ڊائري جا ورق ڀون سنڌي | # جنوري 2022
رات ڪيڏي نه ڪاري ۽ ڀيانڪ هئي، پر پوءِ به تارن ۾ ڪيڏي نه سونهن ۽ روشني هئي. جيتوڻيڪ ڪاري رات کيس ڳڙڪائڻ لاءِ پنهنجا هٿ ڦهلائي ڇڏيا هئا ۽ سندس سڀ رشتا ۽ واهون بند ڪري ڇڏيون هيون، پر پوءِ به روح جي گرميءَ سان خواهش جو رستو وٺي هو ستارن جي منڊل ۾ نيٺ پهچي ئي ويو. ان رات خوب ماڪ وٺي هئي. صدين کان اجهاڻل ۽ اڃايل رابيل پنهنجا چپ کولي ڇڏيا هئا ۽ ڌرتيءَ جي نس نس ۾ امرتا ۽ سڳنڌ واسجي وئي هئي.
***
مان گلابي چپن تي لکڻ چاهيان ٿو. تنهنجي سنهڙي چيلهه ۽ نرگسي نيڻن جو خاڪو چٽڻ چاهيان ٿو. تنهنجي سندرتا تي گيت چوڻ چاهيان ٿو، پر نه ڄاڻ ڇو منهنجي قلم ۾ رت ڀرجيو وڃي ۽ ڪاڳر تي بندوق جو نشان ٺهيو پوي!
***
عقيدي پرست جي سوچ هڪ دائري ۾ ئي گهمندي رهي ٿي. هو ان دائري کان ٻاهر نٿو نڪرڻ چاهي. ڇاڪاڻ ته هن کي سدائين اهو ڊپ رهي ٿو ته ايئن ڪرڻ سان هو ڀٽڪي ويندو يا وڃائجي ويندو ۽ واپس نه موٽي سگهندو.
***
هڪ ادبي پروگرام ۾ حسن درس کي مون چيو: ”تون هيڏو وڏو شاعر آهين، توکان ڪڏهن صدارت ڪرائيندا؟“
هن چيو: ”جڏهن اهي بزرگ اديب مرندا. هو فقط پاڻ کي ئي برک اديب سمجهن ٿا حالانڪه هو ڪڏهوڪا سنڍ ٿي چڪا آهن تڏهن به هو اسان کي ليکين ڪونه ٿا.“
اڄ حسن درس اسان ۾ موجود ناهي، پر ادبي پروگرامن ۾ حسن درس تي ڳالهائڻ هنن جي مجبوري آهي. هو حسن تي ڳالهائي پنهنجو قد بت وڌائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر حسن درس انهن کانپوءِ به مٿي بيٺو آهي.
***
ماءُ جي پيرن هيٺان سرڳ آهي. اهو مقدس ڪتابن ۾ لکيل آهي، پر اسان جي سماج ۾ ماءُ جي سر مٿان مرد جي جتي آهي.
***
ڪتابن جون لذتون حسين چهرن جي چمين کان وڌيڪ مقدس هونديون آهن. خبر ناهي ته اهو ڪنهن چيو آهي، پر مان ان سان متفق ناهيان. منهنجي نظر ۾ ڪتابن جون لذتون ۽ حسين چهرن جون چميون هڪڙي ڳالهه آهن.
***
ڪرسٽينا ڊي اسٽيفئنو (Cristina Stefano) اٽلي ڄائي جڳهه مشهور صحافڻ، ليکڪا اوريانه فلاسي (2006-1925) جنهن دنيا جي نالي وارن ليڊرن ڪرنل قذافي، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين جا انٽرويو ڪيا جي سوانح تي ڪتاب ۾ لکي ٿي ته هڪ دلير، نڊر، منهن تي سچ چوندڙ عورت اوريانه فلاسي جڏهن Alexos Panagoulis سان پيار جا پيچ اٽڪايا ته هوءَ ان پيار ۾ سڀ ڪجهه وساري ويٺي ۽ نرم دل ٿي پئي ۽ هن جي لاءِ قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو اڳي ئي شادي شده هئڻ ڪري هن سان شادي نه ڪري سگهيو، پر اوريانه پنهنجو سڄو اسٽيٽس ۽ پيشو هن لاءِ ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي وئي. هن کي هڪ عاليشان گهر به گفٽ ڪيائين. اسان وٽ اڪثر محبوبائن کي عاشق گفٽ ڪندا آهن، پر هتي قصو ئي ابتو هو. جيڪڏهن اوريانه جي شادي ٿي وڃي ها ته شايد اسان وٽ اها نڊر ۽ بيباڪ اوريانه نه پر هڪ گهريلو قسم جي عورت اوريانه هجي ها، شڪر آهي جو ايئن نه ٿيو. شيڪسپيئر چوي ٿو ته عورت تنهنجو ٻيو نالو بيوفائي آهي. مان چوان ٿو ته اهڙي جينيس عورت جي محبت ۾ پنهنجو پيشو، اسٽيٽس ۽ ٻيو سڀ ڪجهه ڇڏي گهريلو عورت ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ته ان کي ڇا چئجي؟ فقط ۽ فقط محبت!
تنهنڪري آئون چوندو آهيان ته عورت تنهنجو پهريون ۽ آخري نالو محبت ۽ فقط محبت آهي.
***
پير صاحب چيو: ”ڇورا مشين سان هٿ چراند نه ڪر، هي خراب آهي توکان ڪونه ٺهندي، مستري ٺاهيندو. نوجوان چيو: جي هيءَ خراب مشين مستري ٺاهيندو ته تون بيمارين جو تعويذن ذريعي ڪيئن ٿو علاج ڪرين، جڏهن ته اهو ڪم ڊاڪٽر جو آهي؟“
پير صاحب غصي ۾ بخيل ٿيندي چيو، ”ڇورا اوهين ڪافر آهيو ڪونه سڌرندا.“
***
سڌريل قومون پنهنجن ڏاهن ۽ جينيس ماڻهن (مثال طور شيڪسپيئر، گوئٽي وغيره) جي نالي ۾ درسگاهون (School of thought) جوڙينديون آهن جتان شعور جي آبياري ٿيندي آهي.
جڏهن ته اڻ سڌريل قومون پنهنجن ڏاهن ۽ جينيس ماڻهن (مثال طور شاهه لطيف، بُلي شاهه وغيره) تي مقبرا جوڙائينديون آهن جتان ڌيءَ پڻ ملڻ ته پري جي ڳالهه، پر اڳوڻو سوجهرو به چٽ ٿي ويندو آهي.
***
جيئن جيئن سماج زرعي نظام کان صعنتي (مشيني) انقلاب ڏانهن وڌندو، تيئن تيئن لوڪ ادب جي سرجڻ جي رفتار گهٽبي ويندي. مثال طور ماٽيءَ ۾ جهرڻو هلائيندي يا جنڊ ۾ ان پيسيندي سگهڙ عورتون جيڪي پنهنجي دردن جي داستانن کي گيتن ۾ سموئينديون هيون سي ميڪسي يا چڪي جي اچڻ سان پنهنجي افاديت وڃائي رهيا آهن يا هر جي ذريعي ٻني کيڙڻ يا گاهه ڪڍڻ يا لابارو ڪرڻ وقت هاري جي چپن تي جيڪي گيت سرجندا هئا ۽ کيتن ۾ جهونگاربا هئا سي ٽريڪٽر، ٿريشر ۽ ٻين جديد مشيني اوزارن جي اچڻ سبب تخليق ٿيڻ بند ٿي رهيا آهن. ڇاڪاڻ جو جديد مشينن جي رفتار ۽ ڪم ڪرڻ جي الڳ نوعيت سبب عام ۽ روز مره جي زندگي ۾ ۽ ڪم لاءِ ايترو وقت ۽ ماحول به ميسر نه رهيو آهي ۽ ان ۾ تيزيءَ سان تبديلي به اچي رهي آهي. ڀلا ليپ ٽاپ، موبائل يا ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندي ڪهڙا گيت سرجندا؟ ڪهڙي وني سڄڻ جون سارون ڪندي اولاڻا ڪڍندي يا گيت گنگنائيندي هونئن جيڪي ڳوٺن جي کرن کيتن، واهن وسندين يا جهوپن ۾ شادي مرادي يا ٻين ڳوٺاڻين ريتن رسمن جي ماحول ۾ جنم وٺندا هئا. جديد مشينري جي داخل ٿيڻ سان ۽ زرعي سماج کان صنعتي سماج ڏانهن تيزي سان وڌڻ سان اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن اسان جو لوڪ ادب به ماضي ۾ رهجي ويندو ۽ فقط عجائب گهرن ۾ محفوظ رهجي ويندو.

