افراتفري واري صورتحال جي باوجود، اپوزيشن هڪ گڏيل پليٽ فارم ٺاهڻ ۾ ناڪام
ملڪ ۾ انتشار واري صورتحال جي باوجود، اپوزيشن پارٽيون هڪ گڏيل پليٽ فارم ٺاهڻ ۾ ناڪام ٿي ويون آهن، جڏهن ته سڀني کي هڪ نقطي تي گڏ ڪرڻ جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي، جيڪو آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ ۾ دير جو سبب بڻجي رهيو آهي، مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي، جي يو آءِ ف، اي اين پي ۽ جماعت اسلامي سميت ٻيون پارٽيون موجوده حڪومت ۽ وزيراعظم عمران خان کي عوام کي درپيش مسئلن جو ذميوار قرار ڏئي رهيون آهن، انهن هن ايوان ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ فوري طور تي وزيراعظم کي عهدي تان هٽائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. مسلم ليگ (ن) جي قيادت فوري طور تي عام چونڊن جي حق ۾ آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي ايوان ۾ تبديلين کان علاوه اين ايف سي ايوارڊ ۽ اٺين ترميم تي اپوزيشن کي گڏ ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿي. فضل الرحمان مسلم ليگ ن جي موقف ۽ وزير اعظم عمران خان کي برطرف ڪرڻ تي متفق آهي. ياد رهي ته بلاول، سينيئر اڳواڻن رضا رباني، شيري رحمان، نويد قمر ۽ فرحت الله بابر تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهي آهي، جيڪا اپوزيشن سان رابطو ڪري سڀني کي هڪ نقطي تي گڏ ڪري.

