خاص

آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کي ڇهه سال گذري ويا، پشاور ۾ هاءِ الرٽ

پشاور آرمي پبلڪ اسڪول جي ڇهين ورسي تي پشاور ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب پشاور جي سمورن اچڻ وڃڻ وارن رستن تي چيڪنگ سخت ڪئي وئي آهي. سمورن اهم سرڪاري ۽ غير سرڪاري عمارتن جي سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي. انتظاميه طرفان اي پي ايس وارين تقريبن جي به سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن. اي پي ايس سانحي جي موقعي تي مختلف تقريبن جو بندوبست ڪيو ويو آهي جنهن ۾ شهيدن لاءِ دعا ڪئي ويندي. اي پي ايس جي مُک تقريب آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ ٿيندي جنهن ۾ شهيد شاگردن جي والدين ۽ غازين کي گهرايو ويو آهي. شهيدن جي لاءِ دعا لاءِ فاتحه خواني ۽ قرآني به ڪرائي ويندي. شهيدن جي قبرن تي گلن جون چادرون چاڙهيون وينديون. ان حوالي سان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اي پي اين ايس سانحي جو غم اڄ به تازو آهي ۽ 16 ڊسمبر پاڪستاني تاريخ ۾ ڪاري ڏينهن جي طور تي ياد رکيو ويندو.