اديب بڻجڻ جو ڪارگر نسخو شوڪت لوهار August 2021

حيدرآباد ۾ ايترا ڪوچنگ سينٽر آهن جيترا مٿي ۾ وار، جتي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي جارن، ٻرالن ۽ ڳڙکين مان ڪيئي پاٺڪ ”ابنِ بطوطه پهن ڪي جوتا“ ڳائيندا پهچندا آهن ۽ علم جي اُڃ کي اِي ڪيٽ، ايم ڪيٽ ۽ الائي ڪيترن ئي نالن جي ٻلين جي برانڊن جي منرل واٽر سان اجهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر افسوس، ڏک، روڄ راڙو، درد تڪليف اها آهي ته هتي اديب بڻائڻ لاءِ هڪ به ڪوچنگ سينٽر، ٽيوشن سينٽر نه آهي. هر گهٽي ۾ هڪ نه ٻئي گهر ۾ پوڙهين مائين جي منهن تي مڻ اٽي جو ٿڦي ڪئين مشل اوبامائن، ڪيٽ ونسليٽ ۽ ڪترينا ڪيف جهڙو بڻائڻ جا ڏٽا ڏيڻ لاءِ کوڙ بيوٽي پارلر به موجود آهن، پر اديب بنائڻ، اديب جو ميڪ اپ، هار سينگار ڪرائڻ لاءِ هڪ به بيوٽي سيلون نه هجڻ واقعي قلمڪارن، قلمدانن ۽ قلم ڌڻين سان وڏي زيادتي آهي، وڏي ويساهه گهاتي آهي، وڏي ويڌن آهي.

ڀلا خير آهي جي اديب نگاريءَ لاءِ ڪو ادارو ناهي ته ڇا ٿيو؟ ڪو پارلر، اديب پارلر، اديب پروڊڪٽ لميٽيڊ ناهي ته ڇا ٿي پيو؟ مايوس ٿيڻ جي ڪا ضرورت نه آهي. منهن مٿو پٽڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. ڪپڙا ڦاڙڻ ۽ گڦ وهائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. مون وٽ اديب سازي جا ڪيئي عظيم نسخا آهن. هنن نسخن جو فيض جي نسخهءِ هاءِ وفا سان ڪو تعلق نه آهي، نه ئي غالب سان ڪا مٽي مائٽي آهي. هي نسخو خالص يوناني آهي ۽ يوناني هوندي به سقراط، افلاطون ۽ ارسطو سان هن جي ڪابه پاڙ، ڪابه شاخ، ڪوبه پن پتو ڪونه ٿو ملي. ان ڪري هي نسخو نج ۽ اصلي آهي ايئن اصلي آهي جيئن جواهر محري جو ڪُشتو اصلي ٿيندو آهي.

اسان وٽ ڊاڪٽر تيار ٿين ٿا، انجنيئر به ٺاهيا وڃن ٿا. ڪمپيوٽر لاءِ به ڪئين بل گيٽس پروڊيوس ٿين ٿا. اديبن الائي ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو اديب سازي لاءِ هڪ به ڪارخانو نه آهي؟ هيڏي ساري سنڌ ۾ هڪ به فيڪٽري اهڙي ڪونهي جتي اديب مينو فيڪچر ٿيندا هجن. ناهي ته پوءِ ڇا ٿي پيو، توهان دل ننڍڙي نه ڪريو توهان دِل نه لاهيو، هانءُ هلڪو ڪرڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. توهان پريشاني، سستي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيلسي يا سي اي سي پيو ۽ آئون اوهان کي اديب بنجڻ جو سنئون سڌو آسان نسخو ٻڌايان ٿو. جنهن تي عمل ڪري اوهان به وڏا عظيم ۽ مهان اديب ٿي سگهو ٿا ۽ انهن اديبن سان ڪلهو ڪلهي سان، پير پير سان، نڪ نڪ سان ملائي بيهي سگهو ٿا. جن جو قد تمام وڏو آهي. جن جا هٿ تمام وڏا آهن، جن جي هاڪ ڏيهان ڏيهه مشهور آهي. گهٻرايو نه صرف ڏنل هدايتن تي عمل ڪرڻ شروع ڪريو، توهان ڏسجو ته توهان چند ئي ڏينهن جي چند ئي لمحن ۾ سنڌ جا مهان دانشور اديب ٿي ويندئو. توهان جلد ئي سنڌ جي مڙني اديبن کان گوءِ کڻي ويندئو. اصل صفا هماليه جي چوٽي جيڏا اديب بڻجي ويندئو. توهان سمجهندا هوندا ته هڪ اديب طور توهان جو قد ڪاٺ ايڏو ڪيئن وڌي ويندو؟ سچ پڇو آئون اوهان کي ادبي قد وڌائڻ لاءِ گروٽال هائيٽ گروٽ جي ڪابه دوا، ڪابه ڦڪي يا ڪيسپول نه پيو ڏيان ۽ نه ئي اوهان کي ڪنهن ڏکي ڪثرت لاءِ چوان ٿو جو اوهان ڪو جم جوائن ڪريو صرف منهنجين ڳالهين کي دل سان هنڍائيندا وڃون، اوهان (لياقت) يقينن سنڌ جا مهان ۽ عظيم اديب بڻجي ويندئو. سڀ کان پهرين اوهان کي اديب هجڻ جي ڪواليفڪيشن جي سانچي ۾ لهڻو پوندو. جيئن ارسطو پنهنجي شاعري جي مقدمي ۾ هيرو ”نائڪ“ ٿيڻ لاءِ ڪجهه حدون مقرر ڪيون آهن ته جيڪڏهن هي هي خوبيون هجن ته ماڻهو هيرو ٿي پوندو. اهڙيءَ طرح اديب بڻجڻ لاءِ به ڪي لياقتون هجڻ گهرجن، ڪجهه سگهڙائپ هجڻ گهرجي.

اديب بڻجڻ لاءِ سڀ کان پهرين ڳالهه اها آهي ته اوهان جا وار وڏا ۽ وکريل هجن، پر جيڪڏهن اوهان گنجا، ٺوڙها آهيو ته مجبوري آهي، پر ان جو به حل آهي ته اوهان وڏن وارن واري وگ استعمال ڪري سگهو ٿا. اوهان جي شيو وڌيل هجي. اوهان کي ڪاٽن جا کڙڪڻا، ڪلفيل ڪپڙا پاتل هجن يا کاڌي جا ريگمال جهڙا ڳوڻي نما ڪپڙا پاتل هجن. جيڪڏهن اوهان چشمو پايو ٿا ته هٿان ئي ڀلو، پر جيڪڏهن نٿا پايو ته پوءِ هڪ عدد اڇي عينڪ به ساڻ رکو، جي پايو. انهيءَ جو اوهان کي کليو کلايو صوابديدي اختيار آهي. اديب ٿيڻ لاءِ اوهان کي ڪو بهGRE  يا GMAT، IELTSS  ياTOEAFL  جي امتحان ۾ نه ويهڻو پوندو. پهريون اوهان جوLook  (ڏيکاءُ) اديباڻو هئڻ گهرجي. مثال طور: اوهان ايڏا ڏکايل نظر اچو، ايڏا ڏکارا نظر اچو، ايڏا سنجيده نظر اچو، ڄڻ دنيا جا تقريبن ٽي پاءُ ڏک توهان کي آهن. ايڏا پريشان نظر اچو ڄڻ دنيا جي مڙئي مشڪلاتون اوهان جي ڪلهن تي سوار هجن. ايڏا غمزده ڏسجو جو سنڌ جي سڀني دردن کي ڄڻ توهان سنڀاليو بيٺا آهيو. اوهان ايئن هرگز نه سمجهجو ته خدانخواسته منهنجو مطلب هتي ٽٽيهر واري ڪٿا جو آهي. جنهن ۾ هو سڄي رات پنهنجي هڪ ٽنگ اڀي ڪري سمهندو آهي ۽ اوجاڳن ۾ رهندو آهي. الڪن ۾ ويڙهيل هوندو آهي ته متان آسمان نه ڪري پوي. آئون هيءَ ڳالهه خالص اديب بڻجڻ جي حوالي سان ڪريان ٿو. هن نسخي جو ٽٽيهر جي ناني ۽ ماسي سان ڪوبه واسطو نه آهي. ٻين سڀني ڳالهين سان گڏ اوهان پنهنجي لکڻين ۾ سنڌ سان پيار، سنڌ سان محبت، سنڌ جي ماروئڙن سان سِڪ ۽ اُنس جو ڀرپور اظهار ڪريو. ڇاڪاڻ ته سنڌي اديب ٿيڻ لاءِ اها اول شرط آهي. هونئن ڀل توهان سنڌ جي مسئلن تي خاموش هجو. ڀلي درياءَ کڻي وڃن، ڀلي سنڌ کي ڌاريا هاءِ جيڪ بڻائي ڇڏين. اوهان سنڌ جي سونهن سوڀيا ۽ موهن جي دڙي جي پنج هزار سالن جي تاريخ سدائين پنهنجي لکڻين ۾ لکندا رهو. اوهان هر دفعي اهو بانور ڪرائيندا رهو ته اوهان ئي هن ماتر ڀومي جا اصل وارث آهيو. اوهان ڀل ڪڏهن موهن جي دڙي جي هاڻوڪي حالت ڏسڻ به نه ويا هجو، پر اوهان کي ان جي وارثي جي ڳالهه ضرور ڪرڻي پوندي ڇاڪاڻ ته اوهان اديب بڻجي رهيا آهيو.

ان کان علاوه هڪ ڳالهه جو خيال رکو ته وڏو اديب هميشه وڏن وڏن ڪتابن جا حوالا ڏيندو آهي. اوهان به پنهنجي لکڻين ۾ دنيا جي وڏن وڏن دائوس ڪتابن مان حوالا کڻي ڏيو. ايڏي مٿي ڪٽ ۽ ڪن مهٽ ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. توهان صرف هڪ اڌ سٽ ڪو قول، ڪا چوڻي، ڀلي ڪنهن جي هجي اوهان وڏن اديبن سان منسوب ڪري ڇڏيو. ڀلي ٽرڪ ۽ ٽرالرن پٺيان لکيل شاعري هجي، رستي ويندي نوٽ ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ان کي ڀلي دنيا جي ڪنهن عظيم شاعر سان رليٽ ڪري ڇڏيو. پڙهڻ جي ضرورت ڪونه آهي. ڪير ويهي انگريزي ڪتاب پڙهندو، ڪو چريا ٿيا آهيو ڇا بس اوهان نالو ياد ڪري ڇڏيو. پڙهڻ جي ڪوشش ڪندؤ ته صرف ٽالسٽاءِ جيWar and peace  ۽ شولو خوف جيQuite flows the dawn  تي عمر ڳري ويندي. مٿو اڇو ٿي ويندو. اوهان جا ته هڏ گڏ ڀڄي پوندا. بس هڪ اڌ سٽ ڪٿان پڙهي انهن سان منسوب ڪرڻي آهي ڇو ته اوهان اديب بڻجڻ جي چورڻ چٽي رهيا آهيو. ٻي وڏي ڳالهه اها آهي ته اوهان پنهنجي لکڻين ۾، ڪنهن تقرير ۾ يا عام ڳالهه ٻولهه ۾ ڪنهن ازم(ism) جو حوالو ضرور ڏيو ۽ اوهان ڪنهن ازم سان ضرور سلهاڙيل هجو. جيئن صوفي ازم، مارڪسزم، لينن ازم، ڊاڊا ازم، ازم جي ٽائر ۾ ايئن سمائجي وڃو جيئن ان ۾ نرم ٽيوب سمائجي ويندو آهي. اوهان هتي ازم کي غلط نه سمجهجو. متان ازم کي چرس وارو وزم سمجهي رهيا هجو، جيڪو خدو خان پنهنجي ڳوٺ ۾ نوجوانن کي ڏيندو آهي. جنهن سان هو سُلفيون ڀري دونها ڪڍندا آهن ۽ ”هاءِ خدو تنهنجو وزم“ جهڙيون پڪارون پيا ڪندا آهن، پر هي ازم خدو واري وزم کان مختلف آهي. اوهان ڳالهه ڪندي، لکندي. هميشه ڪنهن ازم جي اٺ تي چڙهي پوءِ ڳالهايو، ڇو ته اها مجبوري آهي. آخر اوهان کي عظيم دانشور ۽  اديب بڻجڻو آهي، ڪا مذاق ٿورو ئي آهي.

اديب ۽ عظيم ليکڪ بڻجڻ لاءِ اوهان کي پنهنجو نالو به ادبي رکڻو پوندو. ٻولي به ادبي ڳالهائڻي پوندي. مطلب توهان جي هر رنگ، ڍنگ ۾ ادب پيو چلڪا ڏيندو. اوهان کي پنهنجو نالو مٽائي ڪو ٻيو نالو، ڪو تخلص، ڪو نِڪ نيم، ڪو پين نيم، ڪو سليٽ نيم رکڻو پوندو.

اوهان جو اصلي نالو جيڪڏهن ڊگهو آهي ۽ ادب جي پوشاڪ ۾ نٿو اچي ته اوهان کي ان کي الٽر ڪرڻو پوندو. ڪنهن ماهر واڍي کان ان جي رندائي ڪرائڻي پوندي. پوءِ جيڪڏهن اوهان وڌيڪ اداس طبيعت آهيو. پريشان طبيعت وارا يا اوهان ڪي انقلابي ڌرتي جي درد سان سرشار آهيو ته اوهان کي نالو به انهيءَ حساب ڪتاب سان چونڊڻو پوندو. مثال اوهان پنهنجا هي قلمي نالا رکي سگهو ٿا ”اداس، ڦٽيل، غمگين، ڏکايل، جبل، پهاڙ، ٽڪر، ارڏو وغيره وغيره…“

جيئن جيئن اوهان جون ڪهاڻيون، ڪالم، مضمون ڇپجندا ويندا ته اوهان جي عظيم ليکڪ هجڻ جي ريٽنگ ۾ واڌارو ٿيندو ويندو. ڪجهه ئي وقت ۾ اوهان عظيم اديب، مهان شاعر، چوٽي جا ڪهاڻيڪار ۽ دانشور، چڙهيل وڏا ڏاها، ليکڪ بڻجي پوندا. پوءِ اوهان جي مرضي آهي ته اوهان جيئن وڻي تيئن ڪريو، هاڻ توهان سنڌي ٻولي جا عظيم اديب ۽ ليکڪ آهيو. سنڌي ادب ۾ اوهان هر اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ آهيو. جياريو يا ماريو، جنهن جو وڻي پٽڪو لاهيو، جنهن کي پٽڪو ٻڌايو اهو اوهان تي ڇڏيل آهي. اوهان پنهنجي تخلص سان گڏ پنهنجي نالي جي اڳيان، پٺيان، پاسي ۾ هيٺ، مٿي، ڪنڊ ۾ جتي چاهيو اتي ڊاڪٽر، انجنيئر، علامه، ڀلي لڳائي ڇڏيو. اهو اوهان جي شان ۾ اعزاز جيان آهي. بلڪل ساڳي طرح جيئن پوليس وارن جي ترقي ٿيڻ تي انهن کي ڦول لڳايا ويندا آهن، پر هي ڦول سرنهن جا نه هوندا آهن، بلڪه ٽامي يا لوهه جا هوندا آهن.

خيال ڪيو احتياط ڪيو، هاڻ توهان وڏا عظيم اديب ۽ ليکڪ بڻجي چڪا آهيو. اوهان ادبي ويهڪن ۾ گهڻو ڪري غيرحاضر رهو، جيئن اوهان جي اهميت ۾ اضافو ٿئي. جي اچو ته دير ڪري اچو ۽ سنگت کي ٻڌايو ته يار معاف ڪيو، جو جڳ مشهور ليکڪ اسٽيفن ميئر جيTwilight  کي پئي پڙهيم، وسڪي جي ايڊٽ جي سحر ۾ وڪوڙيل رهيس.Conan Doyle جي شرلاڪ هومز جڪڙي ڇڏيو هو وغيره وغيره ايئن اوهان جي ادبي قد ۾ اضافو ٿيندو ۽ اوهان جو ادبي قد ڪاٺ بغير جم جوائن ڪرڻ جي ستن آسمانن تائين وڃي پهچندو.

حقيقت ڀل ان جي ابتڙ هجي پر اوهان ڀل گهر ۾ بيگم جي تشدد جو نشانو بڻيا هجو. باس کي وٺڻ لاءِ پيرين پنڌ هوائي اڏي تي پهتا هجو. ڀلا حقيقتن سان اديب جو ڇا وڃي، اهو به عظيم اديب جو؟

اوهان جا ٻار ڀلا ڪيمبرج ۽ آڪسفورڊ سسٽمن ۾ پڙهن، پر اوهان هميشه سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي احتجاجي جلوسن، بک هڙتالن ۾ فوٽو فيشن ڪرائي ڀل غائب ٿي وڃو، جيئن ڪنهن پرائمري ماستر جي پگهار پهرئين تاريخ کانپوءِ غائب ٿي ويندي آهي. اوهان جا ٻار Twinkle twinkle little star, humpty dumpty sat on a wall جون رائيمز پڙهندا هجن، پر توهان هميشه ادبي ويهڪن ۽ ٽي وي انٽرويوز ۾ سنڌي قوم جي ٻارڙن کي ”واهه ڙي تارا گول تارا“ ۽ ”جهوجهو ماٽي لسي پنهنجي گهاٽي“ پڙهڻ جي سخت تلقين ڪندا رهو، ڇاڪاڻ ته اوهان وڏا ليکڪ ۽ عظيم اديب بڻجي چڪا آهيو.

گهر ڀل چور ٻهاري وڃن. اوهان تي اهو فرض آهي بلڪه قرض آهي ته اوهان پنهنجي پايي جي اديبن سان شامون ملهايو، سانجهون ملهايو، راتيون ملهايو، منجهندون ملهايو يا پرهه ڦٽيون ملهايو، انهيءَ سان اوهان جو نالو وڏين شهه سرخين ۾ ڇپجندو ته اوهان فلاڻي اديب سان شام ملهائيندي هيئن چيو يا هونئن چيو. اوهان جي گهر ۾ ڀل شاهه لطيف جو رسالو نه هجي، پر اوهان کي هر دفعي هر پنڊال ۾ هر ميڙ ۾ اهو ئي بانور ڪرائڻو آهي ته اوهان کان وڌ لطيف شناسي ڪنهن وٽ آهي ئي ڪونه. لطيف کي جيئن اوهان پڙهيو آهي. ايئن ڪنهن جي مجال آهي جو پڙهي ۽ پرجُهي؟ اوهان مائيڪ تي صفا فٽفٽي وانگر رڙيون ڪري لطيف شناسي لاءِ پنهنجو رت سڪائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته لطيف کي جيترو اوهان سمجهيو آهي، ايترو ڀلا ارنيسٽ ٽرمپ ٿورو ئي سمجهيو هوندو. جيئن اوهان لطيف کي انٽرپريٽ ڪري سگهو ٿا، ايئن ڀلا ايچ ٽي سورلي جي مجال آهي جو ڪري سگهي. جيئن اوهان لطيف جي هر بيت جي سٽ ۽ نقطي جا نٽ بلٽ کولي ان جي اندر تائين لهي ويا آهيو، اتي ڀلا اينيميري شمل جي مجال آهي جو پهچي. آخر اوهان هاڻ عظيم اديب بڻجي چڪا آهيو…

اوهان سنڌي اديبن جي مرڻ جو انتظار ڪريو ۽ مرندي ئي بيان جاري ڪري ڇڏيو ته فلاڻو عظيم شاعر، عظيم ناول نويس، عظيم ڏاهو، عظيم سنڌي لغت جو ڄاڻو ۽ مرڻ کان اڳ ئي ان تي لکيل تعزيت نامو ڪڍي ڇپرائي ڇڏيو. ان اديب ۽ ليکڪ جي جيئري ڀلي اوهان ڪڏهن ان ڏانهن لڙي نه ڏٺو هجي. ڇاڪاڻ ته جيئري سندس لکڻيون توهان جي لکڻين کان ڊُڪ ڊوڙ ۾ سرس هيون، تنهن لاءِ اوهان کي هو نه وڻندو هو.

پرڏيهي دورن لاءِ به اوهان هر وقتwash and wear  ڪپڙن جيئن تيار رهو. ڪا کڙڪ پئي ناهي ۽ اوهان جو پاسپورٽ ثقافتي ڪارندن تائين پهتو ناهي. پوءِ پرڏيهي دورن ۾ سرڪاري خرچ تي اتان جي اديبن کي ٻڌايو ته سنڌ سندر آهي. سنڌ واسي ڏاڍا مهمان نواز آهن. موهن جي دڙي جي مٽي جي مهڪار ۾ عجب هپناٽزم آهي. پوءِ واپس اچي هڪ ٽاهو سفر نامو تحرير ڪريو ۽ ان ۾ لکو ته اوهان ڪٿي ڪٿي ويا، ڪنهن سان مليا، اهو به لکو ته اوهان جڏهن شملا جي برف پوش پهاڙن ۾ ويٺا هئا ته اوهان کي ٽيڙو لکڻ جو خيال ٿيو. اوهان کي دهلي جي هڪ خوبرو ڪنيا کي ڏسي ڪو نظم لکڻ لاءِ دل چيو. گووا جي بيچ تي اوهان کي ڪيئن نه نظم سرجڻ جو خيال آيو.

مٿيان سڀئي ڪشتا جيڪي هن نسخي جو حصو آهن. اوهان ڀلي آزمائي ڏسو شرطيه ڳالهه آهي ته اوهان بنا ڪنهن ڪارخاني جي بنا ڪنهن فيڪٽري جي هن نسخي جي بدولت چند ئي ڏينهن ۾ عظيم ۽ مهان اديب ليکڪ بڻجي ويندا. ڪوشش ڪرڻ ۾ مهڻو ڪونه آهي. اوهان ۾ اڳ ۾ ئي اديب سازيWriters manufacturing  جا ڪئين گڻ موجود آهن. ضرورت آهي هن نسخي کي هڪ دفعو آزمائڻ جي. 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments