افغانستان ۾ جنگ جو خاتمو اچي ويو، عالمي برادري سان گڏجي ھلڻ چاھيون ٿا: طالبان جو اعلان
ڪابل تي قبضي ۽ افغانستان جي اڪثر حصن ۾ عملداري قائم ڪرڻ بعد طالبان عالمي برادري سان گڏجي ھلڻ جي خواھش جو اظھار ڪيو آھي، طالبان سياسي آفيس جي ترجمان محمد نعيم خليجي خابرو اداري الجزيره کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته افغانستان ۾ جنگ ختم ٿي وئي آھي، ھاڻ ملڪ ۾ نئين حڪومتي نظام جي شڪل جلد واضح ٿي ويندي، ھن چيو ته 20 سال جي جدوجھد ۽ قربانين جو ثمر ملي ويو، طالبان ڪنھن کي نقصان پھچائڻ نٿا چاھين، سمورن افغان اڳواڻن سان ڳالھين لاءِ تيار آھيون ۽ اسان ھر قدم ذميواري سان کڻنداسين، طالبان عالمي برادري جي خدشن تي ڳالھين لاءِ تيار آھن. طالبان ترجمان جو چوڻ ھو ته ڪنھن کي به افغانستان جي سر زمين ڪنھن خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا، طالبان ڪنھن ٻئي ملڪ جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندا، ان ڪري چاھيون ٿا ته ڪو ٻيو ملڪ به اسان جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪري، اميد آھي ته غير ملڪي قوتون افغانستان ۾ پنھنجو ناڪام تجربو نه ورجائينديون. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ ھو ته پنھنجي ملڪ ۽ ماڻھن جي آزادي جو مقصد حاصل ڪري چڪا آھيون، سمورن افغان اڳواڻن سان ڳالھيون ڪنداسين، اشرف غني جي فرار ٿيڻ جي اميد نه ھئي، ھن جو چوڻ ھو ته عالمي برادري سان پرامن لاڳاپا چاھيون ٿا، ڪنھن سفارتي اداري يا ھيڊڪوارٽر کي نشانو نه بڻايو ويندو، شھرين ۽ سفارتي عملي کي تحفظ فراھم ڪيو ويندو، سمورن ملڪن ۽ قوتن کي چئون ٿا ته ھو به مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ اسان سان گڏ ويھن، طالبان پرامن لاڳاپن جا خواھشمند آھن، عورتن ۽ اقليتن جي حقن ۽ آزادي جو شريعت موجب خيال رکيو ويندو.

