”آلا نيڻ بهارن جا“

“شاعري دل جي مزدوري آهي”. آئون پنهنجي دوست ۽ نئين ٽهيءَ جي سدا ملوڪ شاعر حاجي ساند جي ان سٽ کي ڌيان ۾ رکي، جڏهن فياض ڏاهري جي شعري مجموعي کي پڙهان ٿو ته “آلا نيڻ بهارن جا” ۾ موجود سموري شاعري مون کي فياض ڏاهري جي دل جي مزدوري لڳي ٿي ۽ فياض ڏاهري پنهنجي دل جي مزدوري ڏاڍي ڌيان، ادراڪ، سمجهه، پيار ۽ خبرداري سان ڪئي آهي. فياض ڏاهري پنهنجي خيالن جا ريشمي تاڪيا کولڻ کان وٺي پنهنجي ڪوتائن کي ڪوري ڪاڳر تي آڻڻ تائين ڪٿي به ذري برابر به تڪڙ ناهي ڪئي. هن پنهنجي مشاهدي، مطالعي ۽ تجربي منجهان گذري آيل خيالن کي رچائي، پچائي، ٺاهي جوڙي، ٺيڪ ڪري “آلا نيڻ بهارن جا” جو خوبصورت روپ ڏئي پڙهندڙن آڏو آندو آهي.

“آلا نيڻ بهارن جا” جديد سنڌي شاعري جي حوالي سان هڪ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ موجود سمورا نظم، گيت ۽ غزل پيار جي پهرينءَ چُميءَ جهڙا سحر انگيز آهن.

فياض ڏاهري اُن دور ۽ سماج جو شاعر آهي، جتي هر ٽئين ماڻهو تي شاعريءَ جو شوق ۽ ڀوت سوار آهي، پر شاعري فياض ڏاهري جو شوق نه پر ان جي اظهار جي زبان آهي، جنهن وسيلي هو پنهنجي من جي سمورين چاهنائن، ڀوڳنائن، محبتن ۽ نفرتن جو اظهار ڪري ٿو. “آلا نيڻ بهارن جا” ۾ شامل فياض ڏاهري جا نظم هن جي وڏين اکين جهڙا گهرا ۽ هن جي قدامت جيڏا قداور آهن. جن کي پڙهڻ کان پوءِ بنا ڪنهن شڪ جي، فياض ڏاهري کي جديد سنڌي نظم جو اهم ۽ منفرد شاعر ڪوٺي سگهجي ٿو.

فياض ڏاهري فڪري طور تي جتي پنهنجي سوچن، احساسن ۽ خيالن جي حوالي سان هڪ شاهوڪار شاعر آهي، اتي فياض فني حوالي سان به وڏي ڀاڳ وارو شاعر آهي. فياض ڏاهري فني توڙي فڪري حوالي سان هڪ مڪمل ۽ ميچوئر شاعر آهي.

فياض ڏاهري جا نظم جديد سنڌي شاعري ۾ شيخ اياز، نياز همايوني، شمشير الحيدري، عبدالحڪيم ارشد، انور پيرزادي ۽ ايوب کوسي جي نظمن وانگر وڏي مان ۽ مرتبي وارا آهن. جن جي هر هڪ سٽ ۾ شهيدن جي رت ۽ محبوب جي هٿن تي لڳل ميندي جي خوشبوءِ جهڙو هڳاءُ آهي. فياض ڏاهري جا نظم، ‘فنا تاريخ ٿي ناهي’، ‘ارڏو اروڙ’، ‘پوڙهو انقلابي’، ‘سيلف پورٽريٽ’، ‘وحشي آ انسان’، ‘شيم شيم’، ‘او سنڌو’، ‘رستا توکي سارن ٿا’ ۽ ٻيا بهترين نظم آهن. جن کي پڙهي هڪ پڙهندڙ فياض ڏاهري جي انداز، سوچ، ڪمٽمينٽ ۽ نظرياتي وابستگيءَ کي پرکي، سندس ذات جو مڪمل خاڪو / پورٽريٽ جوڙي سگهي ٿو. فياض ڏاهري جي جذبن کي سمجهڻ لاءِ “آلا نيڻ بهارن جا” ۾ شامل پهريون نظم “فنا تاريخ ٿي ناهي” ئي ڪافي آهي، جنهن کي هن ايڏي پيار سان تخليق ڪيو/لکيو آهي، جيڏي پيار سان هڪ سکي پنهنجي محبوب جو پهراڻ ڀريندي آهي، يا هڪ ماءُ پنهنجي پهريٺي پٽ کي “لولي” ڏيندي آهي.

فياض ڏاهري هڪ سچو، سڄاڻ، بهادر ۽ بيباڪ شاعر آهي، جنهن جي سموري شاعري منجهان آجپي جو اجرو صبح، چٽو ۽ روشن ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. فياض ڏاهري جا نظم سندس اندر جو حقيقي آواز آهن. جيئن:

“اسين ناهيون فقط هڪ درد جا وارث اڳي ڀي هئا.”

“ڪوٽ وڳهه ۾ قبرون ناهن،

پوءِ به اسان جي لَڄ دفن آ”.

“ٿاڻن تي احساسُ نه آهي،

ڪورٽ ۾ انصاف نه آهي،

ڌاڙيلن وٽ قياس نه آهي،

۽ بنگلن تي مانُ… وحشي آ انسان”.

“عمر ڀر آيو نه هو ڪو پاڻ کي،

هٿ ٽنگڻ ۽ ڪنڌ جهڪائڻ جو هنر.”

“ديس منهنجي تي، گلن جي مند ۾،

خون جي خوشبوءِ گُهلي آ.”

فياض ڏاهري جا احساس پڙهي ڪهڙو ڪافر هوندو، جنهن جي دل کيس داد ڏيڻ ۽ سندس شعري عظمت کي سلام ڪرڻ نه چاهيندي. فياض ڏاهري فني توڙي فڪري طور تي هڪ پختو شاعر آهي. “آلا نيڻ بهارن جا” ۾ شامل فياض جا نظم جتي سندس فڪري اڏام، نظرياتي پختگيءَ، روشن خيالي ۽ ڀرپور مزاحمت جا امين آهن، اتي سندس گيت وري هن جي سهڻي سڀاءَ، ڪومل مزاج، نفيس احساسن ۽ محبت جا ساکي آهن. جن جي سٽ سٽ ۾ ماکيءَ ۽ مصريءَ جهڙو ميٺاج سمايل آهي. جيئن:

“انبن جهليو ٻورُ او جاني!

پوءِ به نه آئين تون!

ورهين کان پئي راهه نهاريان،

توبن گل سفيدن جا ڇاڻيا،

سڪا سنگ ڪنگور او جاني!

پوءِ به نه آئين تون!”

فياض ڏاهري جا گيت ‘انبن جهليو ٻور’، ‘آڪ ڀريندي رومال تي’، ‘او هوا…، ‘چاندنيءَ ۾ رات راڻي’، ‘ڇلڙو ڪو نشاني ڏي’، ‘موسم آئي پن ڇڻڻ جي’، ‘تنهنجي راهه تڪيندي پريتم’، ‘چند مون کي ٻڌاءِ’، ‘او ڪانويلا ڪنهن جي ڳولا’، ‘توکان ڪير لنوائي سائين’، ‘نيڻن ۾ مئخانه ساجن’، ‘شام اچي ٿي، تون ته نه آئين’، ‘ڪارونجهر تي مور هزار’، ‘چيٽ جي موسم’، ‘پاڳل چاهه’ ۽ ‘لولي او لولي’ سڀ کان سڀ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙا گيت آهن. جن کي پڙهندي انهن جي هر بند کي ڪوٽ ڪرڻ/حوالي طور کڻڻ لاءِ دل چوي ٿي ۽ انهن گيتن جو هر بند ٻڌي دل رقص ڪرڻ لاءِ برقرار ٿي پوي ٿي.

فياض ڏاهري جي گيتن جو رچاءُ سهڻو، سيبائتو ۽ سنهي سئيءَ سان ڀريل ڀرت جهڙو وڻندڙ ۽ پختو آهي. فياض ڏاهري جي گيتن ۾ بردو سنڌي، شيخ اياز، استاد بخاري، امداد حسيني، مير محمد پيرزادو، سرمد چانڊيو ۽ مسرور پنائي جي گيتن وانگر گيت جو ڀرپور مزاج، حسناڪي ۽ ميٺاج موجود آهي. هن جا گيت ايڏا ته رسيلا ۽ مترنم آهن، جو انهن کي پڙهندي وقت ڪٿي به ردم نٿو ٽٽي، نج ڳوٺاڻي ٻولي، بلڪه گيت جي ٻولي جا خالص لفظ آڪ ۽ اولمي وغيره کي استعمال ڪري، هن پنهنجي گيتن واري زمين تي گلابن جو کيت پوکي ڇڏيا آهن. فياض ڏاهري جي گيتن کي ڳائيندي وقت ڪٿي به ڪنهن راڳي کي سازن جي ڀراءَ جو سهارو وٺڻ جي ضرورت ڪانه پوندي. فياض ڏاهري جا گيت هڪ ماءُ، ڀيڻ، وني، مڱ، محبوبا جي اڌمن، جذبن ۽ احساسن جون ڪهاڻيون ۽ تصويرون آهن، جن کي پڙهي ۽ ٻڌي اسان فياض ڏاهري جي محبت، معصوميت ۽ ماڻهپي کي پرکي سگهون ٿا.

“آلا نيڻ بهارن جا” ۾ شامل گيتن جي مطالعي کانپوءِ مون کي اهو چوندي ڪابه هٻڪ ڪانه ٿي ٿئي ته فياض ڏاهري جديد نظم سان گڏ جديد سنڌي گيت جو به تمام وڏو ۽ باڪمال شاعر آهي.

فياض ڏاهري اميدن جو شاعر آهي. هن جو شاعراڻو ڪمال اهو آهي، جو جتي هن جي نظمن ۾ مزاحمت ۽ گيتن ۾رومانيت آهي، اتي سندس غزل، مزاحمت، رومانيت ۽ سماجي شعور جو نرالو ۽ نادر نمونو نظر اچن ٿا. فياض ڏاهري جي غزل ۾ تعزل، جمالياتي حسن، خوبصورت تشبيهن، ترڪيبن، استعارن، عڪسن ۽ اهڃاڻن سان گڏ اُهي سموريون فني توڙي فڪري خوبيون موجود آهن، جيڪي هڪ ڀرپور ۽ سگهاري غزل گو شاعر جي غزل ۾ هجڻ گهرجن.

“سڀ رنگ پيا! تو ۾،

انڊلٺ جي گهٽائن جا.”

“هير سڄي هٻڪارون آهي،

وهنجي وار سڪايا هوندئي.”

“چاندنيءَ ۾ چڳون وکيري ٿو،

واءُ آهي شرير تر سائين!”

سنڌ جي نامياري شاعر ۽ ماهوار سوجهري جي سرواڻ تاج بلوچ جي لفظن ۾ “فياض ڏاهري هن دور جو معجزو آهي”. واقعي اها حقيقت آهي ته فياض ڏاهري هن دور جو معجزو آهي، جنهن جي شاعراڻي اڏام عقابن جي اڏام کان به اوچي ۽ مٿانهين آهي.

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments