خاص

آمريڪا ۾ وڏي دهشتگردي جو خطرو، هاءِ الرٽ جاري

آمريڪا ۾ تازين ٿيندڙ صدارتي چونڊن کي مڃڻ کان انڪاري حلقن طرفان امڪاني دهشتگردي جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪا جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل سال نومبر ۾ ٿيندڙ چونڊ نتيجن کي رد ڪندڙ ماڻهن ۽ گروپن طرفان دهشتگردي يا تشدد جي ڪارروائي ٿي سگهي. گهرو وزارت طرفان 6 جنوري تي ڪيپيٽل هل تي صدر ٽرمپ جي حامين پاران حملي کانپوءِ ان حوالي سان اڳ به خبردار رهڻ جي وارننگ ڏني وئي آهي. ياد رهي ته حملي واري ان واقعي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا هئا. جڏهن ته ان حملي کانپوءِ صدر جوبائيڊن جي حلف برداري تقريب ۾ غير معمولي سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا هئا. تقريب جي سيڪيورٽي لاءِ آمريڪي گادي واري شهر ۾ مڪمل ڪرفيو به لاڳو ڪرڻو پيو ۽ 20 هزارکان وڌيڪ سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا. گهرو وزارت طرفان امڪاني دهشتگردي بابت ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته ملندڙ ڄاڻ موجب ڪجهه شرپسند ماڻهو تشدد جون ڪارروايون جاري رکندا پيا اچن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هي اهي ئي شرپسند ماڻهو آهن جيڪي موجوده حڪومت جو قانوني اختيار نٿا مڃين. جنهن سبب هو نئين حڪومت کي مڃڻ کان به انڪاري آهن. ان ايڊوائزري ۾ ڪنهن باقاعده منصوبي جا تفصيل ناهن ڏنا ويا پر آمريڪا ۾ گذريل ڪجهه هفتن کان ڇڪتاڻ واري صورتحال جاري آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪورونا وائرس سبب لاڳو ڪيل پابندين، 2020 جي چونڊ نتيجن ۽ پوليس طرفان طاقت جي استعمال کي جواز بنائي اهي گروپ ڪوبه قدم کڻي سگهن ٿا.