اسلامي جمهوريه پاڪستان جي طاقتور ڌرين لاءِ لمحهءِ فڪريه
هن وقت هڪ آپگهاتي نوجوان ناري شاري بلوچ جو نالو هر زبان تي چڙهيل آهي ۽ سڄي قوم سندس هن عمل تي فڪرمند آهي، جنهن 26 اپريل 2022 تي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڪنفيوشس سينٽر جي گيٽ تي ٽارگيٽ ڪري ٽن چائنيز استادن سميت هڪ ڊرائيور کي آپگهاتي حملي ۾ ماري ڇڏيو. اخبارن جي رپورٽن مطابق سندس تعلق تربت جي هڪ پڙهيل ڳڙهيل خاندان سان هو، سندس ور هڪ ڊينٽسٽ هو ۽ هوءَ پاڻ ايم فل جي رجسٽرڊ شاگردياڻي هئي ۽ سائنس جي استاد هئي. (پي ايم ايل اين) پاڪستان مسلم ليگ نواز گروپ بلوچستان جي هڪ سينئر ليڊر سيد النصر جيڪو پارٽيءَ جي سينٽرل ڪميٽيءَ جو ميمبر پڻ آهي ان هڪ انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته شاري بلوچ ڪوئيٽا ۾ چار سال پريس ڪلب ٻاهران ويٺي هئي، ڇو ته سندس گهر جا ڪيترائي فرد کنڀجي ويا هئا. رياست وجود ورتو ته فرد پنهنجا ڪيترائي بنيادي حق رياست جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيا. جنهن ۾ سندس جان جي حفاظت سرفهرست هئي ۽ پوءِ رياست طاقتور ٿيندي وئي ۽ طاقت جي نشي ۾ ان کي پنهنجو مقصد وسري ويو. پاڪستان اسلامي جمهوريه آهي جتي وفاق جي نظام هيٺ چار صوبا پنهنجو وجود وفاق جي طابع هلائين ٿا، پر انهن چئن صوبن ۾ غير آئيني طور تي اڻ برابري ۽ وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ بلوچستان ۽ سنڌ جي ماڻهن کي هميشه احساس ڪمتريءَ جو شڪار رکيو آهي ۽ هي وسيلن سان ڀرپور ٻه صوبا غربت ۽ بيروزگاريءَ جو شڪار هجڻ سان گڏوگڏ رياستي بربريت جو نشانو بڻيل آهن. هيءَ نوجوان ناري ان رستي تي ڇو وئي جيڪو انتهائي مشڪل هو. هن هڪ آرامده زندگيءَ کي ڇو ترڪ ڪيو؟ سندس پنهنجي زمين سان محبت ۽ پنهنجن حقن جي جدوجهد لاءِ هن جيترو به سٺو، پر سندس هن آپگهاتي عمل کي ڪڏهن به قبول نٿو ڪري سگهجي. سوچڻ جو مقام آهي ته هڪ عورت پنهنجي گهر، ور ۽ ٻارن جي مرڪن کي ڇڏي پنهنجي جسم سان بم ڇو ٻڌو؟ هن ٻي ڪا تحريڪ ڇو نه هلائي هن احتجاج جو ٻيو ڪو رستو ڇو نه اختيار ڪيو؟ شايد هن رياست پاڪستان جي انهن طاقتور قوتن کي پنهنجي جان قربان ڪري ٽن چائنيز استادن جي جان وٺي هڪ ئي وقت ۾ چين ۽ پاڪستان جي طاقتور ڌرين کي خبردار ڪيو آهي ته جنگ جي شروعات نئين نموني سان شروع ٿي چڪي آهي.
پي ايم ايل اين، جي سينيٽر مشاهد حسين ڊان سان ڳالهائيندي چيو ته ”بلوچستان کي سياسي رانديڪو سمجهڻ ڇڏي ڏيو، اتي پسند جي ماڻهن کي تيزيءَ سان چونڊڻ ۽ لڳائڻ به بند ڪريو، ماڻهن کي کنڀي کڻڻ جهڙو شرم جوڳو عمل به بند ڪريو. ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته ترقيءَ مان حصو اتان جي عام ماڻهن کي ملي، بارڊر تي ماڻهن جي حراسمينٽ ۽ ڪرپشن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي.“ شايد ڏنڊي جي زور تي غريب کي غلاميءَ واري احساس ۾ جيارڻ جي خاتمي جو وقت اچي ويو آهي. هن ملڪ جي سلامتي هر فرد جي خواهش کان بالاتر آهي ۽ هن ملڪ جو 1973ع وارو دستور هڪ اهڙو دستاويز آهي جنهن ۾ سڀني ادارن جون حدون متعين آهن ۽ عوام جي حقن جو تحفظ به ان ۾ شامل آهي. هن ملڪ کي هن وقت ڪيترائي خطره درپيش آهن. ٻاهرين خطرن کي منهن ڏيڻ سولو آهي، پر ملڪ جي ڏتڙيل ۽ مظلوم عوام جيڪا رياست کان باغي ٿي چڪي هجي ان سان طاقت جي زور تي ٽڪرائڻ تمام مشڪل آهي. توهان کي ويهي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان علاوه ڪو رستو ناهي. جتي رياست مذهبي انتها پسندن سان ڳالهه ٻولهه ڪري ٿي اتي رياست کي آئين مطابق پنهنجن حقن لاءِ ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي وسيلن جي وارثيءَ جي حقن لاءِ اٿيل ماڻهن لاءِ نرم رويو اختيار ڪرڻو پوندو ۽ انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کانسواءِ ڪو رستو ڪونهي، جي ايئن نه ڪيو ويو ته خبر ناهي ته ڪيتريون باغي ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا بغاوت جو عَلم هٿ ۾ کڻي هن رياست جي ان ڏاڍائي سان ٽڪرائبا رهندا.
سنڌ صوبي ۾ به انتهائي بيچيني ۽ ڪاوڙ موجود آهي اتي به تازوئي سائين جي ايم سيد جي ورسيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڪجهه ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، پ پ سرڪار خاموش آهي. عوام کي پنهنجن آئيني ۽ قانوني حقن کان محروم رکي ڪابه رياست امن قائم نٿي ڪري سگهي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته وفاق ۽ صوبا گڏجي انهن قومپرستن سان ڳالهه ٻولهه ڪن. انهن جي معاشي، سياسي ۽ سماجي حالت کي تبديل ڪرڻ لاءِ انهن کي موقعا فراهم ڪيا وڃن. سندن بنيادي حقن کي تسليم ڪري کين رياست لاءِ مفيد شهري بڻايو وڃي، پر هتي پنهنجن ئي ٻچن کي باغي ڪري انهن کي پنهنجي گهر لاءِ خطرو بڻايو ٿو وڃي. ڇا رياست ان رويي سان سنڌ ۾ به باغي ناريون پيدا ڪرڻ ٿي چاهي؟
يقينن اهو آپگهاتي عمل اسان جي سياستدانن ۽ طاقتور طبقن لاءِ هڪ لمحهءِ فڪريه آهي ته هاڻي پاڪستان ايئن نه هلي سگهندو جيئن 75 سالن تائين هلايو ويو آهي. هاڻي هتان جي نوجوان طبقي کي هڪٻئي سان ڳنڍڻ ۽ رابطي ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، انهن کي موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته کين پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي رياست تي ڀروسو ڪرائڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان هڪ گهڻ قومي رياست آهي ۽ 22 ڪروڙ ماڻهن جو وطن آهي، وقت اچي ويو آهي ته رياست انهن سان هڪ نئون عمراني معاهدو ڪري ۽ هڪ نئين دور جي شروعات ڪري.