الله والا ٽائون ۾ عمارت ڪرڻ جو واقعو، 4 ڄڻا فوت ٿي ويا
الله والا ٽائون ۾ ڪرندڙ 5 ماڙ عمارت جي ملبي هيٺان دٻجي ويل ٽريفڪ پوليس اهلڪار جي زال، ڌيءَ ۽ پٽ سميت چئن ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن. ڪورنگي جي علائقي الله والا ٽائون ۾ 5 ماڙ عمارت ڪرڻ سان عورت سميت چار ڄڻا فوت ٿي ويا، عورتن ۽ ٻارن سميت ستن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو. علائقي واسين مطابق راند جي ميدان ۾ چائنا ڪٽنگ ڪري 120 گزن جا ڪيترائي پلاٽ ڪٽيا ويا هئا جن تي ڪيترائي ماڙ عمارتون تعمير ٿي ويون آهن. علائقي ۾ سيوريج سسٽم نه هئڻ ڪري برسات جو پاڻي ڪيترن ئي ڏينهن کان جمع آهي جنهن سان ڪيتريون ئي عمارتون ڪمزور ٿي ويون آهن. جنهن جڳهه تي حادثو پيش آيو اتي ماضي ۾ ساڍا 22 هزار گزن کان وڌيڪ ايراضي تي راند جو ميدان هوندو هو، ڪرندڙ عمارت سميت علائقي جي ڪيترين ئي عمارتن جي بيسمنٽ ۾ برسات جو پاڻي موجود آهي ۽ ان جو پورو ڍانچو ڪمزور ٿي چڪو آهي. رهائشين جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ انتظاميه رهواسين کي عمارت خالي ڪرڻ جو چيو هو. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ارشد وارث جو چوڻ آهي ته هن ڊي جي ايس بي سي اي کي چيو آهي ته هو پنهنجي ٽيم موڪلي علائقي جي ڪمزور عمارتن جو تعين ڪرائي. ريسڪيو اختيارين مطابق عمارت جي ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن جي ڳولها جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي.

