آچر تي سج گرهڻ ٿيندو ان کي سڌو سنئون ڏسڻ اکين لاءِ نقصانڪار هوندو: فواد چوڌري
سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سج گرهڻ پاڪستان ۾ آچر تي شروع ٿيندو ، ان کي سڌو ڏسڻ سان اکين کي نقصان ٿيندو، ماڻهو محتاط رهن. هڪ ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان اسپيس ايجنسي ۽ ماهرن جي مطابق صبح 9:20 کان 9:50 تائين پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ سج گرهڻ ٿيندو. گرهڻ جي صورت ۾ سج کي سڌو ڏسڻ سان اکين کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي. انهي ڪري احتياط ضروري آهي. هن پنهنجي ٽوئيٽ سان گڏ هڪ فهرست به جاري ڪئي جنهن ۾ سج گرهڻ جو تفصيل شامل آهي.