بلاگخاص

اسان جي ۽ ٻين جي حاڪمن ۾ فرق

الطاف شيخ جو سفر نامون “بنارس کان برموڊا تائين” مان کنيل

اسان جي ۽ ٻين جي حاڪمن ۾ فرق 

الطاف شيخ        

انڊيا جو شهر بنارس جيڪو ورانسي ۽ ڪاشي سڏجي ٿو دنيا جي آڳاٽن شهرن مان هڪ آهي جنهن جي گهٽ ۾ گهـٽ 3500 سالن جي تاريخ موجود آهي. بنارس لاءِ شروع ۾ به لکي آيو آهيان ته هي نه فقط جھونو شهر آهي، پر لڳاتار وسيل آهي، جيئرو آهي، هلندو اچي. هن شهر جي بنارس هندو يونيورسٽي هڪ سئو سال پراڻي آهي ۽ سڄي ايشيا ۾ وڏي ۾ وڏي آهي. اسان هن يونيورسٽي جي وچ ۾ ٺهيل وشوناٿ مندر (جيڪو برلا مندر به سڏجي ٿو) ڏسي ڪجهه پيئڻ لاءِ وري اچي ڪيفيٽيريا ۾ ويٺاسين مس ته ڊاڪٽر انوپ ڪمار گهوش ٻڌايو ته يونيورسٽي جو وائيس چانسلر چانهه لاءِ اسان جو انتظار پيو ڪري. مون کي ڏاڍي حيرت ٿي. هڪ ڏينهن اڳ منهنجي ميزبان دوست مون کان وي سي سان ملڻ لاءِ پڇيو هو. مون ها ته کڻي ڪئي، پر منهنجي خواب خيال ۾ به نه هو ته هيڏي وڏي يونيورسٽي جو وي سي اسان جهڙن عام ٽوئرسٽن سان ملڻ لاءِ هائوڪار ڪندو. هڪ مئرين انجنيئر يا مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ يا پروفيسر يا هڪ ٽوئرسٽ جي حيثيت ۾ ته مون ڪا اهميت نٿي رکي جو اهڙا ته ڪيترائي ماڻهو نظر اچن ٿا. لڳي ٿو ته منهنجي ميزبان BHU يونيورسٽي جي وي سيءَ سان مون کي هڪ ليکڪ ۽ ڪِتابن جي آڌار تي ايڏي ته ڪا تعريف ڪئي هوندي… خاص ڪري منهنجو ايران وارو اردو سفر نامو ”ايران ڪي دن“ ۽ انڊيا وارو سنڌي سفر نامو ”هلي ڏسجي هندستان“ هن کي ڏيکاري ته ههڙا ٿلها ڪِتاب هن ٽوئرسٽ لکيا آهن… هن کي اهڙو ڪو متاثر ڪيائين جو ماڳهين هن پنهنجي شوق سان اظهار ڪيو ته ان انجنيئر سان ته آئون پاڻ به ملڻ چاهيان ٿو. مون کي ڪئنگرو وارو لطيفو ياد اچي رهيو آهي جنهن کي Zoo ۾ ڏسڻ لاءِ هڪ ماءُ پنهنجن ٻارهن ٻارن کي وٺي آئي. ڪئنگرو جو ٻچو ان وقت سندس پائوچ ۾ اندر ستو پيو هو. زو جي انچارج ڪئنگرو کي چيو ته پنهنجي ٻچي کي جاڳائي ٻاهر ڪڍ ته هيءَ ماءُ پنهنجي ٻارن کي ڏيکاري. ڪئنگروءَ حيرت مان زو انچارج کان پڇيو ته ”هي سڀ ٻار هن جا آهن؟“

”هائو“

”ته پوءِ ته آئون منهنجي پٽ کي چوان ته هو اٿي کين ڏسي ته هڪ ماءُ کي هيڏو وڏو ڌڻ ٻارن جو آهي!“ ڪئنگروءَ چيو.

سو هيترن ڪِتابن جو ٻڌي وي سيءَ کي ماڳهين مون کي ڏسڻ جو شوق ٿي پيو هوندو! بهرحال ڪجهه به هجي منهنجي اها خواهش پوري ٿي ته بنارس هندو يونيورسٽي جي هن اهم سائنسدان ۽ اعليٰ تعليم يافته انسان ڊاڪٽر لالجي سنگهه سان ملاقات جو شرف حاصل ٿيو جيڪو حيدرآباد دکن جي “Cellular & Molecular Biology” سينٽر جو يارهن سال ڊائريڪٽر ٿي رهيو ۽ ان کان اڳ هن تيرهن سال يونيورسٽي آف ايڍنبرا جي Institute of Animal Genetics ۾ گذاريا.

مون سندس آفيس ۾ لڳل بورڊ تي لکيل وائيس چانسلرن جا نالا ڏٺا. ٽاپ تي سر سندر لال هو جيڪو هن يونيورسٽي جي ٺهڻ وقت 1916ع کان 1918ع تائين وي سي ٿي رهيو. هاڻوڪي وي سي لالجي سنگهه جو نالو 25 نمبر تي آهي. هي صاحب 22 آگسٽ 2011ع کان وائيس چانسلر آهي. لالجي سنگهه 1947ع ۾ ڄائو ۽ سندس واسطو يو پي (اتر پرديش) جي شهر جائون پور سان آهي پاڻ M.Sc ۽ پي ايڇ ڊي Cytogenetic ۾ هن بنارس هندو يونيورسٽي (BHU) مان ڪئي ۽ هن جا اڄ تائين بين الاقوامي شهرت جي جرنلن ۾ 219 ريسرچ پيپر ڇپجي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته هن جا ميجر ڪم ۽ دلچسپيون هنن ۾ آهن.

–           Molecular basis of Sex-determination

–           DNA finger printing & Genetic Diversity

–           Human Genome Analysis & Ancient DNA studies

هِتي اهو به لکندو هلان ته ڊاڪٽر لالجي سنگهه کي 2004ع ۾ انڊيا جي صدر پدماشري ايوارڊ ڏنو هو.

منهنجي پڇڻ تي ته هن يونيورسٽي جو نظام ڪيئن ٿو هلي…. ان بابت مون کي ٻڌايو ويو ته بنارس هندو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي چونڊ لاءِ يونيورسٽي جي ڪورٽ آهي. وائيس چانسلر بعد ريڪٽر آهي جنهن جي هيٺ ڇهه کن اهم کاتا آهن. جيئن ته ايگزيڪيوٽو ڪائونسل، پڙهائي ۽ ڪورسز جي معاملي لاءِ اڪيڊمڪ ڪائونسل، ڏيتي ليتي، فين ۽ اسڪالرشپ جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ فائننس ڪميٽي، داخلا وغيره جي ڪمن لاءِ رجسٽرار جي آفيس، فائننس آفيس ۽ امتحانن جي معاملي لاءِ انهن ڳالهين جو ڪو آرڊينيٽر وغيره.

بنارس هندو يونيورسٽي ۾ اچي مون کي هِتي جي مرڪزي لائبريري ”سياجي رائو گائيڪ واد لائبريري“ جي ڏسڻ جو پڻ شوق هو جو مون ٻڌو هو ته اها ممبئي يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري ”نهرو لائبريري“ کان به وڏي آهي. The Sayaji Rao Gaekwad لائبريري هن ڪئمپس جي اهم لائبريري آهي جنهن ۾ 13 لکن کان به مٿي ڪِتاب آهن. هيءَ لائبريري 1941ع ۾ ٺهي راس ٿي هئي جنهن جو خرچ بڙودا جي مهاراجا سَياجي رائو گائيڪ واد سوم (ٽئين) ڏنو هو. هن راجا جي تعليمي خدمتن بابت پنهنجي پهرين انڊيا جي سفرنامي ”دهلي جو درشن“ ۾ لکي چڪو آهيان جنهن گجرات ۾ تعليم عام ڪرڻ لاءِ پنهنجي محل کي يونيورسٽي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.. حيرت ٿي ٿئي اهڙن صوبن ۽ انهن ۾ رهندڙ ماڻهن تي جن کي اهڙا راجا مها راجا ۽ بادشاهه شهنشاهه مليا جن عوام جي ڀلي جو سوچيو، جن عوام جي خدمت ڪئي.. اسان وٽ مير، پير، سردار ۽ ڀوتار ته پري، پر اسان جي سياستدانن جن کي عوام ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ لاءِ ووٽ ڏئي چونڊي ٿي، انهن به ڀينگ ڪري ڇڏي آهي! هو ڇا انگريزيءَ ۾ چوندا آهن What an irony خبر ناهي سنڌي يا اردو ۾ ان جو نعم البدل جملو (exclamation) ڇا ٿيندو… جنهن ڏينهن آئون بنارس هندو يونيورسٽي جي نيڪ، پڙهيل ڳڙهيل ۽ شاگردن لاءِ قابل احترام وائيس چانسلر سان چانهه پي رهيو هئس، ان ڏينهن جي انڊين اخبار Hindu ۾ اها خبر پڙهي ڏک ٿيو ته اسان جي صوبي جي هڪ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ (يا شايد) پروفيسرن احتجاج ڪيو آهي ته هنن جي وائيس چانسلر کي هٽايو وڃي جو هو سفارشي ۽ corrupt آهي ۽ جي ائين آهي ته هو تعليم جي ائين ئي ٻيڙي ٻوڙيندو هوندو جيئن اسان جي ٿاڻن تي رکيل سفارشي پوليس آفيسر قانون جي ستيا ناس ڪري رهيا آهن…. مون دل ۾ سوچيو.

بڙودا سلطنت (گجرات) جو هي راجا جيڪو پاڻ گجراتي نه هو، پر مرهٺو هو هڪ عجيب انسان هو جنهن ان دور ۾.. يعني اڄ کان هڪ صدي اڳ جڏهن ننڍي کنڊ جي فقط چند ماڻهن جناح، نهرو ۽ موهن داس گانڌي جهڙن جي والدين کي پنهنجن ٻارن کي انگريزي پڙهائڻ جو شوق هو ۽ جِتي ڪنهن ورلي راجا، مها راجا يا نواب کي عوام جي تعليم جو اونو هو اتي بڙودا رياست جي هن مها راجا پنهنجي عوام کي پڙهيل ڳڙهيل بنائڻ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو!

سياجي رائو گائيڪ واد III جنهن جو ڄمڻ وقت نالو شريمنت گوپال رائو هو 1863ع ۾ ڄائو.. يعني اڄ کان پوري ڏيڍ صدي اڳ. هو ننڍي عمر ۾ (اٽڪل ٻارهن تيرهن سالن جي ڄمار ۾) سن 1875ع ۾ تخت تي ويٺو ۽ 1939ع تائين.. يعني مرڻ تائين، 64 سال حڪومت ڪيائين. سڀني پئي چيو ته هي ٻار ٿي راجا ٿيو آهي سو پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي وانگر عوام جو ڀلو ڪرڻ بدران عياشيءَ ۾ غرق ٿي ويندو. سچي ڳالهه اها آهي ته اسين ته اڄ جي دور ۾ به اهو پيا ڏسون ته اسان جي وزيرن، اميرن، نوابن، سردارن جا نوجوان ڇوڪرا به ڇا پاڻ عياشيون ۽ غريبن تي ظلم پيا ڪن! ايتري قدر جو بي گناهن جا قتل ڪري شرمسار ٿيڻ بدران سنڌي ٽوپي پائي وڪٽري جو نشان ٿا ڏيکارين! پر هن نوجوان حاڪم ماڻهن ۽ رياست جي قسمت ئي بدلائي ڇڏي. تعليم تي  هڪ طرف ته امن امان، ائگريڪلچر ۽ سوشل رفارمس تي ٻي طرف ڌيان ڏنائين. هن تعليم ۽ آرٽ جي ترقي سان گڏ ڪارخانا لڳرايا جيئن غريب عوام روزگار کي لڳي سگهي. بڙودا جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جو هي راجا باني هو. انڊيا جي هر شهر ۾ جيڪا بئنڪ آف بڙودا ڏسو ٿا ان جي شروعات هن مها راجا 1908 ۾ ڪئي جيئن دنيا جي ڪنڊ ڪڙچَ ۾ رهندڙ گجراتي هن بئنڪ ذريعي فائدو وٺي سگهن. بڙودا شهر ۾ جيڪا سينٽر لائبريري آهي اها هن راجا جي ذاتي لائبريري هئي جنهن کي پوءِ وڌايو ويو. ڪِتابن سان دلچسپي رکڻ لاءِ هن راجا پنهنجي رياست جي هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ لائبريري کولائي. هي پهريون انڊين راجا هو جنهن پنهنجي رياست ۾ 1906ع ۾ هر ٻار لاءِ پرائمري تعليم ڪمپلسري ۽ مفت ڪئي. شهرين جي وندر ۽ سک لاءِ پارڪ ۽ باغيچا ٺهرايا. بڙودا شهر جو ڪماتي باغ جيڪو هاڻ سندس نالي سياجي باغ سڏجي ٿو هن جو انهن ڏينهن جو رکيل آهي. هن مها راجا بڙودا شهر ۾ نه فقط اسڪول، پر 1881ع ۾ ”بڙودا ڪاليج آف سائنس“ نالي ڪاليج کوليو جنهن کي بعد ۾ سندس پوٽي سَر پرتاپ سنگهه گائيڪ واد 1949ع ۾ يونيورسٽي جو درجو ڏياريو.

ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اسان انگريزن کي گاريون ته ڏيون ٿا، پر اسان وٽ انگريزن کان پهرين نه اسان جي ميرن ٽالپرن يا سمن سومرن عوام جي ڀَلي لاءِ ڪجهه ڪيو ۽ نه پاڪستان ٿيڻ بعد اسان جي سنڌي ڀائر وزيرن، سياستدانن، پيرن ۽ سردارن ڪو اهڙو وڏو ڪم ڪيو جنهن سان تعليم عام ٿئي ۽ عوام جاهليت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري؟ انگريزن اچڻ سان اسڪول، ڪاليج، پوسٽ ۽ ريلوي جهڙا ڪَمَ شروع ڪيا. ويندي سنڌي ٻولي جي لکڻي کي اڄ وري شڪل به انگريز حاڪم فريئر ڏني.

ڳالهه ته ٻڌو.. ۽ پوءِ جي سمجهه ۾ اَچي ته گڏجي منهن مٿو پٽيون. سنڌ ۾ انگريز 1843ع ۾ آيا، پر هو انڊيا ۾ ته ان کان به گهڻو اڳ آيا ۽ هنن اتي ڦرلٽ سان گڏ ترقيءَ جا به ڪم ڪيا… ۽ اسان جا مير ٻيو نه ته راجسٿان ۽ گجرات ۾ اهي ترقي جا ڪَمَ ۽ سُٺيون ڳالهيون ڏِسي پنهنجي سنڌ ۾ آڻي سگهيا ٿي جيئن ٿائلينڊ جي بادشاهه ڪيو ٿي. هنن ٿائي حاڪمن وٽ ته آخر تائين انگريز يا ٻي ڪا يورپي طاقت قبضي لاءِ نه آئي، پر هنن ڀر وارن ملڪن ۾ انگريزن جا ڪم ٻڌي ۽ ڏسي پنهنجي ملڪَ سيام (ٿائلينڊ) ۾ تعليمي ادارا کوليا جن يونيورسٽين ۾ اڃان تائين اسان جا ماڻهو اعليٰ تعليم لاءِ وڃن ٿا. هنن پنهنجي ماڻهن لاءِ سفر جو سهولتون، صحت جون سهولتون ۽ امن امان جون حالتون بهتر ڪيون. عياشون هنن به ڪيون هونديون…. جو بادشاهه، راجا، حاڪم هئا، پر هنن عام ماڻهوءَ جي سُکَ جو به خيال رکيو ۽ اڄ تائين رکندا اچن. اسان وٽ حال اهو آهي جو عوامي خدمت لاءِ چونڊيل اسان جا سياسي نمائندا ۽ وزير مشير به ڪو ٻوٽو نه پيا ٻارين….. وڌيڪَ يونيورسٽيون ۽ صحيح تعليمي معيار قائم رکڻ بدران، کليل اسڪول بند حالت ۾ ڏسندي به کين فڪر نٿو ٿئي!

گجرات جي هن مها راجا سياجي رائو نه فقط تعليم عام ڪئي، پر هوشيار ۽ ذهين شاگردن کي اڳيان آندو. دادا ڀائي نوروزجي جيڪو جيتوڻيڪ پارسي هو، پر هن جي قابليت ڏسي بڙودا رياست جي هن مها راجا هن کي 1874ع ۾ پنهنجو ديوان يعني وزير بڻايو. دادا ڀائي نوروزجي اها اهم شخصيت آهي جنهن مان اسان جو قائدِ اعظم محمد علي جناح بيحد متاثر هو ۽ سندس نالي سان روڊ اسان جي ڪراچي شهر ۾ جناح جي مزار وٽان لنگهي ٿو، پر اسان جي نوجوان ٽهيءَ کي ان جي خبر ئي ناهي. مون کي ياد آهي ته گهڻو اڳ هڪ دفعي انگريزي جي ليکڪ اسان جي شپنگ جي جهازي مالڪ آڌشير ڪواسجي سان گڏ جناح جي مزار وٽان لنگهي رهيو هئس ته رستي تي لڳل بورڊ تي لکيل ”دادا ڀائي نوروزجي روڊ“ لفظن تي رنگ ڦريل ڏسي هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو ۽ هن ڊان اخبار ۾ ۽ مون عبرت اخبار ۾ ڪالم لکيو هو جيڪو پوءِ منهنجي سفر نامي ”هلي ڏسجي هندستان“ ۾ پڻ ڏنو ويو.

محمد علي جناح صاحب 1876ع ۾ ڄائو ۽ دادا ڀائي نوروزجي کان 51 سال ننڍو هو. دادا ڀائي 1825ع ۾ ڄائو. هو ڏاهو، مفڪر، تعليمدان، ڪاٽن جو وڏو واپاري، سماجي اڳواڻ ۽ هندستان جي شروع جي سياستدانن مان هڪ هو. پاڻ پهريون ايشين هو جيڪو برطانيا جي اسيمبلي (هائوس آف ڪامنس) جو 1892ع کان 1895ع تائين ميمبر رهيو ۽ اهو پڻ ته هو پهريون انڊين هو جيڪو ممبئي جي ايلفنسٽن انسٽيٽيوٽ جو 1950ع ۾ ليڊنگ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ 1955ع ۾ هو ممبئي جو مشهور مئٿميٽڪس ۽ نيچرل فلاسافي جو پروفيسر هو. 1859ع هن ”نوروزجي ائنڊ ڪمپني“ نالي پنهنجي ڪاٽن ٽريڊنگ ڪمپني کولي ان بعد 1867ع ۾ دادا ڀائي لنڊن جي يونيورسٽي ڪاليج ۾ گجراتي جو پروفيسر ٿي رهيو. ان بعد 1874ع ۾ هن کي بڙودا جو مٿيون مها راجا سياجي رائو پاڻ وٽ وزارت لاءِ وٺي آيو هو.. بهرحال هي سڀ ڳالهيون بنارس هندو يونيورسٽي (BHU) جي مرڪزي لائبريري بابت لکندي ياد اچي ويون آهن.