الطاف شيخ جو سفر نامون واٽ ويندي تي تبصرو
الطاف شيخ جو سفر نامون واٽ ويندي تي تبصرو
عاشق چانڊيو
آئون گھڻو ڪري ڪتابن جي چونڊ پاڻ ڪندو آھيان ۽ اھا چونڊ فيس بڪ تي تصويرن ذريعي ھوندي آھي ڇو جو وارھ جتي آئون رھان ٿو اتي ڪو ڪتابن جو دڪان ڪونھي تنھن ڪري مون کي ڪتاب آن لائن گھرائڻا پوندا آهن. مان گھڻي ڀاڱي پنهنجي چونڊ مان مطمئن ٿي ويندو آھيان، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڪتاب ايترو پسند نه ايندو آهي. سائين الطاف شيخ جو ھي ڪتاب “واٽ ويندي” به آن لائن گھرايل آھي ۽ ھن چونڊ مان آئون بلڪل به مطمئن آھيان. ھي سفر نامون الطاف شيخ جي ٻين سفر نامن کان ڪجھه مختلف آھي ۽ ناول نموني لکيل آهي، بنا عنوان جي باب شروع ٿين ٿا، ختم ٿين ٿا، ڳالھين مان ڳالھيون نڪرنديون ھلن ٿيون ۽ پڙھندڙ بنا ڪنھن بوريت جو شڪار ٿيندي پڙھندو ھلي ٿو. ڪتاب ۾ گھڻو تڻو ھند ۽ خاص طور تي دھلي جي ھڪ علائقي ڪناٽ پليس بابت لکيل آهي ۽ سنڌ جي اھم شھر ٺٽي بابت ڳالھيون ڪيل آهن، جيتوڻيڪ ھن شھر بابت پڙھندي اسان کي ان جي بيھڪ جي خبر ته پوي ٿي جيئن “ڪراچي کان 90 ڪلو ميٽر اوڀر ۾ ھي شھر سنڌ جي ٻين شهرن وانگر سنڌو ندي جي ڪناري تي ئي اڀريو” پر ھن باب جي جيڪا اھم ڳالھه آھي، اُھا هيءَ آهي ته ھي پورو باب رڳو تاريخ ئي تاريخ آھي جنھن ۾ اھڙا اھڙا واقعا درج ٿيل آھن جو ڪٿي اوھان حيرت ۾ دنگ رهجي ويندا، ڪٿي تاريخ جي ستمگرين تي افسوس ڪندا ۽ ڪٿي ڪٿي ته دل دھلائجي به ويندي. ان باب ۾ ٺٽي جي تاريخ تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي. ھي ھيڏو وڏو شھر ٺٽو جنھن جي ھاڪ دنيا ۾ پئي ھلي ۽ جنھن کي شاعرن ڳايو پئي ته:
سرو چو تو اُچه و در تته نباشد
گل مثل رخ خوب تو، البته نباشد
تو جھڙو قد ۾ نه ڪو اُچ شھر ۾ آھي ۽ نه وري ڪو ٺٽي ۾. تنھنجي خوبصورت چھري جھڙو ڪوئي گل به اُتي نظر نه آيو
ان شھر جي اسان کي ايتري گھڻي خبر به ناھي! ان ٺٽي بابت پڙھندي ڏاڍو مزو آيو ۽ ڄاڻ ملي.
ٻي جيڪا ھن ڪتاب جي اھم ڳالھه آھي اُھا اِھا آهي ته توھان کي بادشاھن جون ڳالهيون پڙھڻ لاءِ ملنديون، انھن جي عياشين تي حيرت ٿيندي، انھن جي ظلمن تي ڪاوڙ ايندي ۽ آخر ۾ جڏهن کانئن تخت کسيو ويندو ۽ پوءِ جيڪا ھو لاچاري واري زندگي گذاريندا ان تي توھان کي ڏک ٿيندو! جيئن بھادر شاھ ظفر آھي، جيڪو “دي گريٽ مغل ايمپائر” جنھن ھندستان تي 300 سال راڄ ڪيو، ان جو آخري بادشاهه ھو. بادشاھ ٿيڻ بعد جڏهن ھو تخت تان لاٿو ويو ۽ پوءِ جيڪي ساڻس تعديون ڪيون ويون ان تي ڏک ٿئي ٿو.
“بادشاهه ٿيڻ بعد ڪيئن تخت تان لاٿو ويو، زنجيرن ۾ ٻڌو ويو، ھن جي پٽن کي ھن جي اکين اڳيان شوٽ ڪيو ويو، حسين حلمي نالي ھڪ ترڪ مسلمان جي لکيل ڪتاب موجب ھڊسن نالي انگريز جنهن ھنن شھزادن جا سر ڌڙ کان ڌار ڪيا ان ھنن جي وھندڙ رت مان پيالو ڀري پيتو ۽ پوءِ اھي سَر جنرل ھينري وليم برنارڊ حوالي ڪيا ويا، جنهن انھن مان سُوپ جو پيالو ٺھرائي اڃايل ۽ بکايل بھادر شاهه ظفر ۽ ان جي زال زينت محل کي زوريءَ پيئڻ لاءِ چيو. ھنن کان نه گوشت چٻاڙيو ٿي ٿيو نه ڍڪ ڀريو ٿي ٿيو. ھو آت ڏيندا رھيا ۽ جيڪي سندن پيٽ اندر وريو، اھو الٽي ۾ نڪري آين. ھنن جيئن ئي پيالو پٽ تي رکيو ته ھڊسن رڙ ڪري چين:
“Why don’t you eat it? It is a delicious soup. I had it cooked from your son’s flash.” مٿيون ٽڪرو پڙھي توهان اندازو لڳائي سگھو ٿا ته ساڻن ڪھڙيون تعديون ٿيون، پر ھو پنھنجي ئي ڪرتا ڌرتا لوڙيندا رھيا جو ھنن پاڻ تخت خاطر پنھنجي ڀائرن، سئوٽن کي مارائڻ لاءِ انگريزن کي گھرايو ٿي، کين ڀتو به ڏنو ٿي نه ته اھي انگريز ھند ۾ صرف هڪ فيڪٽري لڳائڻ خاطر به بادشاھ کي ايلاز ڪندا ھئا، پر ھو تخت جي لالچ ۾ اچي ڌارين کي داد ڏيندا هئا، پر اھو داد کين ڳچي ۾ پيو جو جنھن تخت خاطر ھنن کانئن پنھنجا رت جا رشتا مارايا پئي، اھي ئي سندن تخت تي قابض ٿي ويا ۽ جتي سندن بادشاهت ھئي اتي کين رھڻ لاءِ گھر به نه بچيو ۽ ھنن کي اھو چوڻو پيو ته:
ڪتنا هي بدنصيب “ظفر” دن ڪي ليئي
دو گز زمين ڀي نه ملي ڪوئي يار مين
مٿيون شعر بھادر شاهه ظفر جو آھي، ھو شاعر به ھو ۽ سٺي شاعري ڪندو هو. ھيٺ ڪجھه شعر ڏجن ٿا:
هم ني دنيا مين آڪي ڪيا ديکا
ديکا جو ڪڇ، سو خواب سا ديکا
***
يا مجهي افسر، شاهانه بنايا نه هوتا
يا ميرا تاج گدايا نه بنايا هوتا
اپنا ديوانه بنايا مجهي هوتا توني
ڪيون خيراتمند بنايا، نه بنايا هوتا
پاڻ بھادر شاھ جي ڳالھين ۾ ئي گم ٿي وياسين، ڪتاب ۾ ٻيون به ڪيتريون حيرت انگيز ۽ ڇرڪائيندڙ ڳالھيون آھن، اوڏانهن به ھلجي، ڪجھه ٻيو به ذڪر ڪجي. سائين الطاف شيخ بادشاھن جون ڳالهيون ڪندي، انھن جي عياشين کي پنھنجي ملڪ جي حڪمرانن (جيڪي پاڻ بادشاھ ھئڻ چاھين ٿا) جي ڪرتوتن سان ڀيٽي ٿو ته ڏاڍو جذباتي ٿي وڃي ٿو (جو پڙھندڙ ئي جذباتي ٿيو وڃي) ۽ ڏک وچان چئي ٿو ته اسان جا حڪمران به انھن بادشاهن وانگر رھڻ چاھين ٿا ۽ خواھش اٿن ته سندن حڪمراني ورثي طور سندن ئي اولاد کي ملي. ھڪڙي ٻي ڏک جھڙي ڳالهه ته اسان جا حڪمران پنھنجي ملڪ مان ناڻو لٽي وڃي ٻين ملڪن ۾ ملڪيتون ٺاھين ٿا، جڏھن ته ٻين ملڪن جي بادشاھن ٻيا شھر لُٽي ڦُري پنھنجي ملڪ کي ترقي وٺرائي ٿي. جيئن نادر شاھ ھڪ ظالم ڦورو لٽيرو ھو جنھن ھندستان ۾ ھڪ ڏينھن ۾ 30 ھزار ماڻھو مارايا ۽ ھند سنڌ جو ناڻو لٽيو ۽ اھو ايران کڻي ويو ۽ اڄ اتان جا ماڻھو کيس ھيرو سڏين ٿا ۽ مشھد ۾ ھن جو statue لڳل آهي. اھا ڳالھه سائينءَ اسان کي حڪمرانن کي تاريخ مان سبق پرائڻ لاءِ لکي آھي.
ڪتاب ۾ ڳالھين مان ڳالھيون نڪرندي ليڊي ڊائنا ۽ ان جي معاشقي جي ڳالھه به نڪتي آهي اھا به اوھان کي پڙھائڻ چاھيان ٿو.
“ڊائنا جو بٽلر پالر ٿو ٻڌائي، “ليڊي ڊائنا جو پاڪستاني ڊاڪٽر حسنات سان انڌو عشق ھو. ھوءَ ھن پٺيان چري ھوندي ھئي ۽ ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ ھوءَ ڊاڪٽر حسنات کي منٿون ڪندي رهندي هئي.”
بٽلر پال ٻڌائي ٿو ته ليڊي ڊائنا پنهنجي برٿ ڊي تي ڊاڪٽر حسنات سان بنا ڪپڙن جي، صرف فرڪوٽ ۾ ملڻ وئي. ھوءَ لڪ چوريءَ عمران خان جي معرفت ڊاڪٽر حسنات جي خاندان سان ملڻ لاءِ پاڪستان به وئي.
بٽلر پال پوليس کي اھو به بيان ڏنو ته ڊاڪٽر حسنات کي ساڙڻ ۽ ھن جي دل ۾ رقوبت جو جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ، ھن دنيا جي مشھور ڪمپني بيناٽون جي چيئرمين گلو لالواڻي سان به معاشقو ڪيو ۽ ھن جي قيمتي ڪارن ۾ نه رڳو گھمڻ ڦرڻ لڳي، پر هن سان گڏ فوٽو به ڪڍرايائين، گلو لالواڻي ڊائنا کان 23 سال وڏو ھو.
ھيءَ ليڊي ڊائنا جي عشق جي ڳالھه آھي. اسان وٽ ته اھو مشھور آھي ته ليڊي ڊائنا شوڪت خانم ڏسڻ ۽ فنڊ ڏيڻ آئي ھئي، پر يارو ھي عشق جو معاملو ھو ۽ پوءِ جنھن گلو لالواڻي سان ھن معاشقو رچايو، اھو ھڪ مشھور جين سنڌي ھو جيڪو واپار جي ڪري اڳ ۾ ئي مشھور ھو، پر ڊائنا جي ساڻس گڏ گھمڻ ۽ ان سان گڏ نڪتل تصويرن کيس اڃان مشھور ڪري ڇڏيو.
مذڪوره ڪتاب ۾ شاعري به ڏاڍي سٺي پڙھڻ لاءِ ملي ٿي. ڪجھه اوھان به پڙھي ڏسو.
اب تو گهبرا ڪي يي ڪهتي هين ڪي مرجائينگي
مرڪي ڀي سڪون چين نه پايا تو ڪدهر جائينگي
***
رات اس ڪو ڀي خواب مين ديکا
جس ڪو هر دم حجاب مين ديکا
***
دل گيا تم ني ليا هم ڪيا ڪرين
جاني والي چيز ڪا غم ڪيا ڪرين
پوري هونگي اپني ارمان ڪس طرح
شوق بيحد، وقت هي ڪم، ڪيا ڪرين
بخش دين پيار ڪي گستاخيان
دل هي قابو مين نهين، هم ڪيا ڪرين
معاملا هي آج حسن و عشق ڪا
ديکئي وه ڪيا ڪرين هم ڪيا ڪرين
ڪهه رهين هين اهل سفارش مجهه سي “داغ”
تيري قسمت هي بري هم ڪيا ڪرين.
ھن ڪتاب ۾ گھڻو ڪجھه آهي، سائين الطاف شيخ پنهنجي طرفان ۾ لکي ٿو، “ھن ڪتاب جي مون کي پاڻ خبر نٿي پوي ته ان کي ڇا سڏجي، سفر نامون، تاريخ، ڳالهه ٻولهه، قصو، ڪھاڻي يا ڪجھه ٻيو؟”
سو ھن ڪتاب ۾ گھڻيون ئي ڳالھيون آھن تنھنڪري سڄو ڪتاب ته تبصري ۾ سمائي نٿو سگھجي! تنھنڪري پاڻ ڪتاب پڙھو ۽ لطف اندوز ٿيو. ڪتاب پوپٽ پبليڪيشن خيرپور پاران شايع ٿيل آھي.