افغانستان تاريخ جي تناظر ۾
چوندا آهن
ته ڪجهه خطا هميشه جنگي حالتن ۾ رهندا آهن. ڇو ته انهن جي سماجي، جاگرافيائي ۽ معاشي حالت انهن لاءِ سدائين مسئلا پيدا ڪندي آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪي خطا ثقافت، موسيقي، رقص ۾ پاڻ ڀرا رهيا آهن، انهن خطن جي حالت مسلسل جنگ واري ڇو رهي ان جا سبب ڪهڙا هجن ٿا؟ اهي ڪجهه بنيادي سوال آهن جيڪي هر باشعور شخص جي ذهن ۾ اچي سگهن ٿا.
اصل ۾ مان ڳالهه ڪري رهيو آهيان افغانستان جي سر زمين جي جيڪا هميشه جنگي حالت ۾ رهي آهي، جتان جي عوام سور ئي سٺا آهن. تاريخ گواهه آهي ته اليگزينڊر کان ويندي عربن جون ڪاهون، چنگيز خان، مغل بادشاهن تائين هن سر زمين کي ڪاهون ڪري ڦريو ۽ لٽيو. انهيءَ سموري صورتحال کي سمجهڻ جي لاءِ اسان کي تاريخ جي دري ضرور کولڻي پوندي تڏهن وڃي اهو مسئلو اسان کي سمجهه ۾ ايندو.
19 صدي جي شروعات ۾ افغانستان جي اتر ۾ روسي بادشاهت هئي ته ڏکڻ ۾ برطانوي بادشاهت ۽ وچ ۾ افغانستان سو اهي ٻئي بادشاهتون هڪ ٻئي کي سٺي نگاهن سان نه ڏسنديون هيون. تاريخ گواهه آهي ته سگهي ڌر هميشه ڪمزور کي ڪمزور سمجهي چپڻ ۽ چيڀاٽڻ لاءِ نوان طريقا استعمال ڪندي آهي، جيئن هو مڪمل طرح ان ڪمزور تي قابض ٿي سگهي. اهڙي طرح فاشسٽ برٽش کي اڪثر ايئن لڳندو هو ته هندستان جيان اهو افغانستان تي به قبضو ڪري وٺندو، جيئن ته اسان سڀ ڄاڻون ٿا افغانستان مختلف جٿن ۾ ورهايل هو ۽ آهي ۽ اتي سرداري نظام رائج هو ۽ آهي. انهن جي سردارن پاران ئي انهن جا تيار ٿيل ڇوڪرا وڙهندا هئا، پر انهن سڀني مٿان هڪ امير مقرر هوندو هو جيڪو انهن سردارن ۽ انهن ڇوڪرن کي پئسا ڏيندو هو. 1838ع ڌاري برٽش به افغانستان کي ڪمزور سمجهي افغانستان تي قبضي جي چڙهائي ڪئي. ان چڙهائي دوران انهن اتان جي امير دوست محمد کي هٽائي شاهجهان نالي هڪ پتليءَ کي ڪرسي تي ويهاريو.
۽ اها جنگ ٽي سال 1838-1842ع تائين هلي، جنهن کي پهرين افغان اينگلو جنگ به چيو وڃي ٿو. انهيءَ چڙهائي سان ايئن ٿيو جو سمورا افغاني قبيلا اڪبر خان نالي هڪ امير جي هٿ هيٺ هڪ ٿي ويا جنهن سان انهن ۾ صرف ٻڌي ۽ اتحاد پيدا ٿيو. انهيءَ پتلي امير کي هٽايائون ۽ نتيجي طور جديد هٿياربند برطانوي ايمپائر کي وائڙو ڪري واپس وڃڻ تي مجبور ڪيائون. افغانستان جي سر زمين گهٽ علمي شعور سبب انتهائي مشڪلاتن جو شڪار رهي آهي تڏهن ته چوندا آهن ته علم انساني سماج جي ترقيءَ ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. تاريخ جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته برطانوي بادشاهت افغانستان جي جاگرافيائي صورتحال سبب اهو سمجهي ورتو هو ته هي ملڪ سون جي جهرڪي ٿي سگهي ٿو، سو انهن کان رهيو نه ٿيو ڪجهه سالن کانپوءِ سال 1878ع ڌاري افغانستان تي ٻيهر حملو ڪيو ويو، هن ڀيري ڪجهه علائقن تي برطانوي قابض ٿي ويو. انهيءَ جنگ کي ٻي افغان اينگلو جنگ به چيو وڃي ٿو. اتي انهن هڪ نئين امير کي سپورٽ ڪيو جنهن جو نالو عبدالرحمان ٻڌايو وڃي ٿو. برطانوي جيئن ته تي رهڻ لاءِ نه آيا هئا انهن هندستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ هڪ لڪير 1893ع ۾ ڇڪي جنهن کي ڊيورينڊ لائين چيو وڃي ٿو، جيڪا اڄ به پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ سرحد طور موجود آهي. دنيا جون حالتون مٽجنديون رهيون، پر افغانستان جي صورتحال اتان جي حالتن مطابق اها ئي رهي. 1907ع ڌاري روسي بادشاهت برطانوي راڄ سان هڪ معاهدو ڪيو جنهن جو مقصد اهو هو ته روس جو افغانستان ۾ ڪجهه نه وڃي. ٺيڪ 10 سالن کانپوءِ روس ۾ مزدور انقلاب اچي ويو، جنهن کانپوءِ دنيا جي جاگرافيائي صورتحال تبديل ٿيڻ لڳي، دنيا صنعتي انقلاب کانپوءِ مزدور انقلاب جي اثر هيٺ اچي چڪي هئي. روس ۾ مزدور حڪومت جڙي اتي جي مزدورن زار کي شاهي تخت تان لاهي ڦٽو ڪيو ته دنيا اندر مختلف ملڪن ان جو اثر ورتو اتي مزدور مضبوط ٿيڻ لڳا ته مختلف ملڪن ۾ انقلاب آيا جيڪي اڳتي هلي روس سان گڏجي هڪ ئي بلاڪ جو حصو ٿي ويا. جنهن کي سوويت بلاڪ جو چيو وڃي ٿو. 1919ع ۾ هڪ جنگ لڳي جنهن کي وار آف انڊپيڊنٽس به چيو ويندو آهي. هي ٽين افغان اينگلو جنگ هئي، جيئن مٿي ٻڌايم ته برطانوي راڄ ڪجهه افغاني علائقن تي قبضو حاصل ڪري ورتو هو، پر ان سان گڏ اتي جي پاليسين تي به پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪرڻ لڳو، جنهن مان جان ڇڏائڻ لاءِ افغانين اها جنگ وڙهي، جنهن ۾ افغانستان پوري طرح سان هڪ آزاد رياست طور اڀري آيو. 19 آگسٽ 1919ع ۾ هي جنگ ان وقت جي امير امان الله خان جي نگراني ۾ وڙهي وئي. امان الله خان انتهائي ترقي پسند آزاد خيال قسم جو امير هو، جنهن هڪ آئين پڻ جوڙيو، جنهن کانپوءِ هي امير مان بادشاهه سڏجڻ لڳو. امان الله اتي جي روايتن کي ٽوڙيو ۽ اتي هن مختلف شادين واري روايت ختم ڪري رومانس جي شادي ڪئي. ٻنهي زال مڙس ترقي پسند قدم کنيا. مختلف شادين خلاف ڪئمپين هلائي، ڇوڪرين جي تعليم کي هٿي وٺرايائون ان سان گڏ اهم سيڪيولر قانون ۽ سوچ کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون. باهه ان وقت لڳي جڏهن امان الله جي گهرواري ڀريل مجموعي ۾ نقاب کي لاهي ڦٽو ڪري چيو ته ڪٿي اسلام ۾ لکيل آهي ته پورو جسم ڍڪيو پوءِ ته پوري افغانستان ۾ ملائيت سوچ وارا تيز ٿي ويا، اسلام خطري ۾ آهي ان بنياد تي ٻنهي کي مارڻ جي سازش ڪئي وئي، پر ٻئي برطانوي راڄ هيٺ انڊيا ڀڄي ويا، پويان هڪ سال لاءِ وري افغانستان ۾ رجعت پسند حلقا قابض ٿيا، پر برطانيه جي اثر سبب نادر شاهه کي بادشاهه ڪيو ويو اهو به هڪ سال رهيو ان کانپوءِ هن جو پٽ ظاهر شاهه بادشاهه ٿيو، جنهن سٺي ترقي وٺرائي ۽ ڪيترن ملڪن سان واپار کي هٿي وٺرائي. ان دوران 1947ع ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. ڊيورينڊ لائين هڪ مڪمل سرحد بڻجي وئي، جنهن مان افغانستان ناخوش هو. هڪ ڳالهه ڪندو هلان ته افغانستان گهڻ ثقافتي گهڻ ٻولي وارو ملڪ رهيو آهي، جتي افغانين سان ترڪ، بلوچ، براهوي، ازبڪ، تاجڪ، فارسي ۽ ان کان علاوه ڪجهه ٻين ٻولين جا ماڻهو آباد رهيا آهن، پر جيئن ته افغانستان ۾ سڀ کان وڌيڪ پشتون آباد آهن انهيءَ ڪري افغانستان جو موقف هو ته اسان جو ملڪ 38 سيڪڙو پشتون آبادي تي ٻڌل آهي. پاڪستان جو سرحد صوبو موجوده خيبر پختونخواهه اسان وٽ هجڻ گهرجي. جنهن تي اتي چونڊيل وزيراعظم جيڪو ظاهر شاهه جو سئوٽ هو ان پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي جنهن تي ظاهر شاهه ان کي هٽائي ڇڏيو. پاڪستان پاران مڪمل سرحد بندي ڪري واپار کي بند ڪيو ويو. جيئن ته ظاهر شاهه 33 سال رهيو، جنهن ڪافي سٺا فيصلا به ڪيا هن آئين ٺاهي 1964 ۾ اليڪشن ڪرائي. هن اليڪشن دوران نه صرف عورتن ووٽ ڏنو، پر اليڪشن ۾ پڻ حصو ورتو. ان اليڪشن دوران ٻن قسمن جي سوچ واضح طور اڀري اڳيان آئي. هڪ پاسي مذهبي سوچ ۽ ٻئي پاسي سوشلسٽ کاٻي ڌر جي سوچ پڻ افغانستان ۾ اڀري بيٺي. ظاهر شاهه هڪ دفعي ڪنهن ٻاهرين دوري تي ويل هو ته ان جي سئوٽ دائود شاهه پنهنجي سوشلسٽ دوستن ۽ فوج جي مدد سان سندس تختو اونڌو ڪري ڇڏيو.
جيئن ته اتي جي کاٻي ڌر جي پارٽي جنهن جو اڳواڻ نور محمد تاراڪئي هو، انهن ڏينهن ۾ هندستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي يارهين ڪانگريس ٿي گذري جنهن مان هو اتان موٽيو ته هن واضح لفظن ۾ چيو ته ”دائود خان جي حڪومت ترقي پسند جي نالي تي فاشسٽ ڌرين جي پٺڀرائي ڪري ٿي جيڪا ڳالهه اسان کي بلڪل به پسند نه آهي.“
نور محمد تاراڪئي جي پارٽي ۽ دائود خان ۾ اختلاف وڌڻ لڳا، جيئن ته کاٻي ڌر جي پارٽي کي نه صرف سوويت يونين سپورٽ ڪيو، پر پنهنجي پوري اثر رسوخ سان ان نظرئي ۽ سوچ سبب دٻاءُ وڌو. ان کانپوءِ دائود خان پنهنجو پاڻ کي بادشاهه چوڻ بجاءِ صدر سڏرايو ۽ هن جي صدارت ۾ ڪافي سماجي، اقتصادي اصلاحات ڪيا ويا ۽ بينڪن کي نيشنلائيز ڪري ڇڏيائين.
60 ۽ 70 واري ڏهاڪي ۾ افغانستان بلڪل سڪون واري پر امن جاءِ هئي جتي ”هپي ٽريل ڊيسٽينيشن“ ٽوئر ازم واري جاءِ بڻجي ويو جيڪا مغربي ملڪن کان ٿيندي افغانستان تائين هئي. هن دور کي جيڪڏهن افغانستان جي تاريخ جو بهترين دور چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.
افغانستان ان سموري سڪون واري صورتحال جڙڻ کانپوءِ ٻن سپر طاقتن جي وچ ۾ اچي ويو. آمريڪا کي اهو هر گز پسند نه هو ته ترقي پسند ۽ مزدور دوست حڪومت اتي رهي سگهي سو ان سوويت يونين سان ان سموري معاملي تي ٿڌي جنگ شروع ڪري ڏني. ان دور ۾ دنيا ۾ ٻه بلاڪ هئا هڪڙا ملڪ آمريڪا جي اثر هيٺ هئا ۽ ٻيا سوويت يونين جي اثر هيٺ، پر ٽيان ملڪ اهڙا هئا جيڪي ڪنهن به اتحاد جو حصو نه هئا جنهن ۾ افغانستان به هو، جنهن هندستان ۽ آمريڪا طرف ڏٺو ته اها ڳالهه سوويت يونين کي پسند نه آئي، ايئن اتي جي صدر دائود خان ملڪ جا حالات خراب ڪرائي کاٻي ڌر جي ڪجهه سياستدانن کي مارائڻ شروع ڪيو. ياد رهي ته اتي جي سوشلسٽ پارٽي پي ڊي پي اي (پيپلز ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي آف افغانستان) ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. دائود خان به پنهنجي پارٽي لانچ ڪئي، جنهن جو نالو هن اسلامڪ نيشنل ريوليوشنري پارٽي رکيو جنهن جو منشور ٽن شين تي بيٺل هو اسلام، نيشنل ازم، سوشلزم ايئن حالات خراب ٿيا. دائود خان جو قتل ٿي ويو ته ثور انقلاب آيو نور محمد تختو اونڌو ڪري ملڪ جو نئون صدر بڻجي ويو. هن وري سٺا فيصلا ڪيا. ڇوڪرين جي تعليم کي عام ڪيائين، لينڊ رفامز ڪري ٻنيون اتي جي غريب پيڙهيل طبقي ۾ ورهايون، پر ڪجهه ڳالهيون اسلامي سوچ رکندڙ ماڻهن کان هضم نه ٿي سگهيون، انهيءَ ڪري نور محمد تاراڪئي جي حڪومت جي خلاف سول وار شروع ٿي وئي جنهن سبب نور محمد تاراڪئي جي حڪومت ڊهي وئي. سوويت يونين اها سموري حالت ڏسي اتي ٻن حصن ۾ ورهايل سوشلسٽ پارٽي کي بچائڻ خاطر افغانستان مٿان چڙهائي ڪئي، پر اها ڳالهه آمريڪا ۽ سندس ساٿارين کي بلڪل پسند نه آئي. تنهن تي اتي موجود حزب المجاهدين کي فنڊنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏني. وڏي پئماني تي مجاهدين تيار ٿيڻ لڳا جيڪي سوويت يونين خلاف وڙهيا. سوويت ان خلاف پهرين اتي هڪ سيٽ اپ ٺاهيو جنهن ۾ نجيب کٽي آيو. کاٻي ڌر جو آخري صدر نجيب هو ان وڏي ڪوشش ڪئي ته حالات نارمل ٿين، پر آمريڪا پنهنجي ڪيل واعدي تي نه بيهندي مجاهدين کي فنڊنگ ڪندو رهيو. ان سموري جنگ ۾ آمريڪا سان گڏ پاڪستان جا هٿ آجا نه هئا، جيڪو آمريڪن ڊالرن جي مدد سبب هتي جي سر زمين استعمال لاءِ ڏيو ويٺو هو. 1992ع ۾ نجيب کي مجاهدين سر عام ڦاسي ڏئي ڇڏي، هن جي جنسي عضون کي به وڍيو ويو. عبرت جو نشان ٺاهڻ لاءِ چوڪ تي ٿنڀي ۾ لڙڪايو ويو. ڪهاڻي اتي دنگ ڪري ها ته چئون ها سڪون ٿي ويو. افغانستان جون حالتون ان وقت وڌيڪ خراب ٿيون جڏهن حزب المجاهدين کانسواءِ 1996ع ڌاري القائده اڀري جنهن جا ليڊر ملا عمر ۽ اسامه بن لادن هئا. اها حزب المجاهدين کان وڌيڪ تنگ نظر انتها پسند تنظيم هئي ۽ آهي. ياد رهي اتي طالبان جي حڪومت اچڻ کانپوءِ لڳ ڀڳ زندگي بخش عملن ۽ شين تي پابندي لڳي وئي. سئنيما، وي سي آر، راندين، تعليم. ان کان علاوه ڪيترين شين تي پابندي لڳائي وئي، انسان جو دماغ سڪتي ۾ اچيو وڃي.
سيپٽمبر 2001 ۾ ٽوئين ٽاور تي حملو ٿيو، اهو افغانستان لاءِ هڪ نئون ڏچو هو. ڇو ته ان سموري حملي جي ذميواري القائده جي قيادت مڃي ورتي. انهن ئي ڏينهن ۾ آمريڪي صدر جارج بش آمريڪي بدلي وٺڻ لاءِ افغانستان تي چڙهائي جو فيصلو ڪيو. نيٽو فورسز سان گڏ آمريڪا حملو ڪيو جيڪو آپريشن آڪٽوبر 2001ع کان شروع ڪيو ويو، مارچ 2002ع تائين سمورن علائقن تي آمريڪا ۽ سندس ساٿارين قبضو ڪري ورتو جيڪا جنگ 19 سال ته هلي، پر آمريڪا کي سمجهه آيو ته پرائي سر زمين تي اسان پنهنجي توانائي ڇو پيا خرچ ڪيون! اپريل جي مهيني ۾ بائيڊن اعلان ڪيو ته هو افغانستان مان نڪري ويندا!
اها ڳالهه آمريڪا کي ڏاڍي دير سان سمجهه ۾ آئي، جنهن جو نقصان صرف ۽ صرف افغانستان جي سر زمين تي رهندڙن کي نه بلڪه آمريڪا کي به سهڻو پيو. ڏٺو وڃي ته آمريڪا جي هن ڊگهي جنگ ۾ نه صرف افغانستان ڀوڳيو، پر پاڪستان ۾ به 80000 ماڻهو پنهنجي زندگيءَ وڃائي ويٺا. هن وقت طالبان افغانستان ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهي چڪا آهن ۽ انهن افغانستن تي ڏاڍو آرام سان قبضو حاصل ڪري ورتو. ايترو ته آساني سان اهو قبضو ٿيو آهي جو ڏهن ڏينهن جي اندر تقريبن طالبان افغانستان ۾ قابض ٿي ويا ۽ ڪنهن به مزاحمت نه ڪئي. حڪومت بلڪل بيوس نظر آئي جنهن سڪون سان پنهنجا گوڏا کوڙيا. افغانستان ۾ موجوده صورتحال اها آهي جو اتي جو عام افغاني ايترو ته خوفزده آهي جو هو ملڪ ڇڏڻ لاءِ تيار آهي.
اقوام متحده جي رپورٽ مطابق دنيا جي ٽيويهه ملڪن جي صورتحال خوراڪ جي حوالي سان انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، افغانستان به انهن ۾ شامل آهي. افغانستان ۾ وڏي پئماني تي بک، بد امني سبب ٽيويهه لک ماڻهو متاثر ٿيندا. ان کان علاوه آمريڪا افغان جنگ ۾ 10000 کان مٿي افغاني سويلين، فوجي هن جنگ ۾ مئا آمريڪي انگن اکرن موجب 60000 فوجي گروهه ماريا ويا ٽي ٽرلين هن جنگ تي خرچ آيا.
ايندڙ وقت ۾ افغانستان ڪهڙي طرف ويندو اهو چوڻ قبل از وقت آهي، پر آمريڪا ۽ سندس ساٿارين جا سفارت خانا بند هجڻ ان ڳالهه ڏانهن اشارو نظر اچي ٿو ته افغانستان ۾ امن جو قيام ايترو آسان نه آهي اڃان اهو هن ملڪ ۾ ڪوهين ڏور نظر ٿو اچي. ان لاءِ پاڪستان کي هڪ مضبوط حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، پر ان صورتحال ۾ پاڪستان ٻٽنگو ڦاٿل آهي. هڪ پاسي آمريڪا جيڪو پاڪستان جو ساٿاري آهي ٻئي پاسي افغانستان ۾ شرعي حڪومت ٺهي چڪي آهي، پر اڃان پاڪستان ان حڪومت کي قبول ناهي ڪيو. هتي سٺا طالبان ۽ خراب طالبان جو تصور هڪ نئين مسئلي کي جنم ڏيئي چڪا آهن. افغانستان ۾ جيڪي پريس ڪانفرنسون ٿيون تنهن مان اهو تاثر وڃي پيو ته حالتون في الحال جنهن طرف وڃن پيون لڳي پيو سڀ درست سمت ۾ وڃي رهيو آهي، پر هاٿي وارو پهاڪو ته هاٿي ڏند کائڻ جا هڪڙا ته ڏيکارڻ جا ٻيا، سو ان خوش فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي ته آمريڪا کانپوءِ افغانستان ۾ امن ٿيندو.
ان سموري صورتحال ۾ سرمائيدارن جو هڪ ڀوائتو چهرو ڏسي سگهجي ٿو جيڪو افغانستان جي تاريخ ۾ وڌيڪ چٽو ۽ صاف اڀري بيٺو آهي.