ادبي خط سيما عباسي 2

(3)

ڊفينس گارڊن اپارٽمينٽس

ڀرسان طوبيٰ مسجد

ڊي ايچ اي فيز ون ڪراچي..

رات وئي صبح ٿيو، پکين کوليا پر،

ڪِن ميڙيا ماڻڪ موتي، ڪِن ميڙيا ڪک،

مليا تن کي لَک، جن اميد نه لاٿي الله مان.

 

ڀاءُ امر اقبال! السلام عليڪم!

اميد ته سکيا ۽ سَرھا ھوندئو! مان به پاڻ پنھنجي ٺيڪ ٿيڻ واري جدوجھد ۾ “مصروفِ عمل” آھيان. مولا پنھنجي ٻاجھ ڪندو.

ادا! پوئين ڀيري اوھان سان ڳالھ ٻولھ ٿي هئي ته انھيءَ ۾ پاڻ ٻنھي خطن جي حوالي سان پڻ گفتگو ڪئي ھئي. ان موضوع تي اوھان جي دلچسپي ڏسي خوشيءَ سان گڏ سرھائي محسوس ٿي ته، ادبي لڏي ۾ مون کانسواءِ به ڪي اھڙا ليکڪ آھن، جن کي خطن لکڻ واري پراڻي روايت کي نئين سر جيارڻ ۾، مون وانگر دلچسپي آھي. سو مون بھتر سمجھيو ته ھن ڀيري گڏيل دلچسپيءَ وارن موضوعن تي خط لکي، ھڪٻئي جي معلومات ۾ اضافو ڪجي.

ڀائو امر! خط کي “اڌ ملاقات” يا تحريري ملاقات جو نالو به ڏنو ويندو آھي. ان صنف سان مون کي ننڍپڻ کان وٺي دلچسپي رھي آھي. ان وقت مان شايد ستين درجي ۾ پڙھندي ھجان، جڏھن ھر مھيني گھر ۾ ھڪ اردو ڊائجسٽ “آداب عرض” ايندو ھو. ان ۾ ھڪ سلسلو ھلندڙ ھُو، “آپ ڪي نام” ان سلسلي ۾ مون ان ڊائجسٽ ۾ ليکڪن جي نالي تي خط موڪلڻ شروع ڪيا، جن ۾ انھن جي ڪھاڻين تي تبصرا ۽ تجزيا پڻ لکي موڪليندي ھُيس. ايڊيٽر “خالد بن حامد” جڏھن ان حوالي سان حوصلا افزائي شروع ڪئي ته اھو سوچي نھايت خوشي ٿي ته منھنجو قلم لکڻ واري ڏانءُ کان واقف آھي. ان ڪري مستقبل مان به ڪھاڻيون يا شاعري لکي سگھان ٿي، جيڪو اڳتي ھلي واقعي سچ ثابت ٿيو. انھن ئي ڏينھن ۾ ڀاءُ آصف رضا موريو سان پڻ آداب عرض جي سلسلي “آپ ڪي نام” جي توسط سان ڳالھ ٻول شروع ٿي ھئي ۽ انھن لکڻ جي حوالي سان شروعاتي طور تي منھنجي تمام گھڻي ھمت افزائي ڪئي ھئي.

بھرڪيف چوڻ جو مقصد اھو آھي ته “تحريري ملاقات” جي ان دل آويز سلسلي سان مون کي خصوصي دلچسپي رھي آھي. پيغام رسائيءَ جو اھو سلسلو تمام پراڻو آھي. جيڪڏھن مان ڀلجان نٿي ته سنڌ ۾ ٽپال وارو نظام مغلن واري دور حڪومت ۾ قاصدن گھوڙي سوارن جي ذريعي شروع ڪيو ھو، جيڪو سنڌ ۾ ڪاروبار، ھلائڻ يا جنگن ۾ پيغام رسائيءَ جي لاءِ ڪتب آندو ويندو ھو. مغلن جي ان ٽپال رسائيءَ جو ذڪر، مولائي شيدائي پنھنجي ڪتاب “جنت السنڌ” ۾ به ڪيو آھي. بھرحال اڄ اھو نظام جديد دور جي حوالي سان نھايت طاقتور شڪل اختيار ڪري چڪو آھي. يقينن خط پنھنجي وقت جو اھم تاريخي دستاويز پڻ ھوندو آھي، جنھن ۾ ان وقت جي حالتن جو سياسي، سماجي، معاشي ۽ نفسياتي تجزيو ڪرڻ ممڪن ھوندو آھي. مون کي پاڻ ٻنھي جي مشترڪه دلچسپي رکڻ جي حوالي سان خوشي ٿي آھي.

ڀاءُ! اڄڪلھ منھنجي طبيعت ڪڏھن ڪيئن ته ڪڏھن ڪيئن رھندي پئي اچي. اڪثر ڪو اڻ ڏٺو خوف جسم و جان کي وڪوڙي وڃي ٿو.

اڪ خوف بي پناهه هي آنکون ڪي آر پار،

تاريڪيون مين ڊوبتي لمحي هين سامني. (نامعلوم)

ڪيترن به حوصلن جي ھام ھڻان، پر ڪڏھن ڪڏھن طبيعت تي مايوسي غالب اچيو وڃي ٿي. پوئين ھفتي، ڪيموٿراپيءَ جي سائيڊ افيڪٽس جي ڪري “پليٽيليٽس” ۽ “وائٽ بلڊ سيلز” ڪافي گھٽجي ويا هئا. جنھن جي ڪري ڪمزوري تمام گھڻي وڌي ويئي آھي ۽ غذا به گھٽجي وئي آھي. اھوئي سبب آھي جو “پليٽيليٽس” ۽ “وائٽ بلڊ سيلز” جي رپورٽ تسلي بخش نه آئي آھي. ڀاءُ! ھر ڪيموٿراپيءَ کان اڳ، منھنجو آن ڪولاجسٽ مون کي صورتحال کي جاچڻ لاءِ گھرائيندو آھي. ڊاڪٽر عدنان عبدالجبار کي ڪينسر جي حوالي سان، نھايت گھڻ رُخي معلومات رکندڙ ڊاڪٽر مڃيو ويندو آھي. سو ھِن ڀيري ھُن منھنجي ڪنڊيشن ڏسي، ڪيموٿراپيءَ جي چوٿين سيشن ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏيو آھي. ھُن جو خيال اھو آھي ته انھن ٽيسٽن ۽ جسماني رد عمل جي خراب صورتحال کي مدِ نظر رکندي، چوٿين ڊوز کي ھڪ ھفتي تائين منسوخ ڪرڻ مناسب رھندو. پھريان سوچيو ھُو اوھان ڏي خط ڪيموٿراپي ختم ٿيڻ کانپوءِ، اسپتال مان موٽي اچڻ کان بعد ۾ لکندس، پر ٿراپي ڊلي ٿيڻ جي نتيجي ۾، ھي خط اوھان ڏي جلدي موڪلي رھي آھيان.

ڀاءُ امر! ھر انسان وانگي مون کي به پنھنجي زندگي تمام گھڻي پياري آھي. انسان کي، تڪليفون، ڏک، بيماريون ڇو نه ھجن، پر ان جو زندگيءَ سان پيار ڪڏھن به گھٽ نه ٿيندو آھي. جيئڻ جي جستجو ھن کي پيڙا ۾ به ھڪ نئين اميد ڏي واجھائڻ لاءِ مجبور ڪندي آھي. بيماريون اچڻيون وڃڻيون آھن. مان به پُر اميد آھيان ته مولا اوھان سڀني جي دعائن سان مون کي ضرور ٺيڪ ڪري ڇڏيندو… ۽ ھن مشڪل مان به پار ڪرائي ايندو… ڪوشش ڪندي آھيان ته ھر تڪليف جي گھڙيءَ ۾ استقامت ۽ صبر کان ڪم وٺان ۽ ثابت قدميءَ سان اڳتي وڌان… جڏھن به اندر جي مونجھ جسم تي حاوي ٿيندي ڏسندي آھيان ته پنھنجي ھِن پسنديده نظم سان پاڻ ۾ حوصلو پيدا ڪري وٺندي آھيان. نظم جي شاعر جو نالو ته ياد ڪونھي پر آٿت ڀريا ھي لفظ نھايت خوبصورت چيا اٿس.

We  are    weird  but    not insane

we  struggle  through  pain   But

alsoatain  the   desirable   gain

our Life might be messed up but

not yet stain.

and when we shine that’s to

our hearts that every soul hails.

(Anonymous)

بس ڀاءُ! ڇا ڪجي؟! تڪليف ڀل پھاڙ جيڏي ھجي،  انسان کي ھر حال ۾ مثبت سوچ سان ان جو مقابلو ڪرڻ گھرجي. حالانڪه اھڙن وقتن ۾ مايوسي غالب اچڻ پڻ فطري احساس آھي. ڪالھ خبر ناھي ڪھڙي ڪيفيت طاري ھئي، ان ڪيفيت ۾ اوھان جي وال چيڪ ڪئي ته ھيءُ نظم من موھي ويو.

ڪير ڄاڻي ڪير ايندو؟!

موڙ ايندڙ تي پرين!

ڪو پتو ئي ڪين آھي،

ڪير ڄاڻي ڇانوَ ڪھڙي؟

نانوَ پنھنجي تي لکيل،

ڪير ڄاڻي اس گڏجي اوچتو،

گس ڪھڙي ۾ پرين!

ڪير ڄاڻي ڏک ڪھڙي،

واٽ جھليو آ کڙو،

ڪير ڄاڻي ڪا خوشي ڪاٿي کڙي؟!

ڪير ڄاڻي موت جو راڪاس ڪاٿي ٿو رڙي؟!

ڪير ڄاڻي زندگي ڪاٿي ملي؟! (امر اقبال)

ڀاءُ! ڪھڙي نه سڀاوڪ انداز ۾ احساسن کي لفظن جي لولي ڏيئي سرور ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿو. تمام خوبصورت ۽ ٽَچي نظم آھي، ڄڻ خليل جبران يا ورجينا وولف جي ڪنھن اڇوتي خيال کي پڙھندا ھُجون.

ڀائو امر! منھنجا حال احوال گھڻا ٿي ويا. ھاڻي اوھان پنھنجي باري ۾ ڪجھ ٻڌايو؟ ڇا ڪندا آھيو؟ منھنجو مطلب آھي، لکڻ پڙھڻ کان علاوه ٻيو ڪھڙو ڪم ڪندا آھيو؟ يا ڪھڙي شعبي ۾ نوڪري ڪندا آھيو؟ معذرت خواھه آھيان مون کي اوھان جي باري ۾ ايتري معلومات ڪونھي… ٻار ڪيترا اٿو؟ اھي ڇا پڙھندا آھن؟ ڪم ڪار يا نوڪريءَ جي حوالي سان، ڪٿي اوھان به ھن ملڪ جي المياتي سسٽم جو شڪار ته نه آھيو؟ ڀاءُ! ڪڏھن ڪڏھن ڏاڍو افسوس ٿيندو آھي، جڏھن ڏسندا آھيون ته اسان جا باصلاحيت نوجوان نوڪري نه ملڻ سبب دلبرداشته ٿي، ٻاھرين ملڪ ڏي قسمت آزمائيءَ جو سوچيندا آھن. ان کان وڌيڪ افسوس تڏھن ٿيندو آھي، جڏھن نااھل ماڻھو چڱن چڱن عھدن تي براجمان ڏسندا آھيون. خبر ناھي اسان جي ملڪ جو، خصوصن سنڌ جو نظام ڪڏھن درست ٿيندو؟ بھرحال اوھان قربان منگي صاحب جو پوپٽ پبلشنگ هائوس سنڀالڻ ۾ به اڳڀرا رھيا آھيو، سو اھو يقين آھي، اوھان واندڪائيءَ کي پسند نه ڪندا ھوندا ۽ علمي ۽ ادبي حوالي سان مصروف رھڻ کي ترجيح ڏيندا ھوندا. اوھان جڏھن  اختر درگاھي صاحبَ ۽ قربان منگي صاحب سان گڏ، منھنجي عيادت لاءِ آيا ھُئا ته اوھان سڀني کي پنھنجي گھر ۾ ڏسي، بيحد خوشي ٿي ھئي. اوھان جون آندل خيرپور جون جَڳ مشھور کارڪون ڪيترائي ڏينھن پاڙي اوڙي ۾ ورھائڻ کانپوءِ پاڻ به کائيندا رھيا ھُياسين، پر حيرت انگيز طور تي انھن کارڪن ۾ ايتري ته برڪت ھئي جو ڳچ عرصي تائين ھلنديون رھيون ھُيون. ڀاءُ! مزاج پرسيءَ وقت پنھنجو نئون ڪتاب گفٽ ڪندي، اوھان چيو ھو ته مان اوھان جي ڪتاب تي تبصرو لکان.Brother! it will be my pleasure  اوهان جي پُروقار شخصيت ۽ شاعريءَ تي ھڪ تفصيلي تجزيو ضرور لکبو. اوھان پنھنجي طبيعت جي عاجزيءَ سان، ٻن اکرن لکڻ لاءِ چيو آھي، پر اوھان جي ادبي خدمتن کي ٻن لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏکيو ڪم آھي. سو ان ڏکئي ڪم جي بدران مان سوَلي ڪم طرف وڃڻ پسند ڪندس ۽ اوھان جي ادبي خدمتن تي جلد ئي ھڪ مڪمل تبصرو لکڻ جي ڪوشش ڪندس، پر ان حوالي سان وقت ۽ طبيعت جي اجازت ضرور درڪار رھندي. ادا! اوھان خوش نصيب آھيو، جو ڏات ۽ ڏانءُ ٻئي اوھان تي مھربان رھندا آيا آھن. مزاحمت جي موضوع تي ڪجھ ڏينھن اڳ، اوھان جو نظم پڙھيو ھُو، اھو پڻ ڏاڍو پسند آيو ھُو. اوھان نظم ۾ پنھنجي مذمت جو اظھار ھِن طرح ڪيو آھي:

ڪارونجھر جي ڪٽجي وِيو

اونچا جذبا

عزم ارادا

ڪنھن سان ڀيٽيندي او شاعر!؟

ڪاٿئون ٻڌندي مور ٽھوڪا؟

ڪنھن تي بيھي پنھنجي ٿر جو

درش ڌارائون ڌار ڪندين!؟

سينو کولي پنھنجي ھٿ سان

پاڻ مٿان ئي وار ڪندين!

ڪارونجھر جي ڪٽجي ويو- (امر اقبال).

ڀاءُ! ان نظم ۾ جيڪڏھن پھرين ۽ آخري سٽ ۾ “ڪارونجھر جي ڪٽجي ويو” جي بدران “ڪارونجھر جي ڪٽجي ويندو” لکيو وڃي ته نظم وڌيڪ بامفھوم ۽ بامعنيٰ انداز ۾ ادراڪ جا خوبصورت عڪس پسائي سگھي ٿو. وڌيڪ اوھان جي شيءِ آھي… ھڪ شاعر ٻئي شاعر کي محض مشورو ئي ڏيئي سگھي ٿو.

ڀاءُ! سنڌ ڌرتيءَ جو اھو الميو رھيو آھي ته ان جي فطري سونھَن کي پائمال ڪري سدائين پنھنجي مَفادن جا مزا ورتا ويا آھن. اڃا ڀُڳڙن مُٺ تي کپجي ويندڙ بحريا ٽائون جو ڏک ئي ھلڪو ڪونه ٿيو ھو ته وري ڪارونجھر جي قيمتي پٿر تي نظر وڌي اٿئون. ڀاءُ! ڪڏھن ڪڏھن سنڌ جي لاوارثيءَ تي افسوس ٿيندو اٿم. جڏھن وارثي ڪرڻ وارا ھٿ ئي غيرن سان ملي وڃن ته پوءِ سنڌ ڌرتيءَ جا فطري ۽ قيمتي اثاثا ائين قربان ڪيا ۽ لٽيا نه ويندا ته ٻيو ڇا ٿيندو؟… ڪاش! اسان جا پنھنجا ڌرتيءَ جي وارثي ڪرڻ لاءِ نيڪ نيت ٿي سوچين. بھرحال ڪو ازالو ٿي نه ٿي “واڪا ڪرڻ مون وس” وانگر ھر ظلم نا انصافيءَ ۽ اڻ برابريءَ خلاف پنھنجي لفظن جي مزاحمتي عَلم کي بلند رکندا اينداسين. قتيل شفائيءَ جي ھِن شعر وانگر…

کلا هي جوٺ ڪا بازار آئو سچ بولين،

نه هون بلا سي خريدار، آئو سچ بولين- (قتيل شفائي).

آخر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان تازي اليڪشن ٿيڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل “عجيب و غريب” صورتحال تي ڳالھائڻ چاھيندس.

ڀاءُ! اڪثر اوقات ھِن تنظيم جي اڳوڻي اھميت ختم ٿي وڃڻ تي دلي افسوس ٿيندو آھي. اسان وٽ ادارا تڪليفن سان ٺاھيا ته ويندا آھن، پر سنڀاليا ڇو ناھن ويندا؟! شايد سنڌين جي ترقي نه ڪرڻ جو ڪارڻ به اھو ھجي. سنڌي ادبي سنگت جيڪا ايشيا جي سڀ کان وڏي تنظيم ڄاتي ويندي ھئي، ان جو اھڙو حال آخر پنھنجن اديبن ئي ڇو ڪيو آھي؟ ڇا تنظيمون اليڪشن ۾ حصو وٺڻ سان يا عھدن تي ويھڻ سان يا بي عمل دعوائون ڪرڻ سان ٺھنديون آھن؟! منھنجي خيال ۾ ھاڻي گھڻو ٿي چُڪو! اسان سڀني اديبن کي پنھنجا اختلاف وساري ھڪ ٿيڻ جي ضرورت محسوس ڪرڻ کپي. ھونئن به ڪورٽ جي فيصلي کي نه مڃڻ کانپوءِ اختلاف رکندڙ ڌُرين جي موقف جي اھميت به ڇا رھجي وڃي ٿي؟… مان ته جڏھن کان ادبي سنگت ڪراچيءَ جي ميمبر ٿي آھيان، تڏھن کان وٺي ڪڏھن ڪو نه ڏٺو آھي ته ان تنظيم ڪڏھن سنڌي ٻوليءَ جي فروغ ۽ بھبود لاءِ ڪم ڪيو ھُجي يا ھُن ڪڏھن سنڌي ثقافت جي نمائندگيءَ جي ڏس ۾ ڪو مثبت ڪردار ادا ڪيو ھُجي يا وري ڪنھن بي پھچ غريب اديب جي معياري شاعريءَ جو ڪتاب ڇپرائڻ جي حوالي سان ڪا مدد ڪئي وئي ھُجي. ان حوالي سان اھا تنظيم ڪيترن ئي سالن کان غير فعال ڏٺي ويئي آھي. باقي ڇڪتاڻ جي سلسلي ۾ سدائين متحرڪ ۽ فعال ڏٺي ويئي آھي. عھدن تي براجمان ٿيڻ جي حقيقت پنھنجي جاءِ تي،  پر فعال انداز ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي آخر سنجيدگيءَ سان ڪڏھن سوچيو ويندو؟ بھرحال ان پُر فڪر سوال تي پنھنجي خط جو اختتام ڪيان ٿي. اميد ته منھنجي لفظن اوھان جي صبر کي  گهڻو نه آزمايو ھوندو.

الله حافظ

ادب جي معمولي شاگردياڻي اوهان جي ڀيڻ سيما عباسي

ڪراچي 5 نومبر 2020

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments