خاصنئون

آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ توسيع جي خلاف نوٽيس جي ٻڌڻي

سپريم ڪورٽ ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ توسيع جي خلاف نوٽيس جي ٻڌڻي جاري آهي. چيف جسٽس پاڪستان آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ جسٽس مظهر عالم ۽ جسٽس منصور علي شاهه تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌاري جي خلاف نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار رياض حنيف راهي عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس چيو ته رياض حنيف راهي توهان ڪٿي رهجي ويا هئا، ڪالهه توهان نه آيا، راهي چيو ته حالات مختلف پيدا ٿي ويا آهن. چيف جسٽس چيو ته اسين انهن ئي حالات آڏو اڳيان وڌي رهيا آهيون.