آءِ ايم ايف قرض جا پئسا نٿو ڏئي: آرمي چيف جو آمريڪا کي مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ درخواست

1433 Shares

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آمريڪا کي پاڪستان لاءِ قرض جي رقم جلد جاري ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف تي دٻاءُ وجهڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب آرمي چيف آمريڪي نائب پرڏيهي وزير وينڊي شرمين سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران آرمي چيف چيو ته وائٽ هائوس ۽ ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف تي دٻاءُ وجهي ته جيئن عالمي مالياتي ادارو پاڪستان کي تقريبن هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر جاري ڪري. پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي وائٽ هائوس کان اپيل ڪئي وئي آهي ته آءِ ايم ايف کي 1.2 ارب ڊالر جي قرض جا پراسيس تيز ڪرڻ جو چيو وڃي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ مالياتي حالتون بهتر ناهن. واضح رهي ته آءِ ايم ايف 13 جولاءِ تي پاڪستان سان اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري ڏني هئي، پر پئسا اڃان تائين جاري ناهن ٿي سگهيا.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments