خاص

اعجاز منگي ڇهين سالگره جي موقعي تي ميگزين بابت تاثرات

همسري: اِي-مئگزينن جي اهميت ڪيتري آهي؟

اعجاز منگي: اِي-مئگزينن جي خوبصورتي اها آهي ته ڪنهن به بارڊر جا پابند نه آهن. اوهان پنهنجي ويب سائيٽ تي رکو ۽ پوري دنيا ويهي پڙهي ٿي. هڪڙو ماڻهو آمري ۾ ويٺو آهي اهو به پڙهي ويٺو ۽ هڪڙو ماڻهو آمريڪا ۾ آهي اهو به ان مان فائدو وٺي سگهي ٿو. اِي-مئگزين لاءِ اوهان کي ڊسٽريبيوٽر جي ضرورت نٿي پوي، توهان جي ويب سائيٽ اوهان جي ڊسٽريبيوٽر آهي. جيڪي ماڻهو مئگزين نٿا وٺي سگهن اهي آسانيءَ سان ان مئگزين کي پڙهي سگهن ٿا ۽ اِي-ڪاپي ڇپيل ڪاپي کان وڌيڪ محفوظ آهي.

همسري: همسري مئگزين جي ڇهن سالن جي سفر کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو ؟

اعجاز منگي: منهنجي نظر ۾ همسري جي به هن وقت سوشل ميڊيا ۾ مڃتا آهي، رسالي جو هڪ مقام آهي، ان جو سبب هڪ ته رسالي جو معيار آهي ۽ ٻيو پابندي سان پنهنجي ٽائيم لائين تي پبلش ٿيڻ آهي. همسري جي ٽيم پنهنجي ڪم سان مخلص آهي ان لاءِ هي مئگزين سنڌي سماج ۾ هڪ اهم مقام رکي ٿو. مئگزين جيڪڏهن ان پاليسيءَ تي عمل پيرا رهيو ته ايندڙ وقت ۾ سنڌيءَ جو ٽائيم مئگزين هوندو. همسري پهرين جڏهن مارڪيٽ ۾ آيو ته ان وقت گهڻن ماڻهن جون نظرون مٿس نه پونديون هيون، پر ڪجهه وقت کانپوءِ جنهن طريقي سان مئگزين ۾ وڏي ڇنڊ ڇاڻ بعد مواد شامل ڪيو ويو ۽ معيار کي بلند ڪيو ويو ته رسالي پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهي ورتي. هي مئگزين هاڻي سماج جي سوچ جي ڌارا مٽائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هاڻ همسري مئگزين وٽ ايتري صلاحيت آهي ته بي بي سي، سي اين اين يا ٻين خابرو ادارن جيان پنهنجي هڪ ويب سائيٽ شروع ڪري جتي دنيا جهان جون خبرون هجن، ان لاءِ همسري شروعات سنڌ کان ڪري ۽ هر ننڍي وڏي شهر ۾ پنهنجا نمائندا مقرر ڪري، انهن کي همسري نيوز جا ڪارڊ اشو ڪري ته جيئن هو همسري ٽيم جو حصو بڻجي وڃن. ان لاءِ هڪ مضبوط پاليسي جوڙي وڃي ته جيئن خبرن جي معيار کي بهترين رکيو وڃي. همسري نيوز کي پنهنجو هڪ vision ۽ mission جوڙي ان کي ويب سائيٽ تي رکيو وڃي ۽ هر اداري جو ميمبر انهن اصولن تحت ڪم ڪري ۽ منهنجي نظر ۾ اهو ڪم جلد شروع ٿيڻ گهرجي.