خاص

آمر جي پيداوار نيب ۽ ملڪ گڏ نٿا هلي سگهن: شاهد خاقان عباسي

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آمر جي پيداوار نيب ۽ ملڪ گڏ نٿا هلي سگهن. احتساب عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته نيب جا قدم ملڪ جي مفاد ۾ نه آهن. نيب جو ادارو اپوزيشن تي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ ٺهيو آهي. 3 سالن کان ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي. جيڪا اسان کي پهرين ڏينهن کان خبر هئي اها اڄ سڄي ملڪ کي خبر آهي. هن چيو ته سياسي نظام کي دٻاءُ ۾ آندو پيو وڃي. ٽن وزيراعظم جي خلاف ڪيس ڪيترن ئي سالن کان هلي رهيا آهن. مهانگائي روزاني وڌي رهي آهي. بيروزگاري ۾ به واڌ ٿي رهي آهي. 3 وزيراعظم جا ڪيس عدالتن ۾ هلي رهيا آهن. براڊ شيٽ اسڪينڊل جون فائلون غائب ٿي رهيون آهن. پنهنجي خلاف ڪو ڪيس ايندو آهي ته ان ڪيس جون فائلون ئي غائب ٿي وينديون آهن. ڪيمرائون لڳائي عدالتي ڪارروائي عوام کي ڇو نٿي ڏيکاري وڃي. هن چيو ته خيرات وٺي ڪورونا کي منهن ڏنو پيو وڃي. پاڪستان  واحد ملڪ آهي جنهن پوليو جو هڪ ٽڪو به خريد ناهي ڪيو. پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن پرائيويٽ سيڪٽر کي ويڪسين خريد ڪري وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏني. شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪورونا جي اڄ پکيڙ گذريل هڪ سال کان وڌيڪ آهي. اين سي او سي ناڪام ٿي چڪو آهي هنن کي اڃان تائين اها خبر ناهي ته ڪورونا جي پکيڙ کي ڪيئن روڪيو وڃي.