خاص

ڊاڪٽر فيصل سلطان عيدالضحيٰ تي پابندين جو اشارو ڏئي ڇڏيو

صحت بابت وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ملڪ ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن جي ڪري عيدالضحيٰ تي پابندين جو اشارو ڏئي ڇڏيو، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته انگ اکر ٻڌائي رهيا آهن ته ملڪ ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر اچي رهي آهي. اين سي او سي روزاني جي بنياد تي فيصلا ڪندي آهي ۽ موجوده حالتون ٻڌائي رهيون آهن عيد محدود پيماني تي ٿيندي، هن جو چوڻ آهي ته ڀارتي ويرينٽ وائرس تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي، ڪابه ويڪسين هڪ سئو سيڪڙو موثر ناهي هوندي، پر تمام ضروري آهي ته سڀني ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ خوراڪ لڳائي وڃي، موجود ويڪسين تمام ويرينٽس تي اثر ڪري ٿي، سنڌ حڪومت جي ڪورونا پابندين جي حمايت ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت جو فيصلو بهتر آهي، مان انهن فيصلن سان متفق آهيان، ڇو ته ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 19 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، هن چيو ته سفر ڪرڻ جي لاءِ ڪورونا ويڪسين سرٽيفڪيٽ ضروري هوندو ۽ جلد ڪورونا ويڪسين سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ جا مسئلا حل ٿي ويندا، آگسٽ کان ملڪ اندر سفر جي لاءِ به ڪورونا سرٽيفڪيٽ ڏيکارڻو پوندو.