آتم ڪٿا داستان گل جو مختصر جائزو لعل بخش جسڪاڻي | مارچ 2022

1214 Shares

داستان گل جي مھاڳ ۾ گل محمد عمراڻي صاحب جي ويجھي دوست ۽ ساٿي شمس جعفراڻي صاحب ڪتاب جي مھاڳ ۾ چئي ٿو ته اسان عمراڻي صاحب کي ”جيئيم“ جي نالي سان سڏيون ٿا. چوندا آھن ته انسان جي نالي جو اثر ان شخصيت تي لازمي پوندو آھي. اسان جو دوست بيشڪ گل ته ھڪڙو گل آھي جنھن جي لکڻين ۾ گلابن ۽ موتئي جي ھٻڪار سموري سنڌ کي واسي ڇڏيو. عمراڻي صاحب عالم ۽ اديب آھي سنڌي کان وڌيڪ انگريزي، اردو ادب ۽ تاريخ جو وسيع مطالعو ڪيو اٿس. ورھاڱي کان اڳ ۽ ٿورو پوءِ انڊين آءِ. سي. ايس آفيسر جيڪي علائقي ۾ مقرري وقت اتان جي سماجي، معاشي ۽ ثقافتي تاريخ تي ڪتاب لکي ان پوسٽنگ واري علائقي سان محبت جو اظھار ڪري اتان جي عوام سان يڪجھتي ڪندا هئا. اھڙين روايتن ۾ انگريز آفيسرن ۾ ڊاڪٽر سورلي، ڊاڪٽر لئمبرڪ ۽ ڪن ٻين جا نالا وٺي سگھجن ٿا. اسان جي سانڀر ۾ عبدالقادر منگي ۽ شمس جعفراڻي صاحب ننڍي کنڊ جي سول سرونٽس جي روايتن کي جاري ۽ ساري رکي تمام معياري آتم ڪٿائون لکي سنڌي ادب جي آتم ڪٿا جي صنف ۾ جدت آندي ۽ ٻنھي صاحبن اسان کي پنھنجي دور بابت شاندار تاريخي، سياسي ۽ ثقافتي حالتن تي ڪتاب ڏنا. سڀني دوستن جون اکيون عمراڻي صاحب ڏانھن آسائتيون ھيون ته ڪڏھن ٿو مڪمل ڪري. نيٺ داستان گل جو جنم ٿيو آتم ڪٿا ڏسي سڀني کي سرھائي ٿي ۽ دوستن جي منھن تي مرڪ موٽي. عمراڻي صاحب گھڻ پڙھيو عالم ۽ اديب آھي، ٻولي، ادب ۽ تاريخ تي دسترس رکي ٿو. سندس پھرئين ڪتاب جي واکاڻ ۽ پذيرائي ٿي آھي. عبدالقادر منگي، شمس جعفراڻي جيان ڪمشنر ۽ سيڪريٽري ڪلچر جي اعليٰ عھدن تي رھي ايمانداري ۽ سچائي سان سنڌ واسين جي خدمت ڪئي. ڏٺو وڃي ته داستان گل جي ”ن“ زير سان اسان وٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ مروج ناھي. سندس ايندڙ ڪتاب به ساڳيو ھجي يعني زير ۾ آھي، اھا اردو جي ھجي ٿيندي آھي سنڌيءَ ۾ ناھي. بھرحال ھو پنھنجي آتم ڪٿا کي بي ترتيب چئي ٿو. ڇو ته واقعا ڳالھيون اڳتي پوئتي آھن، جيئن آتم ڪٿا جي مرڪزي ڪردار کي ياد اچن ٿيون. لکي ٿو، جيئنJames Joyace  جو ناول ۽ اردوءَ ۾ قرت العين جا ناولStream of consciousness  جي صنف genre تحت الشعور ۾ لکيا ويا. جڏھن ته داستان گل جا ننڍا ننڍا عنوانThematic  آهن جيڪي ھو پنھنجي ڇپيل مقالن، مضمونن، ڪالمن، تبصرن، خطن ۽ ٻئي مواد کي نئين سر ترتيب ڏئي نھايت منفرد طريقي سان آتم ڪٿا ڏني آھي، جيڪا دلچسپ آهي ۽ دل کي ڇھي ٿي. عمراڻي صاحب پنھنجي استادن کي احترام سان ياد ڪري ٿو. جنھن ۾ سائين محبوب علي چنا، ڊاڪٽر ڊيوآرٽ، پروفيسر صفدر، پروفيسر حامد علي خان جيڪي منھنجا به سچل سرمست ڪاليج ۾ استاد رھيا هئا. ھو ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو کان اتساھ وٺي ان کي آئيڊيل سمجھي ٿو. قاضي خادم کي به ياد ڪري ٿو. سنڌ يونيورسٽي جوائن ڪري پنھنجيTalent  ۽Creativity  وسيلي استادن کي متاثر ڪري آپا امينا خميساڻيءَ کي ويجھو وڃي ان کي پنھنجو آدرشي استاد ۽ رھبر مڃي ٿو. بيشڪ ھوءَ وڏي اسڪالر شاھ جي شارح احترام جي قابل پروفيسر ۽ منھنجو پڻ آپا سان نيازمنديءَ جو رشتو ھو. پنھنجي قابليت وسيلي انگريزي شعبي ۾ انگريزيءَ ۾ ڊرامون لکي ڊائريڪشن ڏني ۽ ائڪٽنگ پڻ ڪئي. وي. سي ۽ استادن کان مڃتا ماڻي ۽ وي. سي صاحب خوش ٿي کيس ٻه سئو رپيا انعام ڏنو، جيڪي ان وقت گھڻا پئسا هئا. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٻه سال رھي چٽاڀيٽيءَ جي امتحان ۾ پي. سي. ايس جو امتحان پاس ڪري وڏا عھدا ماڻيائين. مون کي ياد آھي ته آئون عمراڻي صاحب کي آمريڪن سينٽر برٽش ڪائونسل يونيورسٽيءَ ۽ شھر ۾ دلچسپيءَ سان ڏسندو هئس، ھو مون کي گھنڊيدار وڏن وارن سان سمارٽ ۽ سنجيدا نوجوان لڳندو ھو. ڪيليفورنيا يونيورسٽيءَ مان پبلڪ ائڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرز ڪئي. ٻن سالن دوران پنھنجي ويجھي دوست شمس جعفراڻي صاحب سان جيڪا خط ڪتابت ٿي ان بابت جعفراڻي صاحب چئي ٿو ته، ”ھو اھي خط آرڪائيو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.“ سو خط نھايت اھم لڳن ٿا، جيڪي ايندڙ ڪتاب ۾ شامل ٿيڻ گھرجن. جنرل ضياءُ وٽ حاضري، ٽي سال لاڳيتو سازش تحتO.S.D  ٿي رھيو. جسٽس ناصر اسلم زاھد وٽ حاضري ۽ عمراڻي صاحب جي جواب جسٽس کي لاجواب ڪري ڇڏيو. ببلي ڪيس ٻين تڪليفن ۽ ڏکين ڏينھن جي پرواھ نه ڪئي ۽ مڙس ٿي منھن ڏنو. آفيسرن ۽ استادن کي منھن تي سچ چوڻ جي شروع کان کيس عادت هئي، جيڪي ھڪ سچي دانشور جي اعليٰ ڪردار جي علامت ۽ صاف گوئي آھي. غلط کي غلط چوڻ،Compromise  نه ڪرڻ جي عادت ھجڻ ڪري تڪليفون سھي پار پيو ۽ ثابت قدم رھيو. ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته عمراڻي صاحب ھڪ سچو بي ڊپو دانشور بالا آفيسرن کي منھن تي سچ چئي ڏيندو ھو ۽ ھميشه سورھيائي سان منھن ڏئي سرخرو ٿئي ٿو، جنھن جي نتيجي ۾ تڪيليفن ۾ رھي نوڪري دوران پنھنجي ڪردار کي داغدار ٿيڻ کان بچائي ٿو. جيئن ڀٽائي چوي ٿو: ڪُنن گھڙي ڪالھ، سڪ پريان جي سھڻي. عمراڻي صاحب عوام جي خدمت کي فرض سمجھي سچن جذبن جو پرچارڪ ھجڻ ڪري ھميشه تڪليفن ۾ ھجي ٿوNaive optimism  ته نيٺ باطل تي حق غالب ٿيندو. ڏٺو وڃي ته اھو سادگي پسند جذبو به بناوٽ کان پاڪ اميد پرستي انسانيت جو اعليٰ آدرش ۽Universal truth  ۽ خوش انديشي آھي، جيڪي سندس شخصيت جون خوبيون آھن. ھو سماج کي بناوٽ کان پاڪ ڏسڻ جو آدرش رکي ٿو. شيرين سومرو ڪيس ۾ ڊاڪٽر نصراللھ قريشي کي سچو سنڌ پرست ۽ غيرتمند سنڌي سمجھي ٿو ۽ شيرين جي مغربي روين کي پسند نٿو ڪري. ھن آتم ڪٿا جي جدت اھا ته آخر ۾ سموري سنڌي مواد کي انگريزيءَ ۾Summaries  ڪري پنھنجيReaders  لاءِ آساني پيدا ڪئي اٿس، جيڪي سنڌي نٿا پڙھي سگھن. ھن 20 صفحن جي خوبصورت انگريزيءَ ۾ سموري آتم ڪٿا جو تجزيو ڏنو اٿس. جنھن ۾ اسان جي ادبي مشاھيرن ۾ استاد دانشور علامه آءِ. آءِ قاضي، راشدي برادران، غلام رباني آگرو، علامه قاسمي، سائين جي ايم سيد، غلام مصطفيٰ شاھ، ڊاڪٽر بلوچ، ڊاڪٽر حميده کھڙو ۽ پروفيسر ظفر حسن، رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، فاطمه ڀٽو ۽ اوائلي اردو اديبن جي ترقي پسند تحريڪ جي بيمثال ڪارڪردگي ۽ ڪم کان گھڻو متاثر ٿي تجزيو ۽ بحث ڪري ساراھ جوڳو سمجھي ڀيٽا ڏئي ٿو. عمراڻي صاحب جي آتم ڪٿا علمي ادبي ڄاڻ سياسي سماجي حادثن اھم تاريخي واقعن کي پنھنجي اکين سان ڏسي محسوس ڪري قلمبند ڪري پڙھندڙ کي حيران ۽ دلچسپي پيدا ڪري واقعن مٿان واقعا ڳالھيون ڪري قصا گوئي ۾ ڪمال ۽ دسترس رکي ٿو. ٿامس جيفرسن چيو: مون کي ماضيءَ جي تاريخ کان وڌيڪ ايندڙ وقت جا خواب پسند آھن. عمراڻي صاحب به اھڙي مثبت سوچ جو حامي ۽ طرفدار آھي. سچ ڳالھائڻ ڪري گھڻي تڪليف ۽ ڏک ڏٺا، پر پاڻ بي ڊپو ۽ سچو کيرٿر جي چوٽين جيان اڏول ٿي بيٺو آھي ۽ نتيجن جي پرواھ نٿو ڪري جيئن Charles Bukowski چيو جيڪي عمراڻي صاحب جي آتم ڪٿا تي ٺھڪي اچي ٿو How well you walk on the fire عمراڻي صاحب جي آتم ڪٿا استادن، عالمن ۽ اديبن لاءِ اھم ۽ خاص طور نئين نسل ۽ اعليٰ عھدن جي خواھشمندن لاءِ آدرشي ڪتابGuiding Primer  آهي، جيڪي سنڌ جي عوام جي خدمت کي پھرين ترجيح ڏيڻ کي عبادت کان وڌيڪ سمجھن ٿا.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments