ڪورونا وڌيڪ هڪ سئو ستٽيهه مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، پنج هزار کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ
ڪورونا وبا سبب اڄ 137 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. جڏهن ته تقريبن ساڍا 5 هزار هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 60 هزار 002 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کانپوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 11.272.53 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 5 هزار 445 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 766.862 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 73 هزار 466، پنجاب ۾ 2 لک 73 هزار 566، خيبر پختونخواهه ۾هڪ لک 7 هزار 309، اسلام آباد ۾ 70 هزار 609، بلوچستان ۾ 21 هزار، آزاد ڪشمير ۾ 15 هزار 741 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 191 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 83 هزار 296 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 4 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 137 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کانپوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل طور تي انگ 16 هزار 453 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 4 هزار 286 مريض صحتياب ٿيا جنهن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 667.131 ٿي ويو آهي.

