بلاگ

افغانستان ۾ امن وارو معاملو اختر حفيظ

ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان جي وزير اعظم عمران خان افغانستان جو دورو ڪيو، جتي هو افغانستان جي صدر سيد اشرف غني سان مليو ۽ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون. جنهن ۾ اهو طئي ٿيو ته ٻئي ملڪ دهشتگردي گهٽائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جا پاڻ ۾ سٺا لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان وڌيڪ بهتري جو خواهشمند آهي. ان کانسواءِ هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ عوام امن چاهين ٿا، بدقسمتي سان افغانستان ۾ تشدد جي واقعن ۾ واڌ ٿي آهي. هونئن ته هيءَ ملاقات ٻنهي ملڪن جي سربراهن جي وچ ۾ ٿي آهي، پر دنيا کي خبر آهي ته عمران خان نيازي جي اها حيثيت ئي ناهي جو هو افغانستان ۾ امن جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي.

افغانستان ۾لڳ ڀڳ چئن ڏهاڪن کان باهه ٻري رهي آهي ۽ ان باهه ۾ جيڪو ٻارڻ هو، اهو مجاهدن جو هو، جيڪو ضياءَ جي دور ۾ استعمال ٿيو هو، جنهن جي ڪري افغانستان نه رڳو هر حوالي سان بدحال ٿي ويو، پر اتان جي ماڻهن جنگ ۾ گهڻو ئي ڀوڳيو آهي. سوويت يونين کي افغانستان ۾ شڪست اچڻ جو مطلب اهو نه هو ته افغانستان ۾ امن قائم ٿي ويندو بلڪه اهي ويڙهاڪ جيڪي سوويت فوجن سان وڙهندا رهيا، انهن پنهنجي جنگ جو رخ نه رڳو پاڪستان ڏانهن ڪيو، پر دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ انهن ڪارروايون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ دنيا جو امن داءُ تي لڳائي ڇڏيو.

سوويت فوجن جي وڃڻ کانپوءِ افغانستان هڪ بارود جو اهڙو ڍير هو، جتان بارود سڄي دنيا ۾ پکڙي ويو ۽ دنيا ڏٺو ته طالبان هڪ طاقت ٿي اڀري آيا. اهي طاقت ٿي ته اڀريا، پر انهن پنهنجي سلطنت قائم ڪرڻ لاءِ افغانستان جي امن کي تباهه ڪرڻ شروع ڪيو، جن ۾ پاڪستاني طالبان به شامل هئا، جن جا سهولتڪار هن ملڪ ۾موجود هئا. عمران خان پاڻ اهو اعتراف ڪري چڪو آهي ته پاڪستان جي سر زمين دهشتگرد ڪاررواين لاءِ استعمال ٿيندي رهي آهي ته پوءِ هن ڀيري جڏهن عمران خان افغان حڪومت سان ڳالهيون ڪري کيس اهو ويساهه ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته پاڪستان افغانستان جي امن معاملي تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو ته اتان جي حڪومت سندس ڳالهين تي ڇو اعتبار ڪندي؟

ان کان به اهم ڳالهه اها آهي ته افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻو آهي يا وري اتي ڇڪتاڻ کي جاري رکڻو آهي ته ان جو فيصلو عمران خان جي هٿ وس آهي به ڪونه. ڇاڪاڻ ته اهو طئي ڪرڻ “ڪمپني بهادر” جو ڪم آهي، جنهن کي افغانستان ڪنهن به ريت پر امن نه کپي، ڇاڪاڻ ته اهو کيس وارو نٿو کائي، پر اڄ جڏهن پاڪستان اها گُهر ڪري ٿو ته کيس افغانستان ۾ امن گهرجي ته ان کي اهو اندازو نه هو ته جڏهن اتي جنگ هلي رهي هئي ۽ هتان جا ويڙهاڪ اتي وڙهي رهيا هئا ۽ ان وقت جو آمر ضياءُ الحق انهن لاءِ هٿ کڻي کڻي دعائون پيو گهرندو هو ۽ چوندو هو ته اهي هن ملڪ جي جنگ وڙهي رهيا آهن ته ڇا ان وقت اتان جو امن پاڪستان لاءِ ضروري نه هو. هن وقت آمريڪا افغانستان مان نڪرڻ پيو چاهي، پر ڀارت افغانستان جو اهم اتحادي ٿي چڪو آهي نه رڳو اهم اتحادي، پر افغانستان ۾ اڏاوت جي حوالي سان ڀارت اتي گهڻو ڪجهه ڪري رهيو آهي، جنهن تي پاڪستان ڪئين ڀيرا اهو چئي چڪو آهي ته افغانستان ۾ ڀارتي سفارت خانن ۾ پاڪستان خلاف سازشون ٿي رهيون آهن ۽ ڀارت اتي دهشتگردي جون ڪارروايون ڪرائي رهيو آهي. ممڪن آهي ته ايئن هجي به سهي، پر وري به سوال اهو آهي ته ماضي جي ڪردار کي سامهون رکندي افغانستان جي حڪومت ۽ اتان جي عوام پاڪستان کي پنهنجو دوست ڇو سمجهي. سياسي سطح تي دوستيون مذهبي بنيادن تي نه پر مفادن تي بنياد تي ٿينديون آهن. پاڪستان جو پاڙيسري هوندي به افغانستان ڀارت کي وڌيڪ ويجهو آهي. ان ڪري جو ڀارت جي سفارت ڪاري توڙي ڪاروباري منڊي افغانستان کي وڌيڪ بهتر ٿي لڳي.

افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان آمريڪا جي ڪردار کي به نطر انداز نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته ڪجهه عرصو اڳ ئي افغان طالبان امن معاهدي جي حوالي سان ڳالهيون ڪندا رهيا آهن، پر انهن ڳالهين جو نتيجو في الحال سامهون ناهي اچي سگهيو آهي. پاڪستان کي اهو آسرو هو ته انهن ڳالهين ۾ ان کي به شامل ڪيو ويندو، پر اهڙو ڪجهه به نه ٿيو ۽ اهي سڀ معاملا افغان طالبان ئي طئي ڪرڻ لڳا. جيئن ته اهو افغانستان جو گهرو معاملو آهي، ان ڪري ان کي اهو حق آهي ته اهو پاڻ ئي پنهنجا معاملا ڏسي.

عمران خان ڀلي پنهنجي دوري کي هڪ ڪامياب دورو چوي، پر حقيقت اها آهي ته افغانستان ۾ امن ان وقت ئي قائم ٿي سگهي ٿو، جڏهن طالبان کي هر قسم جو سهڪار بند ڪيو وڃي. اهو سهڪار ڪير ڪندو رهيو آهي، ان کان سموري دنيا واقف آهي. تنهنڪري اهو ضروري ٿي پيو آهي ته افغانستان ۾ امن واري معاملي تي ڪابه ڊبل گيم نه ڪئي وڃي، جيئن اڳوڻي آمر پرويز مشرف واري دور ۾ ٿي هئي. جيڪڏهن هن ڀيري به “ڪمپني بهادر” وري ساڳيون حرڪتون ٿي ڪري ته پوءِ اها ڳالهه بلڪل به واضح ٿي ويندي ته افعانستان ۾ ڪير امن نٿو ڪرائڻ چاهي.

ان کانسوا ان ڳالهه کي به ڏسڻو پوندو ته عالمي قوتون اَفغانستان جي معاملي کي ڪيئن ڏسن ٿيون. ڇاڪاڻ ته افغانستان هن وقت اهڙو خطو بڻجي ويو آهي، جتان دهستگردي جون ڪارروايون ٿيڻ ۽ اتان کان آپريٽ ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي. ماضي ۾ به افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لا ڪوششون ٿينديون رهيون آهن، پر ان ۾ ڪي ڪاميابيون نه مليون آهن.

هاڻ جڏهن آمريڪا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪومت به وڃي چڪي آهي جو بائيڊن وائيٽ هائوس ۾ پهچي ويو آهي ته ان جو افغان معاملي تي ڪهڙو فيصلو هوندو، اهو به وڏي اهميت رکي ٿو. افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لا پاڪستان جو ڪردار تڏهن ئي ساراهه جوڳو قرار ڏئي سگهجي ٿو، جڏهن اهو ماضي جي تجربن کي نه ورجائي بلڪه ان مسئلي کي ڳالهين وسيلي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ پنهنجو ڪو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪري. ان کانپو ان جي آڇ قبول ٿئي ٿي يا نٿي ٿئي، ان جو فيصلو افغانستان جي حڪومت ۽ اتان جو عوام ڪندو.

akhterhafez@gmail.com