پاتار! عزمي رشيد April 2021
پکي پنهنجن آکيرن ڏانهن اُڏاڻا. چارئي ڏسائن ۾ ماٺ جو واسو. رڙهندڙ زندگين جا پاڇا گهرن ۾ ايئن الوپ ٿي ويا آهن، جيئن ڪو سِڪو ڀانڊاري جي پيٽ ۾ ڪري پوي! جُڳن کان چيڀاٽيل لاشن جو بار کڻندڙ، تَپي ٽامو ٿي ويندڙ ڏامر جي ڪاري واٽ، ٿڪل ٿڪل… جنهن تي هُو، لُنڊي چادر تاڻي ستو پيو آهي، ڇِڪي ته پيرن وٽان هوند اُگهاڙو، تنهنڪري ڏوڙو ٿي ستل. سيءُ ڪاڻ بدن ٿَڙ ٿَڙ ڪنبندڙ!
“چار سئو هڪڙا…. چار سئو ٻيا…”
“ٿيا…. اٺ سئو….”
“۽….”
“۽…. ۽…. باقي ٻه سئو…”
“ها…”
“۽.. اَ.. اَ.. ۽…”
اوچتو، ڪنبندڙ ڄاڙين جي وچ ۾ زبان اچي ويس، هُن هلڪي دانهن ڪئي، سندس زبان مان رت وهي آيو. رت کيس گرم گرم، فرحت بخش محسوس ٿيو… گرم چانھ جي سُرڪيءَ سمان ڪو وڻندڙ احساس، سندس سَرير ۾ ڪرنٽ جيان پکڙجي ويو. چاھيائين ٿي ته: هُو گرم گرم، نمڪين رت پي ڇڏي، پر رت جي بوءِ جھڙو احساس سندس حواسن تي ڇانئجي ويل. هُن پاڻ کي رت جي دُٻي ۾ ليٿڙيون پائيندي محسوس ڪيو… ڪراهت مان رت چوسي، هن ٿُڪ اُڇلي، رت گاڏڙ ٿُڪ ڀِت سان چنبڙي سندس زندگيءَ جيان ڊگهي ٿيندي ٿي وئي.
“هوبهو منهنجي زندگيءَ جيان… ڪو سبب نه هوندي به وڌي رهي آهي، بيهي نٿي رهي!… جياپو لازمي آهي ڇا ڀلا؟”، هُن ڀُڻڪيو، مُک تي مرڪ تري آيس: هر جذبي کان خالي صرف ۽ صرف مَڪينيڪل مرڪ. هُن چادر ۾ مُنهن لِڪايو، تڏهن ئي کيس شدت سان احساس ٿيو ته، سيءُ ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي ۽ چادر سيءُ کي لڱن ۾ پيهي وڃڻ کان ڪٿي ٿي بچائي سگهي. ان ئي ويل سندس ذهن تي ڪي ڌُنڌلا، اڻ چِٽا عڪس تري آيا!
فِزڪس جو ڪلاس، بِليڪ بورڊ تي لکيل آهي:
Gravity; The attractive force which causes all the bodies move towards the centre of earth.
”سائين، سمجھ ۾ ڪونه آيو”، هو سوال ڪري ٿو. سندس هم ڪلاسي مٿس، واڇون ٽيڙي کِلي رهيا آهن… هوءَ به کلي پئي.
“ڇِڪ… ڪشش…” Attraction Simple، استاد وراڻي ٿو.
هو لَڄي ٿي ويهي ٿو رهي… هو، هُن ڏانهن ڏسي ٿو. هوءَ مرڪي پئي جنهن ڪاڻ سندس ڳلن ۾ ڀَنور پئجي ويا آهن… شديد سردي ڪاڻ سندس وات کوريءَ جيان دُونهون اوڳاڇيندڙ. هوءَ کيس دنيا جي سڀ کان وڌيڪ پرڪشش ڇوڪري ٿي لڳي، “پرڪشش”Attract..i..v..e …Attractive ڄڻ هو استاد جي ڳالھ سمجهي ٿو وڃي…
اوچتو، لَپاٽ ڪِياڙيءَ تي لڳڻ ڪاڻ، خيالن جو تسلسل ٽُٽي ويس… هو خيالن جي انڊلٺي دنيا مان نڪري حقيقت جي دنيا ۾ اچي ويو.
“چ! مُئا مڇر…. مار پَوين”
سندس چؤڦير مڇرن جو وسيرو ٿي ويو هو!… ڪنن ۾ ڀُونڀاٽ هئس.
“ڀون… ڀون…”
“ڀون… ڀون… ڀون…”
“ڀون….”
“آئون به ڪيڏو نه احمق هئس تڏهن… گِريوِٽي جو تصور ئي اونڌو ڪري ڇڏيو هئم. سا به خبر نه هئم ته اها مادي شين لاءِ آهي”، هو پنهنجي احمقپڻي تي مُرڪيو. کيس پنهنجي پاڻ تي جَک اچي رهي هئي. هو پنهنجي وڌِيل نُنهن سان، سندس چمڙيءَ کي کُرڙي رهيو هو!
“جيون ۾ ڪوبه ڪلائميڪس ناهي رهيو… سڌو رستو آهي بس جنهن تي نه چاهيندي به هلي رهيو آهيان. ڪو موڙ به ته ڪونهي جيڪو جيون کي ڪا معنيٰ ڏي… بي سُڌ، بس خاليپڻو ۽ خاليپڻي جي ٽِياس تي ٽنگيل آئون…”، هن من ئي من ۾ ويچاريو. کن لاءِ ماٺ ٿي وئي هئي. گِرد ۾ وڻن جا پَن کُڙڪڻ جا آواز ٿي ٻُريا… هُن جي دل هڏائين پڃري ۾ زخمي پکيءَ جيئن لُڇي رهي هئي، دل جي ڌڪ ڌڪ جو آواز سندس ڪنن ۾ ڪَنڊن جيان چُڀي رهيو هو. ماٺ، چُپ چُپات ۾ سندس دماغ ڄڻڪِ موڳو موڳو، ٽِن ٻُڙين ۾ ڦرندڙ. هو سوچي سوچي ٿڪجي پيو هو. اوٻاسي آيس، خالي خالي ننڊ کان. هُن اکيون ٻوٽي ڇڏيون، اکين ۾ ڪاري ٻاٽ پکڙجي ويل. هُن سمهڻ جي هٿرادو جاکوڙ ڪئي… هو هر ڀيري ناڪام ٿي ٿيو، پر ڪوشش نٿي ڇڏيائين…!
“هڪ اک بند، ٻي اک کليل…”
“کليل… بند… کليل… بند…”
هُن ڏٺو: اندر اونداھ… ٻاهر اونداھ… اونداھ… چارئي ڏسائن ۾ ڪاري ٻاٽ جو گهيرٽ ڦُلارجندڙ. سندس نڙي سُڪي، ٺوٺ ٿي وئي هئي. ساھ ۾ مُونجھ ٿيس، ساھ ۾ هانڀارا… تڪڙا تڪڙا ساھ کڻڻ ڪاڻ سندس ڏُٻري، سُسيل ڇاتي ۾ هلڪا اُڀار ٿي اُڀريا… “گِريوِٽي شين کي ڌرتيءَ جي گولي تي هلندو رهڻ جو سبب مهيا ڪري ٿي… ڪاش! اها جيئڻ لاءِ به ڪا ڇِڪ پيدا ڪري سگهي ها”، سندس من پاتار مان ڄڻڪ ريھ نڪتي. کيس ڪاوڙ آئي، پر ڪجھ به ڪري نٿي سگهيو. ڪاوڙ ۽ لاچاري جي گڏيل احساس سان ڄڻڪ سُرٻاٽ ڪيائين، “اڻ ٿئڻو، سڀ ڪجھ اڻ ٿئڻو آهي… جيون بڪواس آهي!”
هُن پاسو ورايو، هڪ ئي منظر ڏسندي ڏسندي… سندس اکيون ڄڻڪ پٿرائجي ويل، محسوس ٿيس ته، ڪاري ٻاٽ سندس اکين ۾ ايئن پيهندي ٿي وڃي، جيئن ڪڏهن هُو آفيس لاءِ دير ٿي وڃڻ ڪاڻ ماڻھن جو سمنڊ اورانگهيندو، بس ۾ پيهي ويندو هو. هُن هر ڀيري چاهيو هو ته: هُو، ان پيڙا کي ڀوڳي، پر هڪ پيڙا آهي، جا ڀوڳڻ کانپوءِ به ڀوڳنا ئي رهجي ٿي وڃي… کيس سوچيندي اڌ رات وهامي چُڪي هئي، پر هُن کي ڪوبه فرق نٿي پيو ته رات آهي يا ڏينهن… سندس جيون ۾ ته رڳو گُھگھ اونداھ پکڙيل هئي، اڪيلائي ۽ اڪيلائي جي گهاٽي ڪوهيڙي ۾ وڪوڙيل هُو!… کيس ايئن محسوس ٿيندو هو، ته ڄڻ ڪنهن سندس جيون مان روشني ڪڍي، ڏور… ڏور، ڪٿي اُڇلي ڇڏي هجي ۽ چانھ ڇڻي وڃڻ کانپوءِ ڦوڳ وانگر، اونداھ سندس زندگي ۾ رهجي وئي هجي.
هُن پنهنجي هٿن ڏانهن ڏٺو… گدلا… وڌيل نَنهن… وکريل لڪيرون.. ته کيس سندس زال جي ياد اچي وئي.
“توهان جي زندگي واري لڪير ننڍي آهي”، پاٻوھ وچان.
“پوءِ؟”، سوال
“چون ٿا، لڪيرن جو اثر زندگي تي پوي ٿو!”، سنجيدگي سان ٽُٻ ٽار.
“نان سينس، لڪيرن جو ڇا وڃي زندگيءَ سان؟”، ڪاوڙ ڪندي.
“پر پوءِ به”
“پوءِ ڇا؟”
“ڊپ ٿو ٿيم…”
“ڇا کان؟”
“هڪ ڏينهن توهان جي، نه هجڻ واري احساس کان”، ڪا اڻ وڻندڙ پيڙا.
“اجايو پريشان نه ٿي”، ڄڻڪ آٿت ڏنائينس
“آئون، توهان کان اڳ مرڻ ٿي گهران!”، ڳنڀير لهجو.
“هي ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين، چري ٿي آن ڇا؟”، عجب جو نشان رهجي ويل.
“توهان کان بنا، زندگي جو تصور زهر ٿو لڳيم”، اکيون ڀڄي ويل.
“اهڙو تصور مون لاءِ به ته آسان ڪونهي ڪو” ماحول ۾ روئڻهارڪي ڌُن!
اوچتو، ڪُتي جي ڀونڪ سانت کي چيريندي سندس ڪنن ۾ پيهي وئي جنهن ڪاڻ، هُن کان ڇرڪ نڪري ويو. کيس محسوس ٿيو ته: ڄڻڪ هُن جي چئوڦير ڪُتا، نوس نوس ڪندا، ڄِڀون لڙڪائيندا هُن ڏانهن وڌنڌا ٿا اچن… هو اُٿيو، وساڻيل اکين سان نظر جي آخري حد تائين ڏٺائين، پر کيس گهاٽي ڪوهيڙي، واٽ جي ڪناري تي بيٺل ليمپ پوسٽ ۽ پري ڀونڪندڙ ڪُتي کانسواءِ ٻيو ڪجھ به نظر ڪين آيو.
هُن خشڪ چپن ۾ ڀڻڪيو، “زندگي، بس پيڙا ۽ پيڙا”… کيس زندگي ايئن لڳي رهي هئي، جيئن زيادتي ٿيل سندس زال جو لاش… جيڪو کيس ڪجھ ڏينهن اڳ ڪچري جي ڍير تي اڇليل مليو هو!
ان ڏينهن کان هُن جو اندر برف جيان رِجي رهيو آهي… ٽهڪ ڇرڪيل آڙين جيان سندس جيون مان اڏامي ويا آهن. هن جي اندر مان سُڏڪي جو جنم ٿيو، سندس اکين مان لڙڪ ڳڙيا، جي هُن چادر سان اُگهي، پاڻ کي ساڳي چادر ۾ ويڙهيو ته کيس ياد آيو: سندس کيسي ۾ اٺ سئو پيل آهن… جنهن مان کيس سندس لاءِ دوا وٺڻي هئي.
“اٺ سئو…”
“باقي ٻه سئو…”
“دوا…”
“زندگي… پيڙا…”
“دوا… نه کائيندين ته مري ويندين!”، هُن ڊاڪٽر جا لفظ ورجايا. اهي صرف لفظ هئا، گل جي سيني تان تِرڪي مٽي ۾ ملي ويل، ماڪ ڦُڙن جهڙا لفظ… هُو هلندو، ڏامر جي واٽ لتاڙيندو… ڪاري ٻاٽ ۾ پيهندو، اڳتي وڌندو ٿي ويو. اڳتي، اڃان به اڳتي… پاتار ۾!
***

