آءِ ايم ايف جي پاڪستان کي قرض ڏيڻ جي سفارش
عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف ڇهين جائزي تحت ڳالهين ٻولهين کانپوءِ پاڪستان کي هڪ ارب پنج ڪروڙ نوي لک ڊالر قرض ڏيڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ اسٽاف ليول ايگريمينٽ ٿي ويو آهي، رقم جاري ڪرڻ جو حتمي فيصلو آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ ڪندو. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته قرض پروگرام جي بحالي پهرين ڏنل شرطن تي عمل درآمد سان مشروط هوندي. آءِ ايم ايف مطابق حڪومتي ادارن مان ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻو هوندو. جڏهن ته ويهه سيڪڙو ٽيڪس ۾ اضافو ۽ ٽيڪس ۾ ڏنل ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌيو آهي رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي آئي آهي، هلندڙ سال جي ڊي پي گروٿ 4 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿيڻ جو امڪان آهي. اعلامئي مطابق پاڪستان جون تائين ڪارڪردگي جا وڏا هدف وڏي مارجن سان پورا ڪري ورتا آهن. عالمي مالياتي اداري طرفان فيٽف پلان تي عمل درآمد، ايف بي آر ۽ اسٽيٽ بينڪ جي ڪارڪردگي جي به تعريف ڪئي وئي آهي.