آءِ ايم ايف بورڊ پاڪستان کي هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالر قرض جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان سان اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي. عالمي مالياتي فنڊ جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان سان اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري ڏني وئي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف بورڊ پاڪستان کي تقريبن هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالر جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني ۽ قرض جي اها رقم آءِ ايم ايف پاران هن ئي هفتي پاڪستان کي منتقل ڪئي ويندي. ٻئي پاسي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل آءِ ايم ايف بورڊ پاران قرض جي منظوري جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته الحمد الله آءِ ايم ايف بورڊ فنڊ واڌ واري سهولت جي منظوري ڏئي ڇڏي. سندس چوڻ هو ته اسان کي هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالرن جي ستين ۽ اٺين قسط ملي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم جو گھڻا ڏکيا فيصلا وٺڻ تي ٿورا مڃڻ گھران ٿو، وزيراعظم جو پاڪستان جو ڏيوالو ٿيڻ کان بچائڻ تي ٿورو مڃڻ چاهيان ٿو. وفاقي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت ترين جي پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي ناڻي وارن وزيرن سان گفتگو ليڪ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارن ڪريل حرڪت ڪئي جنهن جو آرڪيٽيڪٽ شوڪت ترين آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments