اشڪا جو گهر احمد شاڪر

ميهڙ 3 سيپٽمبر 2020

 

پيارا

اشرف پلي:

شال تنهنجي مُک تي

مُرڪ جو تاج محل اڏيل هجي!

اميد ته خيرت سان هوندين. ڳوٺ جِي ڳلين ۾ لوڪ گيت ڳائيندي پنهنجن وڇڙي ويل پيارن کي ياد ڪندو هوندين ۽ وسڪاري وقت ته ڳڙي جيئن وسندو هوندين.

اشرف:

مان لڳا تار ٽن ڏينهن کان ڏُک جي ڏيهه جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهيان، منهنجي اندر ۾ ايتري ته اُڃ رهي پئي آهي، جنهن کي ستن سمنڊن جو پاڻي به نٿو ٺاري سگهي! منهنجي چپن جِي ٽاريءَ تي لطيف جِي بيت جِي هيءَ سٽَ چِٽجي/اُڀري آئي آهي… “ڪنهن سين سُور سليان، جيئري جيءُ جلي ويو.” مون کي ڪابه خبر ڪونهي ته انهيءَ سڄي صورتحال ۽ سُور جِي سرحد ڪٿي آهي ۽ مون کي اها به خبر ڪونهي ته سُور کانپوءِ سُرور جِي سانوڻي وسندي آهي يا ڳوڙهن جو ڳڙو وسندو آهي!

هُوءَ: هينئر به منهنجي هينئن ۾ هُرٻي جي هڳاءُ جيئن هُري رهي آهي ۽ منهنجي رڳن ۾ رت جيان رقص ڪري جسم ۾ چُري رهي آهي. هُوءَ: هينئر به منهنجي خيالن جي خزانن تي حاوي آهي ۽ هر لکندڙ سٽ ۾ صورت اختيار ڪندي رهي ٿي. هوءَ: هئي ته هر پل/پهر پنهنجي هٿن ۾ هو ۽ لُڙڪ کي مُرڪ ۾ مَٽائڻ جو فن هو ۽ هاڻي ناهي ته ايتري تڪليف ٿي رهي آهي، جيتري ٽارچر سيل ۾ بي رحميءَ سان هٿن ۽ پيرن جا نَهن ڪڍڻ وقت ٿيندي آهي.

مون اڳ ايئن ڪڏهن به سخت سُور جِي سَٽ سيني ۾ محسوس ڪونه ڪئي هئي، جيئن هاڻي محسوس ڪري رهيو آهيان. اها سُور جي سَٽ منهنجي سيني تي لڳاتار ساريُن جِي سٽَ ڪري رهي آهي! مون وٽ هُن جو سُور به سوين سينگار ڪري آيو آهي ۽ مان ان کي سڪ سان سيراندي سمهاري امرتا، جِي صورت کي تصور ۾ اڀاري اچان ٿو ۽ انهيءَ کانپوءِ تڪڙو تصور جِي اسڪرين تان سندءِ تصوير هٽي وڃي ٿي ۽ سُور جِي سانوڻي منهنجي جسم تي سڄي رات وسندي رهي ٿي ۽ تن، من تڪليف جي تنبور جِي تارَ تي ترندو رهي ٿو. اشرف: انهي سڄي صورتحال کي لطيف جي بيت جِي هن سٽ ۾ به اظهاري سگهجي ٿو ته: “مُٺ مُٺ سُورن سڀ ڪنهن، پر مون وٽ وٿاڻا!”

هن کي اها خبر آهي الائي نه؟… ته هُن جي هلي وڃڻ کانپوءِ مون وٽ هن جون يادون يادگار ٺاهي ويٺيون آهن ۽ انهيءَ يادن جي يادگار جِي تختيءَ تي پنهنجي پيار جون پنکڙيون چوطرف وکريل آهن ۽ ان جي وچ ۾ “مون ڏانهن لکيل اهو اڌورو خط آهي، جنهن کي ڪاما ڏنل آهي ۽ اهو اڳتي لکڻو هو!”

اشرف:

هُوءَ: هڪ ڀيري مون وٽ آئي ۽ پنهنجي هٿن ۾ هيڪاندا ڪنولَ جا گُلَ به کڻي آئي هئي. سندس، اکين ۾ مڪمل آڪاس نظر اچي رهيو هو، جنهن ۾ چنڊ چمڪي ۽ تارا ٽمڪي رهيا هئا. سندس، چپن تي مُڌر آواز ٻُري رهيو هو، جنهن کي ٻُڌڻ سان سُڪون جو سمنڊ حاصل ڪري سگهجي پيو. هن هٿ وڌائي مون کي ڪنولَ جا گُلَ ڏنا هئا، جيڪي مون وصول ڪندي شڪر گذاريءَ ڪئي. ايتري ۾ مون کيس هڪ نظم ٻڌايو، تنهن کانپوءِ هن چپَ چوريا ۽ چيو ته احمي: مون کي تون ڪيئن ٿو سمجهين۔؟ انهيءَ سوال جي جواب ۾ مون وراڻيو ته ان لاءِ منهنجا نظمَ ۽ خطَ ته تو پڙهيا آهن. هُوءَ: ها ۾ ڪنڌ لوڏيندي چوي ٿي ته اڃا ڪجهه وڌيڪ… مان کن پل لاءِ خاموشيءَ جي خيالن مان نڪري ڳالهائڻ لڳان ٿو.

* تون اها ڇوڪري آهين، جنهن جي اکين جي اونهي سمنڊ مان مون سپيُون ڳوليون آهن ۽ انهن سپين ۾ منهنجا نظم موتي بڻجي اڄڪلهه جرڪي ۽ چمڪي رهيا آهن.

* تون اها ڇوڪري آهين، جنهن جي هر ادا ۾ هزارين قسم آهن ۽ هر قسم ۾ ڪيئي ڪائناتون ڪَر موڙي انڊلٺ جا رنگَ نيري نيري نِڀ تي اڀري بيٺا آهن.

* تون اها ڇوڪري آهين، جنهن ۾ مون پناهه ورتي آهي ۽ جڏهن جڏهن به مون اڪيلائي محسوس ڪئي آهي ته تون مون وٽ هلي آئي آهين ۽ گرم ڀاڪر ۾ ڀري دنيا جي هر ڏک ۽ درد کان ڏور کڻي سڪون جي سمنڊ تي پهچايو آهي.

هُوءَ: اهي ڳالهيون ٻڌي ٿڌو ساهه ڀري ٿي ۽ پرس مان پاڻيءَ جي بوتل ڪڍي ان جِي ٻُنجي کولي مون اڳيان وڌائي ٿي. مان پاڻيءَ جا ٻه ٽي ڍُڪ پِي ڪري بوتل ٽيبل تي رکان ٿو. ايتري ۾ هوءَ، مون کي غور سان ڏسي رهي آهي. مان اکيون هيٺ جهڪائي ڇڏيان ٿو ۽ سوچ جي ڪنڌيءَ تي ٻيڙي پهچائيندي هن بابت خيالَ پچايان ٿو. ايتري ۾ هُوءَ، ڪرسيءَ تان اٿي منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي ٿي ته مان ڇرڪي پوان ٿو. ٻيهر ٺهي جُڙي ڪرسيءَ تي ويهان ٿو. ايتري ۾ هن چيو ته احمي: ان ڳالهه کي اتان کان اڳتي وڌائي. مان منٽ ڏيڍ جي خاموشيءَ کانپوءِ ڳالهائڻ شروع ٿو ڪيان:

* تون اُها ڇوڪري آهين، جنهن کي جڏهن به تصور ۾ آڻيندو آهيان ته مون مٿان سانوڻ جو وسڪارو ٿيندو آهي ۽ منهنجي جسم مان ڪاڇي جي چيڪي مِٽيءَ جي خوشبوءِ اٿندي آهي.

* تون اُها ڇوڪري آهين، جنهن جون ٻئي ٻانهون مون کي ماءُ جي ٻاجهه جهڙيون لڳنديون آهن، جن ۾ کن پل لاءِ نه پر سموري عمر ڀر لاءِ پناهه وٺڻ تي دل چاهيندي آهي.

* تون اُها ڇوڪري آهين، جيڪا ڏسڻ ۾ قلم جي قد جيتري آهي ۽ سندس سينو ڪينجهر جيڏو وشال آهي.

* تون اُها ڇوڪري آهين، جنهن جا وارَ وهندڙ آبشار جهڙا آهن ۽ جنهن جا ڪلها ڪارونجهر جهڙا مضبوط آهن.

* تون اُها ڇوڪري آهين، جنهن جي لاءِ مون وٽ مڻين محبت آهي ۽ بي پناهه بهار جهڙا ڀريل بادل آهن.

ايتري ۾ هُوءَ: اُٿي اچي مون اڳيان بيهي ٿي ۽ گهوريندي رهي ٿي. ڪجهه منٽن کانپوءِ هُوءَ واپس ڪرسيءَ تي ويهندي ڳالهين جون ڳنڍيون کولي ٿي. سندس چپن مان لفظن جا پکي اڏڻ لڳن ٿا ۽ هُوءَ، چوي ٿي ته احمي: ان جو ڪهڙو سبب آهي، جو تون نظمن ۾ مون کي هميشه چٽيندو رهندو آهين ۽ نثري تحريرن ۾ به منهنجي لاءِ تعريف جا تاڪيا کولي ڇڏيندو آهين؟ مون وٽ سواءِ مرڪڻ جي ٻيو ڪجهه ڪونه هو. هُوءَ، سمجهي چڪي هئي ته مون وٽ سواءِ محبت جي ٻيو ڪوبه سبب ڪونه آهي. خاموشيءَ کي تاڙيءَ سان جهٽ ۾ اُڏراي چوڻ لڳي ته احمي، مٿين ڳالهه کي ٻيهر اتان کان ئي شروع ڪر ۽ مان ڳالهه جي ڳنڍ کوليان ٿو:

* تون اُها ڇوڪري آهين، جيڪا جڏهن اک کڻي اُڀ ڏانهن ڏسندي آهي ته ڀريل بادل گجڻ شروع ڪندا آهن ۽ مينهن ڪڻيون وسڻ شروع ڪنديون آهن.

* تون اُها ڇوڪري آهين، جنهن سان جنمن جا رشتا آهن، جيڪي دنيا جي ڪنهن به ديوتا جي ناجائز طاقت سان ٽٽڻا ناهن.

* تون اُها ڇوڪري آهين، جنهن جي سيني ۾ سُرخ گلاب ٽڙيل آهن ۽ جنهن جي چپن تي انقلاب جا نعرا آهن!

سچ اهو به آهي ته امرتا، ايئن اوچتو اُتر سوڌو اضطراب جِي اونهيءَ غار ۾ غرق ڪندي! منهنجي سوچ ۾ اهو ڪڏهن سَلو اُسريو ئي نه هيو. سچ ته اهو به آهي ته هُن، کانپوءِ جيون ايئن ٿو ڀايان جيئن پنهل کانپوءِ سسئي جو جيون هو. يار، هيءَ به هڪ حقيقت آهي ته هاڻي مڪمل طور ايئن آهيان جيئن هيءُ سٽون آهن:

چاهه کڄي ويو دنيا کان جئن،

روح ويو ٿي بنجر آهي.

بُت کنڊر جو ڏيک ڏيئي ٿو،

ڏک جو چُهٽيل ڍينگر آهي.

اشرف:

اکين جي آرسيءَ ۾ اڄ به امرتا، جو عڪس اڀري بيٺو آهي، جنهن کي ڏسي ڪري چهري تي مُرڪ جي چوڏهين جو چنڊ اڀري ايندو آهي. هٿن جي ريکائن ۾ هن طرفان مليل ڀوڳنائن جون ڀريُون منهنجي مٿي تي رکيل آهن. منهنجي جسم جي جاگرافيءَ ۾ هن جي جيون جو هر پل محفوظ آهي ۽ مان مڪمل طور مان… مان ناهيان رهيو، امرتا ٿي ويو آهيان!

“جُدائي موت جو هڪ قسم آهي!” قسم سان، جُدائي خود موت آهي ۽ اهڙو موت جيڪو توهان کي ماري ڇڏي ٿو ۽ تُرت ئي توهان کي نڪور پيدا ڪري ٿو ڇڏي ۽ پهريان وارو انسان ٻيو هيو، جنهن ۾ سينگار جا سوين سامان سندءِ حصي ۾ هوندا هئا ۽ بعد ۾ سُور جون سوين صورتون سندءِ حصي ۾ اچي وڃن ٿيون. جدائي هڪ اهڙو جيت آهي، جيڪو جسم کي آهستي آهستي کائيندو رهي ٿو. اشرف، مون کي ياد ئي ڪونهي ته مون اڳ ڪڏهن به اهڙي ڪيفيت ڏٺي هجي، جيڪا اڄ محسوس ڪري رهيو آهيان ۽ اها ڪيفت اها آهي ته:

نيڻن جا دريا ڇلڪن ٿا،

              ڪهڙا سور سليان!

ڪهڙي ڳڻتي توک اي،

مانجي اندر ڪاڙهو،

             ڪهڙا سور سليان!

هڏ گُڏ به ڀڳو آهي،

آت اچن ۽ لاڙهو،

            ڪهڙا سور سليان!

۽ جسم جي دنيا مان،

روز اچي ٿو راڙهو،

           ڪهڙا سور سليان!

اشرف:

مون کي مسلسل لُڙڪن ۽ سُڏڪن جي طرف ڏسي مون کان امان، بار بار پڇي رهي آهي ته، “احمد، ڪهڙي ڳالهه اَهي (آهي) جنهن جي ڪري تُون نه ماني ٿو کائين، نه پاڻي ٿو پيئين؟” مان هر ڀيري ڳالهه نٽائيندو رهان ٿو. ڪلهه رات ماني کڻي اچي اڳيان رکيائين ۽ مون ويٺي ڪجهه لکيو. منهنجو مانيءَ ڏانهن تِرَ جيترو به توجهه نه ويو. هن، مون کي جام ڳالهايو… چيائين ته جيڪا ڳالهه اَهي (آهي) تون اها ٻڌائي ته صحيح! اشرف، ماءُ لئه وڏي ۾ وڏي تڪليف اها هوندي آهي ته منهنجو اولاد ماني ڇو نه ٿو کائي!؟ توهان ڀلي ڪٿان ماني کائي گهر اچو ڍئو تي هجو پر ماءُ اوهان جي حصي جِي ماني ڪڍي رکندي ۽ جڏهن توهان گهر ورندا ته اوهان اڳيان ماني کڻي اچي رکندي. هوءَ، منهنجي مٿان ئي بيٺي هئي. مون ڀريل اکين سان کيس چيو ته امان، مانک (مون کي) بُک ڪونه لڳي اَهي! هُوءَ، هڪ دفعو ٻيهر به زور ڀري ٿي ته احمد ماني کاءُ… “هن، جي التجا ڀريل لفظن ۾ منهنجي لئه آٿت هئي. مون کيس ٻڌايو ته امان، مان ان تڪليفَ نُون گذري رهيو آهيان، جتي روح ۽ جسم جدا ڇندا (ٿيندا) آهن ۽ مان توک (توکي) اهو به ٻڌايان ته اها اهڙي ڪيفيت اَهي (آهي) جنهن کي لفظان (لفظن) م (۾) نه ٿو بيان ڪري سگهجي!” هُوءَ، ماءُ آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه ٻڌڻ کانپوءِ منهنجي مٿي تي هٿ رکي ٿي ۽ مون کي دعا ڏيندي ڀاڪر ۾ ڀري ٿي وٺي ۽ مان ڀريل بادل جيان گجگوڙ (سُڏڪندي) ڪندي وسي (روئي) پوان ٿو!

محبت، سڪون ۽ سُور کان ٿيندو جڏهن اڳتي وڌجي ٿو ته دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي هڪ اهڙو به اسپيڊ بريڪر اچي ٿو، جتي تيز رفتاريءَ سان هلندڙ زندگيءَ جِي گاڏي جِي بريڪ فيل ٿي وڃي ٿي. سچ ته مون هميشه محبت جي ملڪ ۾ مُرڪون ورهايون آهي. سُڪون جون سرحدون کولي ڇڏيون آهن ۽ سُور جون سوڙيون ويڙهي ڇڏيون آهن، پر سچ اهو به آهي ته “هُن” جي هلي وڃڻ کان پوءِ جيڪو درد دل کان ۽ دنيا کان وڏو ٿيندو ٿو وڃي انهيءَ کي جيڪڏهن نه ٿو اظهاريان ته منهنجو اندر اُٿلي پوي ٿو ۽ مان اذيت جي انگاس تي خود کي ٽنگيل ٿو محسوس ڪيان ۽ منهنجي زبان مان هيءُ سٽون سَلي جيان اڀري/نڪري رهيون آهن:

درد جو ذائقو ٻُڌائي ڪير،

باهه کي باهه سان وسائي ڪير.

عشق آڙاهه ۾ وجهي ويندو،

لوڪ کي ڳالهه هي ٻُڌائي ڪير.

هر گهڙي مان هتو، تتو، مون سان،

زندگي روهه ۾ رلائي ڪير.

آ ڦڪو ۽ ٻُسو سڄو جيون،

تو جيان وقت کي ورائي ڪير.

اشرف:

انهيءَ مسلسل درد جي اچڻ کي مون نانءُ هلچل ڏئي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي ته جهڙوڪ ڏُک ننڍڙا رانديڪا ۽ دل ٻار هجي جنهن کي کيڏائي رهيو آهيان. هيءَ به هڪ حقيقت آهي ته انهيءَ سڄي صورتحال کانپوءِ پاڻ وٽ خاموشيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونهي بچيو، جنهن کي اظهار جي…

سُور جي سمنڊ جِي سپَ:

احمد شاڪر

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments