افغان صدر سان فون تي رابطي بعد وزيراعظم وفد سوڌو تاجڪستان روانو

افغان صدر سان فون تي رابطي بعد وزيراعظم عمران خان وفد سوڌو تاجڪستان روانو، وزيراعظم ٻن ڏينهن جي دوري دوران تاجڪستان جي سول ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو، وزيراعظم جي وفد ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري، شيخ رشيد، علي زيدي، معيد يوسف ۽ عاطف خان شامل، وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب وزيراعظم جي دوري دوران پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ مختلف معاهدن توڙي ياداشت نامن تي صحيحون ڪيون وينديون، وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم جو دورو معاشي ۽ سيڪيورٽي لحاظ سان انتهائي اهم آهي، افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments