شاعري
”اسانجي دور ۾ مارڪس جي معنيٰ!“
(ويڳاڻپ)
ان رات خوشي منھنجي دل ۾ رني
آڌيءَ رات مھل
ھڪ روشن رستي جي ڪنڊ تي
معذور فقير جي بک تي
کلندي اسان ڪونه پئي سمجهيو
ته ڏيندڙ ھٿ، پاڻ ڪيڏا نه پنندڙ هوندا آهن
اسان ھن کي عزت ڏني
بيري کان گھرائي فلائنگ ساسر ڏنا
۽ نيڪي جي غرور ۾ ڪجھ پئسا پڻ
ھو جانورن جيان ڪُٻڙو منڊو فقير کليو
ھن جا ڪِنا ڦڪا ڏند
ميرو گدلو چھرو
چيهاڙيل عضوا
سندس کِل ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿيندا رهيا
پنھنجي اداسي، پنھنجي اڪيلائيءَ کان ڀڳل اسين سڀ….
فقيرن جي لطيفن کي ٿُڪيندا رھياسين
افراتفريءَ ۾ خيرات اڇلائيندا رھياسين
زمين جي ان ٽڪر تي
لکن گھرن ۾
اٽي مٺ جو سوال…
اڄ به ڪيترو سوالي آهي
منهنجا دوست کلندي کلندي پنهنجيون اکيون خشڪ ڪرڻ لڳا
(ڇوڪريون جڏھن گھڻو روئينديون آھن، اھي ڪيترو کلنديون آھن)
فقير اسانجي ويجھو اچي ويو،
پنھنجي ڦاٽل اکين سوڌو
پر اسانجي جيپ، سندس ڀر مان ڀونڪندي لنگهي وئي
رستا صفا خالي هئا
ھڪ خالي رستو دلين ۾ به ھو
منھنجي دوست ڏاڍو کلي رھي ھئي، پنهنجن ڳوڙهن سان…
اسان فقيرن جي باري ۾، بدمعاشن جي باري ۾،
خوشيءَ جي باري ۾، محبت جي باري ۾ ڳالھيون ڪندا رھياسين
زندگيءَ کي برداشت ڪندا رھياسين…
وقت جي اک زخمي ٿي وئي
اسان دل جي هڪ چٿڙ مان هڪ ٽڪرو ڦاڙيو
انجي ملم پٽي ڪئي
پوءِ اسان زور زور سان کلڻ لڳاسين پنھنجي اکين ۾…
اوچتو مونکي محسوس ٿيو
بک جڏھن پيرن جي تِرين ۾ ڪنڊي وانگر چڀندي آھي
۽ اکين ۾ گرم لوهه جي سيخن وانگر لھندي آھي
درد، ديوار جي صورت ۾ دلين تي ڪرندو آهي پر…
اسانجي جيپ ڌٻڻ ۾ ڦاسي پئي
جھوپڙين مان اڌ اگهاڙيون مايون ۽ پورا اگهاڙا ٻار
اسان کي اداسيءَ مان تڪي رھيا ھئا
هو ايترا ته بکايل هئا، جو جيڪڏهن ڪتا هجن ها ته ڏاڙهي وجهن ها
مون پنھنجي سهيلي ڏانهن ڏٺو، ھوءَ پنهنجو منهن ٻئي پاسي ڪري ڳوڙها اگهي رهي هئي…
اسان جيپ ڇڏي ڏني
۽ گپ کان پنهنجن ڪپڙن کي بچائيندي هلڻ لڳاسين
ھر پاسي جھوپڙيون ھيون ۽ عزت کي خطرو نه ھو
خطرو ته انھن کي هوندو آھي جن وٽ چارديواري، يا چادر ھجي
ھتي ڀتين ۽ ڪپڙن جي عياشي نه ھئي
مان پنھنجي دوست کان گھڻو پٺيان رھجي ويس
۽ اوچتو ئي ھڪ رڙ منھنجي دل سان ٽڪرائجي وئي
مون اڳتي وڌي ڏٺو
ساڳيو منڊو فقير پٽ تي سڌو ڪِريو پيو ھو
۽ منھنجي سهيلي ڊِنل ڪبوتر وانگر ڏڪي رھي ھئي
مون ڏٺو، ان ڪِني، ناپاڪ فقير جي اکين ۾ ھڪ ٻي بک ھئي
پر افسوس جو خوبصورت امير ڇوڪريون فلائنگ ساسر ناھن ھونديون
۽ ڪِنن ميرن فقيرن سان گڏ نٿيون وڃي سگهن
ضرور ڪٿي ڪا ٽيڪنيڪل غلطي ٿي آھي
زمين جي جنھن ٽڪري تي
مُٺ ڀر اَٽي جو سوال، دلين مٿان ڀِت جيان ڪِري
اتي فقير کي فلائنگ ساسر جي خيرات نه ڏيڻ گھرجي
ٽيڪنيڪي غلطي نه ڪرڻ گھرجي…
منھنجي سهيلي جو آواز ڄڻ ڪنهن کوهه مان اچي رھيو ھو، ڄڻ ھوءَ ڏوهاري ھجي، شرمسار…
مون کيس ڌڪو نه ڏنو، هن مون مٿان حملو ڪيو ۽ پنھنجي لٺ سان اُٿندي ڪِري پيو…
پوءِ ھوءَ روئڻ لڳي
زمين تي انسان ڪِري پيو ھو
منھنجي دل ۾ داس ڪيپيٽال جا ورق اُڏندا رھيا…
اسٽيج تي تون پاڇو بڻيءَ
تڏهن منھنجي کِل ريزا ريزا هئا،
عڪسن جي قطار ۾
ٻيون اداڪارائون به ھيون ۽ مشڪرا…
پر ٽھڪن جي انڌي، ڪاري، بي حيا جهنگ ۾
تون درد سان ڀرپور هئينءَ
ته ان درد کي
مون دل مان نپوڙي
۽ اکين مان نپوڙي
پنھنجي کيسي ۾ رکي ڇڏيو
تو سامھون ڏٺو، تماشائين ۾،
مون طرف
منھنجي اک جي شيشي ۾ سيرون پئجي ويون
تنھنجو عڪس جنبش ۾ ھو
(باھ ڪيتري مبارڪ آھي جو ايتري ميري اک جي وچ ۾ به تنھنجي دل کي پاڪيزه ٿي رکي)
مون ان باهه کي چُميو
منھنجون اکيون ۽ تنھنجا چپ ڏڪي رهيا هئا…
اسان پنھنجي رت ۽ گوشت مان
ڪوڙا ۽ ڦاهيءَ جا رسا ٺاھيون ٿا
قيد خانا ۽ سِڪا ٺاھيون ٿا
بازار ۽ اداڪار ٺاھيون ٿا…
مونکي انھن ڦاهي ڏني ۽ توکي اسٽيج
تنھنجي چھري تي موت جو خوف ڏڪيو
منھنجي چھري تي زندگي جو…
ڪوڙا اسان ٻنھي کاڌا هئا
مون جسم تي، تو روح تي
اسان ٻئي قيدي رھياسين
ڪڏھن گھر جي اندر
ڪڏھن بيرڪ ۾
۽ اسان وڪامجندا رھياسين
ڪڏھن سون جي بازار ۾
ڪڏھن شيشي جي بازار ۾
اسان پنھنجي ئي رت ۽ گوشت جي عمل جي سزا ڀوڳيندا رھياسين
۽ Alienate ٿيون ٿا
پنهنجي ئي رت ۽ گوش کان
پردو ڪِري ٿو
ھڪ شريف عورت جي مقدس اک
توکي گار ڏئي ٿي
۽ توتي کلي ٿي
ڊرامي کانپوءِ،
مون توکي اداڪارن منجهان ڳولھي ڪڍيو
۽ درد کي کيسي مان…
پوءِ اکين مان
۽ ٻيهر دل ۾ رکي ڇڏيو
۽ ھاڻي منھنجي اک جو سيرون ٿيل شيشو به روئي رهيو هو
تنھنجي اداڪاري پٺيان رھجي وئي هئي
اسٽيج تي ۽ ميڪ اپ روم ۾
تو چيو هو گارين جي پرواھ نه ڪريان
اسان محنت وڪرو ڪيون ٿا
۽ اسان جي روئندڙ اک،
بازار نه، دلين جي محرم آھي
بازار جي محرم، صرف کلندڙ اک ڏسي ٿي
۽ گار ڏيندڙ اک…..!!
***