ڀارتي وزيراعظم پاران پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهي تي افسوس
ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي طرفان پاڪستان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباهي تي ڏک ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ نريندر مودي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جون تباهه ڪاريون ڏسي دلي ڏک پهتو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن ٻوڏ متاثرن، زخمين ۽ فوتين جي پونئرن سان ڏک جو اظهار پڻ ڪيو. ڀارتي وزيراعظم اميد ظاهر ڪندي چيو ته متاثر جلد معمول واري زندگي ڏانهن موٽي ايندا.

