اليڪشن ڪميشن آئين کان نه ڪنهن ٻئي کان هدايتون وٺي رهيو آهي: جسٽس فائز عيسيٰ
اسلام آباد سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته لڳي ٿو ته جمهوريت هاڻ ترجيح ئي ناهي رهي. سپريم ڪورٽ ۾ بلدياتي چونڊن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت بلدياتي چونڊون نه ڪرائڻ جي معاملي تي اٽارني جنرل، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کي فوري طور تي طلب ڪري ورتو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته بلدياتي چونڊون ڇو نه پيون ڪرايون وڃن. عوام کي جمهوريت کان ڇو محروم رکيو پيو وڃي. بلدياتي چونڊون نه ڪرائي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. ڇا چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن پنهنجو حلف ناهي ڏٺو ڇا چيف اليڪشن ڪمشنر آئين ناهي پڙهيو. اٽارني جنرل ڪٿي آهي؟ اٽارني جنرل جيڪڏهن وزيراعظم سان گڏ آهي ته اهو کيس ٻڌائي ته آئين وڌيڪ اهم آهي. جنهن کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيو ويو ان دوران اٽارني جنرل خالد جاويد، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبر سپريم ڪورٽ پهچي ويا. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته لڳي ٿو ته جمهوريت هاڻ ترجيح ناهي رهي. اٽارني جنرل خالد جاويد جواب ڏنو ته جمهوريت ئي پهرين ترجيح آهي؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي انهن جو حلف ياد ڪرائڻ چاهيون ٿا. عدالت صوبي ۾ بلدياتي چونڊن جو حڪم ڏنو هو. ڇا اوهان بلدياتي چونڊن جي باري ۾ حڪومت کي آگاهه ڪيو، ڇا معاملو ڪابينا جي سامهون آندو ويو، عدالت چاهي ٿي ته هر هڪ پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪري. اٽارني جنرل ٻڌايو ته معاملو ڪابينا جي سامهون رکڻ جي ضرورت ناهي. منهنجي مشوري تي ئي حڪومت اسلام آباد جي ميئر بابت نوٽيفڪيشن واپس ورتو هو. چيف اليڪشن ڪمشنر پنجاب ۾ بلدياتي ادارن جي تحليل غير آئيني قرار ڏيندي چيو ته پنجاب حڪومت بلدياتي حڪومتن کي تحليل ڪري ڇڏيو هو. پنجاب جي صوبائي حڪومت جو قدم غير قانوني هو. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته پنجاب حڪومت خلاف غير آئيني قدم تي ڪهڙي ڪارروائي ڪئي؟ چيف اليڪشن ڪمشنر جواب ڏنو ته پنجاب حڪومت نئون بلدياتي قانون تيار ڪري ورتو آهي. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته اوهان آئين تي عمل نٿا ڪرائي سگهو ته صاف ٻڌائي ڇڏيو. جسٽس فائز عيسيٰ خيبر پختونخواهه کي ڪي پي چوڻ تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته اوهان آئيني عهديدار آهيو، صوبي جو نالو خيبر پختونخواهه ڇو نٿا وٺو؟ صوبي جي عوام ۾ نفرتون نه پکيڙيو. جسٽس قاضي فائز پڇيو ته اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ڪڏهن لوڪل باڊي اليڪشن ڪرائڻيون آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر جواب ڏنو ته خيبر پختونخواهه ۾ 8 اپريل تي بلدياتي چونڊون ڪرائينداسين. جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کان پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۾ بلدياتي چونڊن جو شيڊيول طلب ڪندي هدايت ڪئي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ميمبرن سان گڏ ميٽنگ ڪري جنهن ۾ اليڪشن شيڊيول جو معاملو ڊسڪس ڪيو ويندو. ميٽنگ منٽس تي اڳڀرائي واري رپورٽ ايندڙ 4 فيبروري تي جمع ڪرائي وڃي.