خاص

احتياط نه ڪيو ويو ته ڪورونا جي صورتحال بدترين ٿي سگهي ٿي: ڊبليو ايڇ او.

صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي اڳواڻ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن احتياطي تدبيرون سخت نه ڪيون ويون ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا جي صورتحال بد تر کان بدترين ٿي سگهي ٿي. دنيا جي اڳ واري معمول تي وائرس سڄي دنيا کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي ته جتي وائرس زندگي لاءِ خطرو آهي اتي سڄي دنيا جي معاشي صورتحال به خراب ٿي رهي آهي. صحت واري عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ادهانوم خبردار ڪيو آهي ته صحت سان لاڳاپيل احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل نه ڪيو ويو ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا وبا جي صورتحال بدتر کان بدترين ٿي سگهي ٿي. دنيا جي پهرين واري معمول تي واپسي ويجهي مستقبل ۾ ممڪن نظر نه پئي اچي. ٻئي طرف ڪورونا وائرس سبب دنيا ۾ پيدا ٿيل معاشي بحران ۽ مهانگائي بک ۽ بدحالي جي شرح ۾ اضافو ڪيو آهي. اقوام متحده خبردار ڪيو آهي ته ساڳي صورتحال جاري رهي ته 2030 تائين بک ۽ بدحالي جي خاتمي جو منصوبو مڪمل نه ٿي سگهندو. اقوام متحده جي رپورٽ مطابق دنيا جو هر 9 مان هڪ شخص بک ۽ بدحالي جو شڪار آهي.