ادب

ڊائري جا ورق ڀون سنڌي  

گل انهن تي چاڙهبا آهن جن ۾ پنهنجي سڳنڌ ناهي هوندي ۽ جيئن ئي اهي گل ڪومائبا آهن تيئن سندن نالو به قبر داخل ٿي ويندو آهي. تنهنڪري او منهنجا پيارا محبوب! منهنجي قبر تي گل نه چاڙهجانءِ.

***

”منهنجي وڏي ۾ وڏي خوشي؟“

”جڏهن تو ۾ مون جهڙو فنڪار جنم وٺي.“

***

گهگهه اونداهي ۾ ڪپڙن ۾ هجين يا اگهاڙو- فرق نٿو پوي.

***

ڪير به جڏهن سج کي بندوق ڏيکاريندو آهي ته مان کلي ڏيندو آهيان.

***

بزرگ! مون کي تنهنجي نصيحت جي ضرورت ناهي مون ککر ۾ کڙو ڄاڻي واڻي هنيو آهي.

***

او جهانگي! ڏُور ڀِٽن ۾ هو اجنبي جو گيت جهونگاري رهيو آهي، جيڪر ان کي ڄاڻي وڃين ته پنهنجي مهانتا ۾ پڪ ٿي وڃنئي.

***

زاهد! مون کي مئڪدي وڃڻ کان نه روڪ، هي بابهين جو گهر ڪونهي.

***

هي جا شفق جي ڳاڙهاڻ ڏسين ٿو سا شفق جي ڳاڙهاڻ نه، پر ڪنهن سندري جا ميندي رتا هٿڙا اٿئي، آئون انهن هٿن ۾ خنجر ڏيڻ آيو آهيان.

***

ڀٽائي چيو هو ته، ”مون جا ڪُني چاڙهي آهي، ان جو ڍڪڻ سچل لاهيندو.“

مون انهيءَ ڪُني جو ڀت ورهايو آهي.

***

نفرتن جا 364 ڏينهن ۽ محبت جو فقط هڪ ڏينهن، آخر ايئن ڇو؟

آ ته جڳ ۾ روزانه محبت جو ٻج پوکيون ۽ پوءِ محبت لڻون ۽ ايئن ئي محبت جو نسل وڌائيندا هلون. (ويلنٽائن ڊي تي لکيل).

***

سڪل ٺوٺ ۽ اڃايل ڌرتي اداس ۽ ويران مئڪدي جي خالي جام جيان آهي، جنهن ۾ رمندا بادل ساقي بڻجي مدهوش مئه سان ڀرپور بوند بوند اوتي رهيا آهن. اچ ته ان مئي مان سُرڪ ڀريون ۽ ڌرتي جي دل ۾ جيئون. (ملهار مند مبارڪ).

***

تنهنجي نئين ڪتاب جي اچڻ جو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي. تخليقڪار جي نئين ڪتاب جو مارڪيٽ ۾ اچڻ ايئن آهي جيئن محبوب جو ورهين لاڪون شهر ۾ اچڻ. (ناول نگار حيدر درياهه ڏي لکيل).

***

باعمل ماڻهو ڪري ڏيکاريندا آهن، جڏهن ته بي عمل/بي همت ماڻهن جو سمورو زور فقط صلاحن/تجويزن تي هوندو آهي.

***

ماڻهو محبوب جي حاصلات تي سمجهندو آهي ته هن محبت کي ماڻي ورتو آهي، پر اصل ۾ محبت هن کي پنهنجي آغوش ۾ وٺي چڪي هوندي آهي.

***

انسان جي سوچن جي اڏام/پرواز جي سگهه انسان جي جسماني سگهه کان وڌيڪ سگهاري آهي.

اهو منهنجو خواب ناهي، پر مون کي يقين آهي ته هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جڏهن انسان جسماني طور به سوچن جيترو سگهارو هوندو.

***

پنهنجي اندر جي باهه سان ڪنهن جي دل جا کيت نه جلائي، پر ان کي سورج جيان محبت جي تپش ۾ تبديل ڪري اجڙيل کيت پچائي.

***

هنگلاج لافاني حسن جو آستان جتي زندگيءَ جو سج ٻڏي ئي نٿو.

***

جيتوڻيڪ اسر ويل جي هڳاءُ سان ڀريل هير ۾ آيل ننڊ تمام مٺي ۽ سحر انگيز هوندي آهي، پر آزاديءَ جي لهر جو رس اڃان به اڳتي.

***

هو مون کي منفي (-ve) ذهن جو ماڻهو سمجهي ٿو،

ان جو منطق جي حساب سان جواب ٿيو ته آئون مثبت (+ve) ذهن جو ماڻهو آهيان.

***

ڪوشش ڪري وڏا ڏک وساريو، پر ننڍڙيو خوشيون هميشه ياد ڪريو، جيڪي نه صرف توهان کي سندرتا جي سفر تي وٺي وينديون، پر جيون ۾ اتساهه به وڌائينديون.

***

مان مڃان ٿو ته مان توکان سواءِ مڪمل ناهيان، پر تون به مون کانسواءِ مڪمل ڪٿي آهين؟

***

مئٿيمئٽڪس يا لاجڪ جي حساب سان 1 + 1 = 2 پر پيار جو جواب ئي الڳ آهي 1 heart+ 1 heart= 1 heart

تڏهن ته مان چوندو آهيان ته پيار جو پنهنجو منطق آهي، ڀلي توهان ان کي قبول ڪريو يا نه.

***

جيئو ۽ جيئڻ ڏيو، عام طور تي ڪمزورن جو نعرو آهي. جڏهن ته طاقت جي نشي ۽ غرور ۾ مبتلا شخص هاٿيءَ جيان هر شيءِ کي لتاڙيندي ڪنهن جي پرواهه نه ڪندا آهن.

پر پوءِ به ان نعري جي سگهه کان انڪار ڪري نٿو سگهجي ۽ وقت تبديل ٿيڻ تي پاڻ کي سگهارا سمجهندڙ ان نعري جي بيک وٺڻ تي مجبور ٿي پوندا آهن.

***

جي اسين نفرتون سانڍي سڪون سان جيءُ نٿا سگهون ته پوءِ ڇا اسين بيوقوف آهيون، جيڪي پنهنجي زندگيءَ کي مختصر ڪري رهيا آهيون؟

***