ارم محبوب جي شـيـخ ايـاز سان ٿيل ڳالهه ٻولهه ارم محبوب

ارم: جيئن ته ادب جي ميدان ۾ نئين ٽهيءَ لاءِ اوهان جي شخصيت ڪا اوپري ناهي تنهن هوندي به اهي اوهان جي شروعاتي ڏينهن، اسڪول ۽ ڪاليج جي دور واري زندگي بابت ڄاڻڻ گهرن ٿا. ڇا اوهان انهن ڏينهن بابت اسان کي ڪجهه ٻڌائي سگهو ٿا؟

شيخ اياز: مون پنهنجي ابتدائي اسڪول جي تعليم “نيو ايرا هاءِ اسڪول شڪارپور” ۽ ڪاليج جي تعليم سيتلداس ڪاليج شڪارپور مان حاصل ڪئي. اسان جا انهيءَ دور جا استاد تمام گهڻا مهربان هوندا هئا ۽ اسان اڪثر ڪري شام جو به وٽن وڃي پنهنجن مسئلن بابت ڳالهه ٻولهه ڪندا هئاسين. ان وقت جو ماحول سياست سان ڀريل هو ۽ سڄو عوام گڏ ٿي انگريزن کان آزادي وٺڻ جي جاکوڙ ۾ هو. اسان پاڻ پنهنجن وڏن سان گڏ سندن انهيءَ جذبي ۾ شريڪ هئاسين. مون پنهنجي شاعري جي شروعات 10 ورهين جي ڄمار کان ڪئي ۽ منهنجي اها شاعري ان وقت جي مقبول ترين ادبي رسالي “سنڌو” ۾ اڪثر ڪري ڇپجندي رهندي هئي. اسان جي گهر جي ويجهو هڪ لائبريري هوندي هئي جتان آئون روز هڪ نئون ڪتاب آڻي پهرين کان وٺي آخري صفحي تائين پڙهندو هئس. منهنجو پيءُ به مون کي همٿائڻ لاءِ سنڌيءَ جا ڪتاب وٺي آڻي ڏيندو هو. منهنجا پري جا به مائٽ جيڪي علي ڳڙهه يونيورسٽي ۾ پڙهندا هئا، اهي مون ڏانهن اردوءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب ۽ مخزن انڊيا مان موڪليندا رهندا هئا ۽ انهيءَ ڪري ئي مان ننڍي ڄمار ۾ ئي اردو ٻوليءَ ۾ ڀڙ ٿي ويس. منهنجو پيءُ جيڪو سياح هو ۽ حيدرآباد دکن کانسواءِ ٻين پرڳڻن ۾ ڪيترائي ورهيه رهيو هو. اردو ٻوليءَ جو ماهر هو، هن پڻ اردو ۽ فارسي سکڻ ۾ منهنجي وڏي مدد ڪئي. جڏهن آئون رڳو يارنهن سالن جو هئس ته مون فارسي ٻوليءَ جي سکيا پنهنجي هڪ پاڙيسري مولوي عبدالغفور کان ورتي. اسان جي گهر جي ڀرسان “ميران ٻائي” نالي هڪ اسڪول هندو ڇوڪرين لاءِ هوندو هو، جتي روز هندي گيت ڳايا ويندا هئا. آئون اهي گيت ڏاڍو ڌيان سان ٻڌندو هئس ۽ اهڙيءَ طرح مون کي هندي ٻوليءَ جي مٿاڇري واقفيت ٿي. بعد ۾ جڏهن آئون 12 يا 13 سالن جو ٿيس ته مون ڪيترائي هندي دوها جيڪي “سنڌو” ۾ سنڌي رسم الخط ۾ ڇپيا هئا، پڙهندو رهندو هئس. ان کانسواءِ ڪيترن ئي ڪتابن ۾ سنڌي رسم الخط ۾ ڇپيل ڪبير جي شاعري ۽ ميران ٻائي جا گيت پڻ پڙهيا.

ارم: اهي ڪهڙا سبب هئا، جن جي ڪري اوهان جو لاڙو ادب ڏانهن ٿيو.

شيخ اياز: اندر جي مونجهه، شاعريءَ وسيلي ظاهر ٿيڻ لاءِ مون کي مجبور ڪيو. جيئن ته منهنجو پيءُ اردو ۽ فارسي ادب جو ڄاڻو هو، تنهنڪري هو مون کي روز صبح جو پنجين وڳي اٿاري ان جي سکيا ڏيندو هو. منهنجي ماءُ ادب ۽ شاعريءَ ۾ ڀڙ هوندي هئي ۽ مون کي ڪيتريون ئي لوڪ آکاڻيون ۽ شاعري ٻڌائيندي رهندي هئي. حسين بخش شيخ جيڪو بعد ۾ منهنجو سهرو ٿيو، شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ جو تمام گهڻو شوقين هو. هن مون کي گر بخشاڻيءَ جي مرتب ڪيل “شاهه جو رسالو” جا ٽي جلد ڏنا مان گر بخشاڻيءَ جي لکيل انهيءَ سمجهاڻي کي اچرج وچان پڙهندو هئس. منهنجو استاد ڪاليداس فاني، جيڪو پاڻ به سنڌيءَ جو هڪ سٺو شاعر هو، منهنجن شعرن کي صحيح ڪندو هو. 

ارم: پنهنجي خيال کي ڪاغذ تي قلمبند ڪندي، ڇا توهان کي ڪڏهن اهو خيال آيو ته توهان جي شاعري لطيف جي حدن تائين پهچي ويندي ۽ توهان کي به اوترو ساراهيو ويندو.

شيخ اياز: نه! لطيف جي هر هنرائي سدائين مون کي بي همت ڪيو آهي ۽ مون کي اهو محسوس ٿيندو هو ته آئون ڪڏهن به هن جي حاصل ڪيل مٿانهين مقام تائين پهچي نه سگهندس.

ارم: توهان اڄ تائين ڪيترا ڪتاب لکيا آهن؟

شيخ اياز: اٽڪل 30 ڪتاب، سنڌي ۽ اردو ٻنهي ۾.

ارم: توهان پنهنجي موجوده شاعريءَ مان ڪيترو مطمئن آهيو؟

شيخ اياز: جنهن وقت مان پنهنجي شاعريءَ مان مطمئن ٿي ويس، هڪ شاعر جي حيثيت ۾ اها گهڙي منهنجو انت هوندي. خوشي ۽ اطمينان، فن جا وڏي ۾ وڏا قاتل هوندا آهن. مان پنهنجي هر هڪ ڪتاب جي ڇپائيءَ بعد ان کي گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ڀيرا پڙهندو آهيان ۽ پوءِ ان کي وڌيڪ گهڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. مون کي سدائين اهو محسوس ٿيندو آهي ته مون کي شاعري اڃان هاڻ شروع ڪرڻي آهي ۽ اڄ تائين مون جيڪو ڪجهه لکيو آهي اهو فقط تجرباتي هو.

ارم: موضوع ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان نون شاعرن مان ڪهڙي شاعر اوهان جو وڌيڪ ڌيان ڇڪايو آهي؟

شيخ اياز: ڪنهن به نه.

ارم: ڪهڙي ڳالهه اوهان کي شاعري ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي؟

شيخ اياز: مون اوهان کي اڳي ٻڌايو ته من جي مونجهه ۽ اندر جي لوچ جي ڪري لکندو آهيان. شاعري لکڻ وقت مون تي هڪ الهامي ڪيفيت ۽ جنون طاري ٿي ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مان صبح جو 4 وڳي ڌاري اٿي 6 وڳي تائين لکندو آهيان ۽ پوءِ ڪورٽ وڃڻ لاءِ تيار ٿي روز جي ڪمن ڪارن ۾ جنبي ويندو آهيان، تنهن هوندي به هي ماڻهو، هي ملڪ ۽ هيءَ دنيا جنهن ۾ آئون رهان ٿو منهنجي روح تي تمام گهرو اثر وجهن ٿيون. اهي سڀ اثر منهنجي نيم سجاڳ ذهن ۾ هيڏي، شاعريءَ جي صورت ۾ پنهنجي اظهار جو طريقو ڪڏهن انهيءَ وقت ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان واقعي جي 20 کان 30 سالن گذرڻ بعد ڳولهي لهندا آهن.

ارم: توهان بين الاقوامي ادب پڙهيو آهي “زندگي” ۽ “امن” بابت انهن جي نظرين کان اوهان ڀليءَ ڀت واقف هوندا. ڇا اوهان “زندگي” ۽ “امن” بابت پنهنجن نظرين کان اسان کي واقف ڪرائيندا.

شيخ اياز: مون زندگيءَ کي هميشه قدر جي نظر سان ڏٺو آهي ۽ زندگي امن کانسواءِ نٿي ملي سگهي. اهو قدر ننڍي کنڊ جي اول درجي جي ادب ۾ ڌڙڪي رهيو آهي ۽ آئون انهيءَ قدر ۾ پهرين صف جي شاعرن سان شامل آهيان.

ارم: توهان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڏٺيون آهن، توهان جي نظر ۾ ڪهڙو وقت ۽ تبديليون اوهان لاءِ نه وسرندڙ آهن ۽ ڇو؟

شيخ اياز: منهنجي زندگيءَ ۾ ٿيندڙ هر تبديلي مان ڪڏهن به وساري نٿو سگهان ۽ جن منهنجي ذهن تي پختو نشان ڇڏيو آهي. مون کي زندگيءَ سان تمام گهڻو موهه آهي ۽ مون ان جو هر هڪ ڍڪ پنهنجي اندر اوتيو آهي. مان ان جي تجربن کي ڪيئن وساري سگهان ٿو.

ارم: بحيثيت سنڌ جي هڪ مشهور وڪيل، عظيم شاعر، محقق ۽ اڳوڻي وائيس چانسلر اوهان کي ڪهڙو ڪم زندگيءَ کي وڌيڪ ويجهو محسوس ٿيو؟

شيخ اياز: شاعري ئي منهنجي زندگي ۽ منهنجو انت آهي، ٻيو سڀ ڪجهه ته رڳو هڪ اتفاق آهي.

ارم: ڪجهه عرصو اڳ، نام نهاد محققن اوهان جي شاعريءَ تي تنقيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي (تنقيد براءِ تنقيد)، پر توهان هر ڳالهه کي بهادريءَ سان منهن ڏنو. ڇا توهان انهيءَ بابت اسان کي ڪجهه تفصيل سان ٻڌائڻ پسند ڪندا؟

شيخ اياز: جڙتو اديبن سدائين عظيم ۽ ڏاهن ليکڪن خلاف پنهنجي ذهن ۾ ڪينو تاڻيو آهي. ايتري قدر جو ٽئگور ۽ علامه اقبال جهڙا ڏاها به اهڙن ڪوڙن نقادن ۽ دانشورن جي تنقيد کان بچي نه سگهيا. مون ڪڏهن ته اهڙن تنقيدن ڏانهن ڌيان نه ڌريو آهي. ڇاڪاڻ جو مون کي خبر آهي ته انهن نقادن مون تي تنقيد ڪرڻ بجاءِ فقط مون کي گهٽ وڌ ڳالهايو آهي.

ارم: توهان کي سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي قسم جي شاعري پسند آهي؟

شيخ اياز: مون شاعريءَ جي ڪيترين ئي صنفن، جهڙوڪ: بيت، وايون، دوها، گيت، نظم، نثري نظم، هائڪو، منظوم، ڊرامه ۽ آزاد نظم ۾ لکيو آهي ۽ اهي سڀ صنفون مون کي پسند آهن.

ارم: غير ملڪي اديبن، شاعرن ۽ محققن جي ڀيٽ ۾ اسان جو ادب ڪيتري قدر معياري آهي ۽ ڪهڙي ليکڪ يا شاعر جون لکڻيون بين الاقوامي سطح تي آڻڻ جهڙيون آهن؟

شيخ اياز: منهنجي نظر ۾ “شاهه جو رسالو” سڀ کان وڌيڪ موزون آهن ۽ ان جي شاعريءَ کي اسان دنيا جي ڪنهن به شاعر جي شاعري سان ڀيٽي سگهون ٿا.

ارم: جيئن ته شاعري جي هڪ نئين صنف “آزاد نظم” تي ڪافي عرصي کان بحث هلي رهيو آهي ۽ توهان به انهيءَ صنف ۾ گهڻو ڪجهه لکيو آهي. هڪ “آزاد” شاعري لکندڙ شاعر جي حيثيت ۾ اوهان جا انهيءَ صنف بابت ڇا خيال آهن؟

شيخ اياز: مان سمجهان ٿو ته “آزاد” شاعري هڪ ڏکي صنف آهي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ لاءِ ٻوليءَ، وزن ۽ تال جي نمونن جي وڏي ڄاڻ گهرجي ٿي. سٺي آزاد شاعري ڪندڙ شاعر تمام گهٽ آهن.

ارم: هڪ ليکڪ جا بنيادي مسئلا ڪهڙا آهن جن جو حل جلد ڳولڻ گهرجي؟

شيخ اياز: جيستائين منهنجو واسطو آهي، منهنجن ڪتابن جي جلد ڇپائي منهنجي لاءِ هڪ وڏو مسئلو آهي.

ارم: جيڪڏهن سنڌ جي ڳالهه ڪجي ٿي ته اسان سمجهون ٿا ته عوام ۾ شاهه لطيف جو وڏو درجو آهي، پر توهان جي نظر ۾ لطيف کانسواءِ ڪهڙو شاعر توهان کي پسند آهي؟

شيخ اياز: لطيف کانسواءِ سنڌ جو ڪوبه شاعر مون کي پسند نه آهي.

ارم: اوهان جي چونڊ شاعريءَ جي ڪتابن ۾ اهو اڪثر ڏٺو ويو آهي ته توهان جي ڪيترن ئي نظمن جو عنوان نه ڏنل هوندو آهي. ڇا ان جو ڪو خاص سبب آهي يا اهو توهان پنهنجن پڙهندڙن تي ڇڏيو آهي ته اهي پنهنجي مرضيءَ سان نظم جو عنوان ڳولين؟

شيخ اياز: جيڪڏهن توهان ڪنهن نظم جي مرڪزي خيال کي سمجهي وڃو ٿا ته پوءِ اهو ضروري نٿو ٿئي ته ڪو عنوان ڏجي. ٽئگور پنهنجن تمام ٿورن نظمن جا عنوان پنهنجن ڪتابن ۾ ڏنا آهن.

ارم: توهان پنهنجي وائيس چانسلري واري دور جي ڀيٽ ۾ اڄ جي شاگرد جي نفسيات ۾ ڪا تبديلي محسوس ڪئي آهي؟

شيخ اياز: نه! سندن تعليم ڏانهن لاڙو اڄ به اوترو ئي آهي جيترو منهنجي وائيس چانسلري واري دور ۾ هو.

ارم: توهان جي شاعري ڪيترن ئي مشهور ڳائڻن جهڙوڪ: علڻ فقير، زرينا بلوچ وغيره ۽ ان کانسواءِ ويجهڙائيءَ ۾ “وائسز” گروپ اوهان جي شاعري کي هڪ نئين ۽ منفرد انداز ۾ ڳايو، اوهان جي نظر ۾ انهن سڀني مان ڪهڙي فنڪار سٺي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو؟

شيخ اياز: هر گلوڪار، منهنجي شاعريءَ کي پنهنجي انداز ۾ ڳايو آهي منهنجي لاءِ انهن ۾ ڀيٽ ڪرڻ ڏکيو آهي، پر وائسز گروپ منهنجي خيال جي تمام ويجها رهيا آهن ۽ انهن منهنجي ڪيترن ئي نظمن ۾ ڏنل پيغام کي ساراهيو آهي.

ارم: زندگيءَ جو ڪو اهڙو واقعو جيڪو توهان وساري نه سگهيا آهيو؟

شيخ اياز: منهنجي زندگيءَ ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا ٿي گذريا آهن، جيڪي مان ڪڏهن به وساري نٿو سگهان ۽ جيڪي سڀئي منهنجي لاءِ هڪ جيتري اهميت رکن ٿا.

ارم: اسان جي نوجوانن لاءِ ڪو پيغام.

شيخ اياز: زندگي دلچسپيءَ سان گذاريو ۽ سنڌ جي مستقبل تي نظر رکي سخت محنت ڪريو.

ارم: زندگيءَ ۾ وڏي ۾ وڏي خواهش.

شيخ اياز: پنهنجي شاعرانه ذهن کي منطقي پڄاڻي ڏيان.

(هيءَ ڳالهه ٻولهه 1990 ۾ نئين زندگي مخزن ۾ شايع ٿي چڪي آهي، ارم محبوب جي ٿورن سان هن کي اسان ٻيهر پنهنجي مئگزين ۾ شايع ڪري رهيا آهيون).