خاصڪهاڻيون

ڪهاڻي حق معاف

ڪهاڻي

حق معاف

انور شيخ

“اَڙي، شرم ڪونه ٿو اچيوَ، رات کان وٺي ٿو ايلاز ڪيانوَ”

“اڙي اَبا، تون سمجهين ڇو نٿو؟ يَرَ هن عمر ۾ ايڏي ضد!” مراد پنهنجي ڪراڙي پيءُ وزير کي چيو. جيڪو سياري جي منجهند جو اُس ۾ سيني تائين سوڙ پايو ستو پيو هو.

“اڙي قيامت ڪاري ٿيندءِ، اڄ سڀاڻ تي آهيانء.ِ” وزير پٽ کي رسامي وارو دڙڪو ڏيندي چيو.

مراد پيراندي کان اچي ويٺس ۽ ڄنگهن کي زور ڏيندي چيائينس “اَبا، تنهنجي طبيعت ۽ عمر هاڻي اها ناهي رهي. هرو ڀرو پاڻ به تڪليف ۾ ايندين، اَسان جو به مزو وڃائيندين.”

“مراد! مان آخري ڏينهنِ ۾ ٿو هلان. توهان کي عمر پئي آهي مزا ماڻڻ جي. ٻيلي، منهنجي ساههَ کي ائين نه سڪايو.” وزير ايلازي انداز ۾ پنهنجي پٽ مراد کي چيو.

ڪوٺيءَ مان شاهد، جيڪو وزير جو ننڍو پٽ هو، سو وڏن تيل لڳل آلن وارن کي ڇنڊيندو ٻاهر نڪتو ۽ پيءُ کي چيائين:

“ابا! اڄ پهريون ڏينهن آهي. گهڻي رش هوندي. توکي اُتي ڪيئن سنڀالينداسون.”

”اهوئي ته مان سمجهايانس ٿو. هر شوق جي به عمر هوندي آهي. هاڻي هن جي عمر الله الله ڪرڻ جي آهي ته ڪو مولا سائين راضي ٿي ڪا عاقِ پَتِ چڱي ڪريس.” مراد پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي چيو.

“اڙي ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪيو. مان ڪهڙا خون ڪيا آهن يا پرايا حق کاڌا آهن، جو منهنجي عاقِ پَتِ خراب ٿيندي.” وزير ڪاوڙ ڪندي پٽن کي چيو.

“هو جيڪو ڳاڙهن گوگائي مرچن جو اڌ پاءُ اڳري ويو هئين. اهو ڇا ثواب لاءِ کاڌو هُيُئي؟”

ٻن ڪوٺين واري ڪچي گهر جي ورانڊي ڀرسان چلهه تي چانورن جي ماني تئي تي وجهندي مراد جي زال مرڪي ڏنو. شاهد جي زال کان ٽهڪ نڪري ويو جيڪا آئينو ڦڻي کڻي مڙس جي ڀرسان اچي بيٺي هئي.

وزير ڪجهه گهڙيون مرڪندي کنگهڻ لڳو. سينو پراڻي وليز جيپ جي بانَٽَ جيان ڏڪڻ لڳس. عضون جي پيڙا تي پراڻي سار جي خوشين کي حاوي ڪندي چپن تي تري آيل مرڪ کي برقرار رکندي چيائين:

“اها ته عشق جي آزمائش هئي. واهه جا اُهي به ڏينهن هئا. مرحوم صالح دڪاندار چيو هو، جي صبيحه خانم جو سچو عاشق آهين ته اڌ پاءُ مرچن جو ڦڪو هڻي ڏيکار. بس پوءِ مان ڇا ڪيان ها. اهو ته شرط سولو هو. جي اڃان به ڪو ڏکيو ڪري ها ته به پاڻ ٿورئي لڄايان ها.”

وزير، پنهنجي ڪنڌ کي مٿن کان رکيل وهاڻي طرف سوريو ته  شاهد ڪلهن کان وٺي ٻيو وهاڻو ڏئي ٿورو مٿڀرو ڪري ٽيڪ ڏئي ويهاريس. ويهندي آرام محسوس ٿيس ته وري پٽن کي چيائين “جوانيءَ ۾ صبيحه ۽ وري پوئينءَ وهيءَ ۾ شبنم وڻ وڄائي ڇڏيا آهن. جڏهن کان توهان “دل لڳي” فلم جي لڳڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ته آرام ڪونه ٿو اچي.”

“پر ابا، ڪاٺ جي ڪرسيءَ تي ٽي چار ڪلاڪ ڪيئن ويهي سگهندين؟” مراد چيس.

رڙ ڪري چيائين “اڙي، صبيحه خاطر مرچ کاڌا هئم، شبنم لاءِ ٽي ڪلاڪ ويهڻ وڏا آهن؟ مون کي ڇڙو وٺي هلو، پوءِ آزمائي ڏسجو.”

ٻئي پٽ سوچن ۾ پئجي ويا ته نماڻي آواز ۾ چيائين “جوانيءَ کان وٺي فلم ڏسڻ جو شوقين رهيو آهيان. شهر جي ٽنهي سئنيمائن ۾ لڳندڙ ٽئي فلمون جيستائين ٽي ٽي دفعا نه ڏسندو هئس، تيستائين چينُ نه ايندو هو.”

ٿڌو شوڪارو ڀريندي وري چيائين “پنهنجي اٽي جي چڪي هوندي هئي، روزيءَ جي پرواهه نه هئي. پنهنجا پير ۽ پنهنجي سوچ سالم هئي ته مرضي به پنهنجي هلندي هئي. پر هاڻي پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ جڏهن بيمارين بستري داخل ڪيو آهي، تڏهن کان ڪي ڏينهن ٿيا آهن فِلِمَ ڏٺي. اڙي هڪ دفعو فلم ڏيکاري اچو باقي مان توهان کي زندگيءَ جا سڀ پنهنجا حق معاف ٿو ڪيان.”

ٻَئي پٽ، پيءُ جي هن عمر ۾ اهڙي خواهِش اڳيان مجبور ٿي پيا ته اٿي ٻنهي ڄڻن پيءُ کي تيار ڪيو. پيتيءَ مان نئين اڇي وائل جي قميص ۽ ڪمرڪ جي سٿڻ ڪڍيائون، ته وزير ڦندڻ واري اڳٺ وجهڻ جو چَيُنِ. منهن ۽ مٿي کي تيل مکي ڦڻي ڏئي پيءُ کي ائين تيار ڪيائون، جو وزير جو ڪمزور منهن ٻهڪي پيو.

وهاڻو کڻي گڏهه گاڏي تي پيءُ کي کڻائي پلازه سئنيما تي وڃي پهتا. سيڪنڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ وٺي پيءُ کي وچئين سيٽ تي وهاڻي جي ٽيڪ ڏيارائي ويهاريائون. ٻنهي پاسن کان ڀروارين سيٽن تي ٻئي ڀائر ويهي رهيا.

فلم شروع ٿي ته سئنيما هال ۾ سيٽيون وڄي ويون. پاڻ جهڙي غريب نديم سان امير شبنم جي محبت ماڻهن کي مُوهي وڌو. هال ۾ موجود هرڪو نديم لڳو پيو هو. سڀني جي محبوبا شبنم هئي. سحر طاري هو هر ماڻهوءَ جي من تي.

شاهد ۽ مراد تي، شبنم جي شرافت، سونهن ۽ پاٻوهه اهڙو ته اثر ڪيو جو هنن اکين کي ڇنڀڻ کان ئي روڪي ڇڏيو ته مباده ڪا شبنم جي حرڪت ڏسڻ کان رهجي نه وڃن.

ساڙهي پاتل شبنم جڏهن گانو ڳائيندي ڦيرو پئي پاتو ته هي ٻئي هن جي ساڙهيءَ جي پاندن ۾ ٻڌجي پئي ويا. اهو سڄو وقت هي ايترو ته فلم ڏسڻ ۾ محو رهيا، جو هنن کي اهو به ياد نه رهيو ته ڪراڙو بيمار پيءُ به هنن سان گڏ آهي.

جڏهن انٽرويل جون بتيون ٻريون ۽ سئنيما هال روشن ٿيو ته ٻنهي کان اهو ڏسي ڇرڪ نڪري ويو ته هنن جو بابو هاڻي هن جهان ۾ نه رهيو هو. جيڪو ننڍڙي لاءِ ٻنهي پٽن کي سينگاري ٺاهي آڱرين کان وٺي فلم ڏيکارڻ وٺي ايندو هو. اڄ اهو سئنيما هال جي ڪاٺ واري سيڪنڊ ڪلاس جي ڪرسيءَ تي پنهنجا پساهه پورا ڪري چڪو هو!

شاهد مراد کي چيو: “ادا، بابو ته مري ويو.”

مراد ڪجهه دير حيرانيءَ مان پيءُ ۽ ننڍي ڀاءُ کي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ ڏکارو ٿيندي چيائين: “ها ادا.”

ماڻهو فلم تي تبصرا ڪندي ڇولا، سموسا ۽ ٻيون مختلف شيون کائي رهيا هئا. فلم جو ايندڙ حصو ڏاڍو ڇرڪائيندڙ هو. ٻنهي ڀائرن شبنم جي آخري ڊائلاگن جو ڏاڍو هُلُ ٻڌو هو. انڪري فلم کي اڌ ۾ ڇڏڻ ڏاڍو مشڪل پئي لڳن.

هڪ طرف پيءُ جو لاش پيو هو، ٻئي طرف فلم جو بقايا حصو هو. هڪڙي پاسي پيءُ جون مرده بي جان اکيون هيون ته ٻئي پاسي شبنم جون مرڪندڙ نظرون هيون. بي حرڪت زندگي ۽ روان دوان جيون ڪهڙي پاسي ٿيڻو هو، فيصلي جي ڏکي گهڙي هئي. مراد شاهد جي منهن ۾ ڏسندي چيو “ٽي ڏينهن تڏو هلندو.”

“ٽن ڏينهن کان پوءِ به چاليهي تائين ماڻهن جي اکين ۾ هونداسين.” شاهد چيس.

مراد پڇيس “پوءِ ڇا ڪيون؟  تيستائين فلم ته لهي ويندي. وري الاءِ ڪڏهن لڳي.”

ڪجهه دير ٻئي ڀائرخاموش ٿي ويا ۽ پوءِ شاهد، مراد کي چيو “ڪنهن کي ڪهڙي خبر پوندي. ڪلاڪ ڏيڍ ۾ آئي وئي ڇا……”

سئنيما هال جون لائيٽون آف ٿي ويون. ماڻهن سيٽيون وڄايون. شاهد پيءُ جون پٽيل اکيون هٿن سان بند ڪيون. مراد پيءُ جي منهن تي پنهنجي ڪلهي تان رومال لاهي وجهي ڇڏيو.

ٻنهي پنهنجون اکيون سئنيما هال جي پردي تي ڄمائي ڇڏيون. مراد فلم ڏسندي چپن ۾ ڀڻڪيو “بابي ته هونءَ به ڪري ڇڏيا آهن سڀ حق معاف…..”