايل عزت واپس آڻڻ ممڪن آهي؟
* ڪنهن جو اعتماد ٽوڙڻ کانپوءِ، وري ان اعتماد کي بحال ڪرڻ ممڪن آهي؟
* ڪنهن جي دل تان لهڻ کانپوءِ، ان دل ۾ وري پنهنجو گهر اڏڻ ممڪن آهي؟
* دل ڏاڍي نازڪ ٿيندي آهي، هڪ ڀيرو ٽُٽي پئي ته وري نه جُڙندي. جيڪڏهن جُڙي به وئي ته به سَنڌو ضرور رهجي ويندو.
* جيڪي ماڻهو دلين ۾ سمايل هوندا آهن، ڀٽائي سائين واري ڳالهه ته “اَندر رُوح رهيام، سَڄڻ اوطاقون ڪَري”، اُنهن ماڻهن جي يادن کي دل مان ڪڍڻ ممڪن آهي؟
* ماڻهو، ٽِشو پيپر ته ناهي، جو ان کي استعمال ڪري ڪنهن ڪنڊ ۾ ڦِٽو ڪري ڇڏجي.
* احساسن جي ڪابه قيمت ناهي هوندي.
* بيحس کي ڪهڙي خبر ته ڪنهن جي احساسن سان کيڏڻ، ڪيڏو وڏو ڏوهه آهي!
* ڪڏهن ڪڏهن ڪو جواب نه ڏيڻ به، هڪ جواب ئي هوندو آهي.
* جيڪڏهن محسوس ڪري سگھين ته منهنجي خاموشي به، تنهنجي لاءِ هڪ جواب ئي آهي.
زندگي، تحرڪ جو نالو آهي.
* زندگي، وهندڙ پاڻي وانگر آهي، جيڪو پنهنجو رستو ٺاهيندو اڳتي وڌندو رهي ٿو. جنهن ۾ توانائي آهي، تازگي آهي، خوشبوءِ آهي، جوش ۽ جذبو آهي.
* وهندڙ پاڻي، هر شيءِ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندو آهي.
* متحرڪ ماڻهو، سماج جو وڏو اثاثو هوندو آهي.
* غير متحرڪ ماڻهو، بيٺل پاڻي جي دُٻي وانگر آهي. جنهن ۾ ڌپ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي، جيڪو بيمارين جو سبب بڻجي ٿو.
* غير متحرڪ ماڻهو مان نه رڳو سماج پر سموري ڪائنات بيزار هوندي آهي.
* زندگي ۾ الائي ته ڪيتريون ڳالهيون درگذر ڪرڻيون پونديون آهن.
* اسان، دنيا داريءَ جي نالي ۾ هر روز پنهنجي ضمير جو قتل ڪريون ٿا.
* ماڻهن کي نه رڳو سوشل ميڊيا تي اَنفرينڊ، اَن فالو، بلاڪ ۽ ڊليٽ ڪيو ويندو آهي، پر ڪجهه ماڻهن کي زندگي مان به اَنفرينڊ، بلاڪ ۽ ڊليٽ ڪرڻو پوندو آهي.
* جنهن محفل ۾ ويهندي مَن ۾ مونجهه پيدا ٿئي، ان محفل کان جيترو جلد پاڻ کي الڳ ڪجي، ايترو بهتر ٿيندو.

