آپريشن ۾ ڪڏهن ڪڏهن غلطيون ٿينديون آهن، هي ڪا ٻاراڻي راند ناهي: ڊي آءِ جي سکر

گھوٽڪي ۽ ميرپورماٿيلو جي ڪچي ۾ جاري آپريشن ۽ پوليس اھلڪار جي شھادت بابت ايس ايس پي گهوٽڪي چيو آهي ته ڌاڙيل حبيب الله اوڳاهي جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو ته مقابلو ٿيو، گوليون اي پي سي مان آر پار نه ٿيون، فائرنگ دوران اي پي سي ۾ ويٺل اهلڪار عبدالرحمان ويسر منهن ٻاهر ڪڍيو ته کيس مٿي ۾ گولي لڳي، ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي پوليس جي ناقص رٿابندي بابت چيو آهي ته آپريشن ۾ ڪڏهن ڪڏهن غلطيون ٿينديون آهن، هي ڪا ٻاراڻي راند ناهي، حقيقي ويڙهه ٿيندي آهي، ڪچي ۾ آپريشن هر صورت ۾ جاري رهندو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments