بلاگ

آتم ڪهاڻي داستان گل جو مختصر جائزو ڊاڪٽر ذوالفقارعلي جلباڻي | # فيبروي 2022

سنڌي زبان ۾ آتم ڪهاڻين جي ڪتابن جو ڪو ايڏو وڏو تعداد ڪونهي جنهن بابت چئي سگهجي ته هن صنف جا ڪي سوين ڪتاب آهن. اسان وٽ سڀ کان پهرين سنڌي زبان ۾ جيڪو آتم ڪهاڻي جو ڪتاب ملي ٿو، سو آهي مرزا قليچ بيگ جو ”سائو پن يا ڪارو پنو“ انهيءَ کانپوءِ ڪي چند ڀلا ڪتاب آتم ڪهاڻين جا ڇپيا آهن انهن ڪتابن ۾ محترم گل محمد عمراڻي صاحب جو ڪتاب ”داستان گل“ سن 2021ع ۾ شايع ٿيو آهي. هن ڪتاب جي شايع ٿيڻ سان سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقي وارن ۾ هڪ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي آهي. گل محمد عمراڻي صاحب، سنڌ جو هڪ سريلو ۽ صدورو فرزند آهي. سندس مذڪوره ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ اهم اضافو آهي، هن آتم ڪٿا جي مختلف ننڍن ننڍن داستانن ۾ سچا احوال بيان ڪيا ويا آهن جنهن ۾ هڪ تر جيتري به ملاوٽ نه آهي. ڇاڪاڻ جو هن آتم ڪٿا ۾ ڪوبه ابهام نظر نٿو اچي. گل محمد عمراڻي صاحب سنڌ جي علم ادب کان علاوه عالمي ادب سان خاص دلچسپي رکي ٿو. لکڻ پڙهڻ سان جيڪو انس رکي ٿو، انهيءَ جو روزاني ڪاوش اخبار جي هائيڊ پارڪ ۾ وقت بوقت شايع ٿيل خطن ۽ مختلف عالمن جي علمي ۽ ادبي ڪمن متعلق لکيل مضمونن جي مطالعي مان سندس زندگيءَ جي چرپر جي ڪٿ ڪري سگهجي ٿي. وري ”داستانِ گل“ سندس حياتيءَ جي مختلف پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ ۾ گهڻو مددگار بڻجي ٿو. عمراڻي صاحب جي مذڪوره ڪتاب جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هُو هڪ ذهين ۽ شاگرد جي حيثيت سان اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ عام شاگردن کان منفرد نظر اچي ٿو. مذڪوره آتم ڪٿا جي لکڻ جو اهوئي مقصد نمايان نظر اچي ٿو ته سندس زندگيءَ جي گذاريل گهڙين مان خاص طور شاگرد طبقو توڙي عام ماڻهو به فيض حاصل ڪري سگهن ٿا. مذڪوره ڪتاب ۾ جهڙي طرح عقابي نگاهن سان پنهنجي ماحول ڏانهن نهاري ڪيترن ئي پراڻن ۽ نون واقعن تي نگاھ وجهي حقيقتون بيان ڪيون اٿس. جيئن ۽ جهڙي روپ ۾ جنهن کي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو اٿس تيئن تيئن تن جا يادگيرا ويو آهي قلمبند ڪندو. اهو قلمبند ڪيل ڪتاب سنڌي زبان جي زينت بڻجي پيو آهي. هن ڪتاب جي ارپنا ليکڪ پنهنجي جيجل امڙ ۽ پڦي قائم خاتون جي نانءُ ڪئي آهي ۽ انهن ارپنا وارن پنجن سٽن ۾ لکي ٿو ته: ”مان پنهنجي سڀني ٻارن جو ٿورائتو آهيان، جن مون کي داستان لکڻ لاءِ همٿايو.“ مذڪوره آتم ڪٿا جو مهاڳ سندس ئي هم منصب ۽ حلقهءِ احباب جي ڪاموري شمس جعفراڻي صاحب جو لکيل آهي، جيڪو ساڍن اٺن صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي مهاڳ مان معلوم ٿئي ٿو ته مهاڳ لکندڙ جي هن آتم ڪٿا کان اڳ ۾ لکيل ڪتابَ مطالعي مان گذريا آهن، جنهن ڪري ته ڪن سنڌي زبان ۾ لکيل آتم ڪهاڻين جي ڪتابن جي ليکڪن جي نالن سميت تعارف ذڪر هيٺ آندو آهي. جعفراڻي صاحب لکي ٿو ته: ”اهڙن ڪتابن ۾ محترم گل محمد عمراڻيءَ جو ڪتاب ”داستانِ گل“ پنهنجي عام فهم ٻولي، سچائي موقعي جي مناسبت سان طنز ۽ مزاح حيدرآباد جي پراڻين يادن ۽ جيئڻ لاءِ جاکوڙ جي احوال سبب اهم جاءِ والاري ٿو. ايئن برابر آهي ته ”داستان گل“ تاريخ وار ۽ ترتيب وار لکيل ناهي. زندگيءَ جا سمورا واقعا لکڻ ۾ اڳيان پٺيان ٿي ويا آهن، جو لکندڙ کي جيئن جيئن ڳالهيون ياد اينديون ويون آهن، ايئن لکندو ويو آهي.“ (ص: 11)، ايئن آهي جيئن جعفراڻي صاحب چيو آهي، پر هن داستان جو فڪري پهلو ڏاڍو وزندار ۽ هرهڪ عنوان مان پڙهندڙن کي قيمتي معلومات سندس زندگيءَ جي گهاريل گهڙين مان ملي وڃي ٿي ته عمراڻي صاحب پنهنجي ذات ۽ سوچ ۾ ڇا آهي ۽ هُو پنهنجي عملي ۽ عقلي ڳالهين ۾ ڪيترو گهرو فڪر رکي ٿو. اُها ڳالھ ته پوءِ ٿا ڪريون في الحال ذڪر ڪجي ٿو ”داستانِ گل“ جي پيش لفظ جو جيڪو پوڻن پنجن صفحن جو عنوان ”آزمائش جي نٽهڻ اُس ۾ بيٺل ايماندار ۽ اڏول شخص جي آتم ڪٿا“ جي نالي سان هڪ نامياري محقق پروفيسر نور احمد جنجهي جو لکيل آهي. پروفيسر صاحب لکي ٿو ته: ”آتم ڪٿا، زندگيءَ جي اهڙي ڪٿا آهي، جيڪا لکڻ وارو پنهنجي زندگيءَ بابت لکي ٿو. آتم ڪٿا ۾ ڪيئي ڪٿائون سمايل هونديون آهن.“ (ص: 17) واقعي اهو به سچ آهي ته آتم ڪٿائن ۾ ڪيئي ڪٿائون سمايل هونديون آهن، جيئن ته ”داستان گل“ ۾ اهڙا مختصر ننڍا ننڍا پنجاھ داستان انهيءَ ڳالھ جي پٺڀرائي ڪن ٿا. لکڻ ڏاڍو ڏکيو فن آهي ۽ وري اهڙو لکڻ جنهن ۾ روانگي هجي ۽ ٻولي به پڪي، پختي ۽ صورتخطي درست هجي ان جي پڙهڻ جو مزو ئي پنهنجو هوندو آهي. گل محمد عمراڻي صاحب جو ”داستانِ گل“ جنهن ۾ ڪنهن به جن، ديوَ، پري، اڏر کٽولي، ڏائڻ، ڌوتي يا ڪنهن شهزادَي ۽ شهزادِيءَ جو يا ڪنهن اهڙي عجيب مخلوق جو ذڪر ڪونهي، پر هڪ سچي کري ۽ ذهين انسان جو داستان آهي جنهن اسان کي پنهنجي زندگيءَ جي تلخ ۽ مزيدار تجربن ۽ مشاهدن مان فيض رسايو آهي. مذڪوره آتم ڪٿا جو پهريون عنوان آهي ”ڪورو ڪاغذ“ هن عنوان هيٺ جيڪا معلومات ڏني وئي آهي سا هر لحاظ کان هرهڪ جي پڙهڻ، سمجهڻ، سوچڻ ۽ تن ڳالهين تي غور ويچار ڪرڻ جهڙا رخ پسايا ويا آهن. هن عنوان ۾ آتم ڪٿا بابت لکيو ويو آهي ته: ”پاڻ وٽ سنڌيءَ ۾ بلڪه پاڪستان ۾ اهڙا ڪتاب نه جي برابر آهن، جڏهن ته ڀارت وارا سنڌي اديب انگريزي مرهٽي، بنگالي ۽ گجراتي ٻوليءَ کان گهڻا واقف آهن ته خود احتسابي به ڪري ڄاڻن.“ (ص: 22)، اهڙيون ڪيئي ڳالهيون جيڪي هن آتم ڪهاڻيءَ ۾ بيان ڪيل آهن جن جي پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته سچ جي تلوار هيٺيان گذري فتح حاصل ڪري ويون آهن. سچ چوڻ جي جرئت رکڻ هرو ڀرو اهڙي تهڙي جو ڪم نه هوندو آهي ۽ ان لاءِ شينهن جهڙي دل هجي. سچي ليکڪ وٽ سچا خيال جيڪي ڪُوڙَن لاءِ ڪَڙا ۽ سچن لاءِ گلن جي سيج هوندي آهي. اسان جي نصاب ۾ ڪيئي نصيحت ڀريا نظم شامل آهن جيئن ”سچ ته بيٺو نچ“ وغيره اهڙن نصيحتن ۽ سبقن جو ڦل مٺو ٿيندو آهي ۽ مستقبل انهن ئي قومن جو روشن هوندو آهي. جن وٽ سچ چوڻ وارن کي انعام ۽ ڪوڙن کي بدنام ٿيڻو پوندو آهي. مذڪوره عنوان ۾ هي لفظ به انهيءَ ڳالھ جي پٺڀرائي ڪن ٿا ”پاڻ وٽ، پاڻ کي اجايو پڏائڻ ’پدرم سُلطان بوء‘ ۽ خانداني حسب نسب، جاھ و جَلال، واڌو حد ادب، تنهنجي مجال ڪيئن ٿي گستاخي ڪرڻ جي؟! جهڙا جملا هر وقت ٻڌن جي خوف کان، اصل قلم ڪياڙيءَ نه وهي.“ آتم ڪهاڻيءَ جي لکڻ جو هي به اصول آهي ته جيڪا جيئن شيءِ آهي، انهيءَ کي انهيءَ ريت هوبهو پيش ڪرڻ ئي آتم ڪٿا جو روح آهي. هن آتم ڪٿا جي لکڻ جو هڪ سبب هي به آهي ته جيڪو محترم گل محمد عمراڻي صاحب جي مطابق ”سوچيم ته زندگي جي گذريل خزان آميز بهارن تي هڪ طائرانا نظر وجهجي. ان کان اڳ جو ياداشت جواب ڏئي ڇڏي يا جيئن انگريزي چوڻيءَ مطابق ياداشت ٺَڳِي ڪري وڃي(Memory plays tricks)  اڳ ۾ ئي هوش حواس سنڀالي لکڻ ڪيڏي نه وڏي ڳالھ آهي ۽ وڏي فلاسافي به جنهن جو عمراڻي صاحب دلي کولي ذڪر ڪيو آهي. عمر سان گڏ حافظو به گهٽ ٿيندو آهي، اهو هڪ فطري عمل آهي. گل محمد عمراڻي صاحب شاگردي واري زماني کان وٺي هڪ ذهين شاگرد، اداڪار، هدايتڪار، ڊراما نگار، هڪ استاد، اديب، محقق ۽ نقاد ۽ ڪامورو رهيو آهي. گل محمد عمراڻي صاحب ڪرسي جو غلط استعمال نه ڪيو ۽ نه ئي وري غريبن آزار ڪامورو رهيو آهي. ”وکر سو وهاءِ پئي پراڻو نه ٿئي“ اهڙي ريت هيءُ قلم ڌڻي ڪامورو ٻين ڪامورن کان منفرد نظر ايندڙ آهي. انهيءَ جي گواهي لاءِ جيڪي سندس تمام گهڻا گهرا دوست رهيا آهن تن ۾ شمس جعفراڻي، نور احمد جنجهي، سائين پروفيسر ڊاڪٽر محمد انور فگار هڪڙو صاحب، نسيم بخاري ۽ نياز پنهور صاحب ۽ ٻيا به هوندا جن ”داستانِ گل“ تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي تن سندس ذاتي زندگي ۽ سندس متحرڪ ڪردار کي ويجهي کان به ڏسي انهيءَ ڳالھ جو اعتراف ڪن ٿا ته عمراڻي صاحب علم پرور سان گڏ غريب پرور ۽ بهادر ڪامورو رهيو آهي. مان هت اُهي ڳالهيون نه ورجائيندس جيڪي ٻين ڪيون آهن. داستانِ گل جي افاديت، اهميت ۽ قدر و قيمت جو انداز سندس مواد جي معلومات مان پوي ٿو جنهن ۾ سندس علمي تجربن ۽ مشاهدن جون شاندار مثالي ڳالهيون ڪتاب جي پنجاھ داستانن ۾ ذڪر هيٺ آندا اٿس. اهي واقعا ۽ يادگيرا جن ۾ ليکڪ کي پسي سگهجي ٿو. انهن واقعن ۾ سندس زندگيءَ جي ڪاميابيءَ جو راز سمايل آهي. جڏهن گل محمد عمراڻي صاحب اسڪولي شاگرد هو ته ان جو تعليم ڏانهن لاڙو ۽ والدين جي رغبت ۽ استادن جي پنهنجي شعبي ڏانهن سچائي، درسگاهن جي حالتن جو احوال، هم مڪتب شاگردن جا هڪٻئي ڏانهن رويا تن سڀني ڳالهين جو ذڪر ذري پرزي ”داستانِ گل“ ۾ بيان ڪيل آهي. هي آتم ڪٿا انهيءَ لاءِ ڪانه لکي وئي آهي ته ماڻهو سندس واهه واهه ڪن! پر هڪ فرمانبردار هونهار شاگرد جي حيثيت سان پنهنجي سفر جي ابتدا ڪندي، جيڪي ڪاميابيون حاصل ڪيائين، جنهن ۾ سندس محنت ۽ سچائي واري گڻ هڪ ايماندار آفيسر واري منزل تي پهچايو. هڪ ايماندر انسان وارا گڻ سندس ڪامورڪي سوچ تي غالب نه اچي سگهيا. دنيا جي عظيم قومن جا عظيم ڪردار پنهنجون آتم ڪٿائون اِن لاءِ لکندا آهن ته جيئن سندن ڪم ۽ تجربن مان قوم فائدو حاصل ڪندي رهي ۽ هن آتم ڪهاڻي جي لکندڙ جي من جي مراد اِهائي آهي ته سندس قوم جي نوجوانن ۾ علم ۽ ادب سان چاھ پيدا ٿئي ۽ دنيا ۾ سندس نالو روشن ٿئي. داستانِ گل هڪ اهڙي ايماندار ۽ فرض شناس آفيسر جي آتم ڪٿا آهي، جيڪو پنهنجي سروس دوران سرڪاري گاڏي هوندي به انهيءَ کي ذاتي ڪمن ڪارين جي استعمال ۾ نه ٿو آڻي، پر انهيءَ لاءِ خانگي بسن ۾ سواري ڪري ٿو جيڪو هڪ وڏو مثال آهي. اهڙا مثالي ڪردار عقل جي فتح کي يقين ڏيارڻ جو سبب بڻجن ٿا. عمراڻي صاحب پنهنجي زندگيءَ جي مقصد کي بي معنيٰ ۽ بي مطلب رستن ڏانهن نٿو وٺي وڃي. حياتيءَ جي مقصد کي قوم لاءِ وقف ڪري جيڪو بهادري ۽ بيباڪيءَ جو مظاهرو ڪيو اٿس، سو هڪ وڏو مثال آهي. ”داستانِ گل“ ۾ پنهنجا تجربا کولي کولي بيان ڪيا اٿس جنهن ۾ استادن، شاگردن، ادارن، آفيسرن، سماج ۽ عوام کي ڏسي پسي جيئن جو تيئن پيش ڪري ٿو. هرو ڀرو جي ساراهه کان پاسو ڪيو اٿس، جيڪو جيترو لهي ٿو اُن کي انهيءَ جاءِ تي رکي ذڪر ڪيو اٿس. مذڪوره ڪتاب جو داستان ٻيون، عنوان: ”سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيڻ جو تاريخي احوال“ ۾ لکي ٿو ته: ”جڏهن سيپٽمبر 1968ع ۾ مون سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس داخلا ٿيڻ جو فارم ورتو ته مون سان جنهن ڪلارڪ پهريان ڳالهايو هو، ان کي ڏسي مون اهو اندازو لڳايو هو ته هِن يونيورسٽيءَ جو اسٽاف ڪيترو نه مُهذب ۽ قابل آهي. سندس طرز گفتگو ۽ لطيف لهجو من اندر پيهي ويو ۽ مون سمجهو ته واقعي ئي هت زندگي ضرور ٺهي ويندي. ڇو ته چوڌاري علامه آءِ آءِ قاضي جي شخصيت جي هٻڪار فضا ۾ پکڙيل نظر آئي… اي سي ٽُو ايڊمنسٽريشن جي برانچ جيڪا اسٽيبلشمينٽ جي دل آهي.“ (ص: 25) سنڌ يونيورسٽي عالمن ۽ اڪابرن پيدا ڪرڻ ۾ هميشه پاڻ موکيو آهي. عمراڻي صاحب خداداد صلاحيتن ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪندڙ ملازمن جي سهڻي سلوڪ ۽ حسن اخلاق کي ڏسي سبحان الله چوي ٿو ۽ اهوئي ڪلارڪ پنهنجي نيڪ عملن سان اڳتي هلي جج جي ڪرسي ماڻي ٿو. اڄوڪي صورتحال کي به مدنظر رکيو اٿس. ماڻهن جي خدمتون ڪري دعا وٺڻ واري روايت ختم ٿيندي پئي وڃي! عمراڻي صاحب شروعات ۾ بي. اي آنرز پهرين سال ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ داخلا وٺڻ ۽ انهيءَ کانپوءِ انگريزي ادب ۾ داخلا وٺي ٿو ۽ انهيءَ دوران ڊاڪٽر نياز الحق سان ملاقات ۾ متاثر ٿيڻ جو ذڪر ڪري ٿو. ”صاحب اهلِ زبان اردو ڳالهائيندڙ هو… سنڌ يونيورسٽيءَ جي هاسٽل نمبر ٻه عرف ميٺا رام ۾ منهنجي پراڻي پاڙي گرو ننگر ٽيون نمبر تلاءُ لڳ، استاد محمد يوسف ۽ استاد لونگ فقير مڱڻهار جي گهرن وٽ دين علي شاھ جي ڀرسان لڳو لڳ ئي رهندو هو.“ (ص:26) هن صاحب وٽ عمراڻي صاحب پنهنجو داخلا فارم پيش ڪيو هو. جنهن دوران عمراڻي صاحب جي خوش طبعي لاڙي جو جهان هي هو ته پروفيسر صاحب سان مزاحيه انداز واري گفتگو ڪيل آهي انهيءَ کانپوءِ عمراڻي صاحب سان تعارف ۽ ڪن سوالن جي جواب کانپوءِ فارم صحيح ٿيڻ جو ذڪر ٿيل آهي. عمراڻي صاحب جو هن داستان ۾ هڪ اهڙو ڪردار نظر اچي ٿو، جيڪو پنهنجي تعليم درس و تدريس جي سلسلي ۾ هڪ محنتي، چست ۽ چالاڪ شاگرد واري پهلوءَ سان ڀرپور ۽ نمايان نظر اچي ٿو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيڻ هن موضوع ۾ سن 1966ع جي ڪن ڳالهين کي پنهنجي يادگيرين جو مرڪز بڻائي پنهنجي تجربن ۽ يادگيرين کي آڏو رکيو اٿس، جنهن ۾ سٽي ڪاليج حيدرآباد، محترم پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿو صاحب، مرحوم الھ بخش نظاماڻي، پروفيسر محمد عمر ميمڻ… ڊاڪٽر عبدالززاق شيخ گمبٽ وارو ۽ ٻين استادن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ”سن 1966ع ۾ داخلا کان اڳ، مون سچل آرٽس ڪاليج جي ديوارن تي ڪجھ عجيب و غريب پوسٽر لڳل ڏٺا، جيڪي سابق پرنسپال مرحوم محبوب علي چنا صاحب جي شان جي بر خلاف انيڪ الزامن سان سٿيل هئا.“ (ص: 29) دنيا جو دستور آهي ته سٺن ڪمن وارن جي اڳيان ڪي رڪاوٽون اينديون آهن ۽ وقتي طور تي ڪي ماڻهو تنگ ڪري رڪاوٽون وجهندا آهن، پر ڪم ڪندڙن کي انهن جي پرواھ نه هوندي آهي ۽ هو مسلسل ڪم ڪري پنهنجو نالو روشن ڪري ويندا آهن. پروفيسر محبوب علي چنا جي شخصيت به پنهنجي ڪردار سان گڏ علمي ۽ ادبي ميدان ۾ اڄ به روشن ستاري وانگر بيٺي آهي ۽ سندس علمي ادبي ذوق جي ڪري ان جو حلقه احباب تمام وسيع هو جنهن ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سان محبت ۽ رفاقت جي رشتي جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح هن موضوع ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي، مشهور ڪهاڻيڪار غلام نبي مغل کان ويندي ٻين واقعن جو ذڪر هن موضوع جو مکيه حصو آهن جنهن کي سائين گل محمد عمراڻي صاحب ذڪر هيٺ آڻي وڌيڪ روشن ڪيو آهي. اهڙِيءَ طرح هن آتم ڪهاڻي جي پنجاهه ئي داستانَ مختلف موضوعن تي آڌاريل آهن جن ۾گل محمد عمراڻي صاحب پنهنجا تجربا نهايت ئي سوچ ويچار سان اجاگر ڪيا آهن. هن آتم ڪٿا ۾ پنهنجي تعليم کان ويندي استادن، آفيسرن ۽ هم درس شاگردن ۽ اديبن جا تذڪرا ڏاڍي پيرائتي ۽ لاجواب نوع ۾ بيان ڪيا ويا آهن، جيڪا هڪ ليکڪ جي اندروني ڪيفيت آهي، جيڪا سندس اندر ۾ آنڌ مانڌ مچائي لکڻ تي مجبور ڪيو آهي. هن آتم ڪٿا ۾ پنهنجي زماني جي ڪجھ واقعن ۽ عظيم ڪردارن کي ياد ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح جي هن داستان جي ٻين عنوانن ۾ قصو انگريزي ادب ۾ شاگرديءَ جو، قصو سائين جي ايم سيد جي پهرين ملاقات جو، مان ۽ منهنجا استاد، منهنجو امُلھ استاد ۽ سندن پاران ڏنل مار، جنهن ۾ سندس سخت ۽ تلخ تجربا آڏو اچي وڃن ٿا. داستان ٻارهون: جنهن جو عنوان آهي ”منهنجي ادبي ۽ سياسي شعور جي ابتدا“ هن داستان ۾ منهنجي پياري شهر خانواهڻ جي هڪ معزز هستي سيد اشفاق حسين شاھ جو ذڪر ملي ٿو ۽ انهيءَ کان علاوه غريب، هارين نارين، مزدورن، ڪلارڪن ۽ ڪمين ڪاسبين جي ساڻس گڏ پڙهندڙ ٻارن جو ذڪر ملي ٿو. اهڙي طرح ڪن سٺن آفيسرن کي به ساراهيو ويو آهي جن ۾ مرحوم عبدالڪريم لوڌي پڻ هڪ آهي. انهيءَ کانسواءِ پنهنجي پياري استاد آپا امينا

جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1968ع کان 1972ع تائين، چئن سالن جي علمي ياترا ۾ سڀ کان محترم ۽ مقتدر هستي ۽ استاد جنهن مون کي گهڻو متاثر ڪيو، اها هُئي آپا خميساڻي، سندس اصل نالو ته آمنا چنا آهي، پر هُوءَ پروفيسر آمنا عرف امينا خميساڻيءَ طور مشهور آهي ۽ سندس تعلق پاٽ شريف جي برگذيده علمي ادبي چنا خاندان سان هو.“ (ص: 75) هي چئن صفحن جو عنوان گل محمد عمراڻي صاحب جي سوچن کي ظاهر ڪري ٿو.

اهڙي طرح داستان پندرهون: ۾ ”سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پهريون انگريزي ڊرامو“ لڳ ڀڳ ساڍن چئن صفحن واري عنوان کي هتي مان نه ورجائيندس ڇاڪاڻ جو هن ڊرامي متعلق ٻين تبصري نگارن گهڻو ذڪر ڪيو آهي. اهڙي طرح داستان سورهون: ”قصو ظفر حسن شاھ جي ملڻ جو“ ساڍن چئن صفحن جو ذڪر بهترين لڳو. داستان سترهين ۾ ”سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ استاد ٿيڻ کان اڳ جون گهڙيون ۾“ ۽ داستان ارڙهون:  ”هڪ استاد واري زندگي جي ابتدا“ هن عنوان ۾، گل محمد عمراڻي صاحب لکي ٿو ته: ”ساھ پٽڻ کانپوءِ جڏهن منهنجو پورو تعارف ٿي ويو، تڏهن ميڊم خميساڻي صاحبه، وي سي صاحب سيد غلام مصطفيٰ شاھ کي چيو ته اوهين انٽرويو جا سوال پڇو ته اوهان کي اطمينان ٿئي ته اسين ڪهڙن شاگردن کي، ڪيئن سخت امتحان کانپوءِ پهرين پوزيشن ڏيندا آهيون.“ (ص: 93) اهڙي طرح جي جملي ٻڌڻ کان پوءِ عمراڻي صاحب کي ڊپ لڳو ته هي ته چئلينج مقابلو ٿي ويو. ايئن ئي هي پنجاھ ئي مختصر ۽ جامع انداز ۾ پيش ڪيل داستان پنهنجي سمورين خوبين سان نروار ٿي آڏو اچن ٿا. مذڪوره ڪتاب ۾ ليکڪ وڏا وڏا جتن ڪري يادگيرين کي ذهن جي سراڻ تي چاڙهي پيش ڪيا آهن. هرهڪ داستان کي هت بيان ڪرڻ نهايت ئي اوکو آهي، تنهنڪري اسان هت ڪتاب جي آخري ۽ پنجاهين داستان ”بلوچ بهادرن جي سنڌي نياڻي لاءِ حب: ذاتي مشاهدو“ جي نالي سان عنوان ڏنل آهي. هي سمورو ڪتاب ٻه سئو چوراسي صفحن تي مشتمل آهي ۽ انهيءَ کان علاوه ويھ صفحا  انگريزيءَ ۾ لکيل آهن. اسان هت هيٺ عمراڻي صاحب جي انگريزي حصي اِپيلاگ جو ذڪر ڪريون ٿا: گل محمد عمراڻي صاحب هن ”داستانِ گل“ بي ترتيب آتم ڪٿا جو ڪاتب ايئن ٿو لڳي ته جيئن هن اِپيلاگ ۽ آخري داستان کي انگريزي ادب جي آتم ڪٿائن جي ٻن وڏن ۽ چئن ننڍن قسمن جهڙوڪ: (Formal) آتم ڪٿا(Informal)  آتم ڪٿا ۽ ٿيميٽڪ، رليجس، انٽيليڪچوئل ۽ فنڪشنلائيزڊ آتم ڪٿا جي مڙني رنگن سان مُزين ڪري پيش ڪيو آهي. جيئن مينهن وسڻ کانپوءِ انڊلٺ جا حسين رنگ ظاهر ٿيندا آهن تيئن ڪاتب زندگيءَ جي سفر ۾ لڳاتار غوطا کائي تڪليفون سهي ڪيترن ئي ليکڪن جي ڪتابن کي پڙهي پنهنجي علم جي شمع کي روشني بخشي ۽ هن آتم ڪٿا ۾ ڄاڻ جو ڀنڊار بڻائي نئين ٽهي لاءِ اتساهه جو انمول تحفو پيش ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته سچ پچ گل محمد عمراڻي صاحب ايڏي وڏي اسٽڊي ۽ ايترن پڙهيل لکيل ماڻهن سان رهاڻ اڄڪلھ جي نوجوانن لاءِ مشعل راهه آهي. مان ته اچرج ۾ پئجي ويس ته ديسي ته ديسي وڏا نالا پر لکت جي آسمان تي جڳمڳ ڪندڙ، انگريزي، هندي، فارسي، اردو، سرائيڪي ۽ روسي ٻولين جي ڪهڪشان به آسمان تي چمڪندي نظر آئي. سندس هن اپيلاگ(Last part of literature work)  ۾ گل محمد عمراڻي صاحب پنهنجو پاڻ کي هڪ انگريزي ادب جي ڏاهي طور پيش ڪيو آهي ۽ زندگيءَ کي ايئن ڏٺو اٿس جيئن، ڪولي گبرس زندگيءَ جي عڪاسي ڪئي آهي ۽ ٻين کي جيئڻ جا ڏس ڏنا اٿس. آمريڪا جو ايڊورڊ گبن، بينجمن فرينڪلن ۽ جين جيڪسن روسو (ڪنفيشن) وليم ورڊس ورٿ(Prelude)  لارڊ بئرونس، چائيلڊ هيرالڊ، ٿامس ڪارلائل، سارتر، جان هينري ۽ ارنسٽ هيمنگوي وانگر پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ زندگي جي خوشي، غم، تعليم ۽ وڏي مرتبي جي سچي نيت سان حاصلات لاءِ پنهنجو پاڻ کي ڪتابن جي ورقن ۾ گم ڪري وري پاڻ کي تلاش ڪري وڃائجي وڃڻ کانپوءِ صحيح رستي تي هلائڻ واري رَوَش ڪمال سان پيش ڪئي اٿس. سندس انگريزيءَ لاءِ ڇا لکجي! انگريزي جي جوهر کي جيئن هن گوهر سمجهيو آهي تيئن ٻيا گهٽ سمجهندا آهن. هن اِپيلاگ ۽ 17 داستان ۾ انگريزي ادب جي لفظن جي ادبي چونڊ نهايت ئي خوبصورتيءَ سان ڪئي آهي. ايئن ٿو لڳي ته جيئن ڪجھ انگريز ليکڪ به اهڙي انگريزي تي رشڪ کائي شرمائجي وڃن. (Candida) جهڙن لفظن ۽(Candid)  لفظن جي چونڊ سندس آتم ڪٿا کي اُتم بڻائي ٿي. سندس لفظن جي چونڊ، گرامر جو بهترين استعمال ۽ ڊڪشن(Diction) جي استعمال ۾ ڄڻ ته(Aristotle)  ارسطوءَ جو پوئلڳ لڳي ٿو. سچ پچ اهڙا ماڻهو سنڌ ڌرتيءَ تي الله جي طرفان انمول تحفو آهن. سندس هن پورهئي کي ڪي جوهري ئي سمجهي سگهندا ۽ هي پورهيو جنهن ۾ عمراڻي صاحب پنهنجي زندگيءَ جي ڪاميابيءَ جا راز ٻڌايا آهن. ”داستانِ گل“ جيڪا نه رڳو سنڌي قوم لاءِ ابتدا چئبي بلڪه سنڌي ادب ۾ هڪ اهڙي ڪتاب جي تحفي ڏيڻ ڪري ڪيترن ئي ذهنن تي ڇانئجي ويو آهي. هن ڪتاب ۾ محترم گل محمد عمراڻي جو ڪمال جو حافظو جنهن ۾ ادراڪ ۽ مشاهدي جا نتيجا ۽ حاصلات جا ڪارڻ اڳيان اچي وڃن ٿا. هيءُ ڪتاب جلد ۽ رنگين ٽائيٽل سان نئين دنيا پبليڪيشن شڪارپور طرفان شايع ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ”سوانح ادب جي ميدان جو سيبتو شهسوار“ جي عنوان سان هڪ تعارفي صفحو عزيز سولنگي جو لکيل آهي.

***