مني لانڊرنگ ڪيس: جهانگير ۽ علي ترين جي عبوري ضمانت ۾ ايڪٽيهه مئي تائين واڌ
سيشن عدالت مني لاندرنگ جي ٻن ڪيسن ۾ جهانگير ترين ۽ علي ترين جي عبوري ضمانت واري درخواست ۾ 31 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. ايڊيشنل سيشن جج حامد حسين جهانگير ترين ۽ علي ترين جي عبوري ضمانتن تي ٻڌڻي ڪئي. جهانگير ترين ۽ علي ترين عدالت ۾ پيش ٿيا. جج ايف آءِ اي جي آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته جاچ ڪٿي پهتي آهي. جنهن تي ايف آءِ اي جي آفيسر چيو ته جاچ جاري آهي. اسان رڪارڊ جو جائزو وٺي رهيا آهيون. ايف آءِ اي جهانگير ترين ۽ علي ترين جي جاچ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي. جج حامد حسين ايف آءِ اي جي جاچ رپورٽ جو جائزو ورتو. ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته ڳريون ٽرانزيڪشن ٿيون اسان ان تي جاچ ڪري رهيا آهيون. رڪارڊ اسان وٽ اچي ويو آهي ان کي به ڏسي رهيا آهيون. 90 سيڪڙو رڪارڊ اسان وٽ اچي چڪو آهي. ان موقعي تي جهانگير ترين جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته لاڪ ڊائون ۽ عيد جي موڪلن سبب ڪم بند رهيو آهي. ايف آءِ اي جهانگير ترين کان 2008-2009 جو رڪارڊ گهري رهيو آهي. اسان ٺلهيون ڳالهيون ناهيون ڪندا. اسان وٽ رڪارڊ آهي. جنهن تي ايڊيشنل سيشن جج حامد حسين جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي هر حالت ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن جاچ مڪمل نه ٿي ته شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويندو. هوڏانهن بئنڪنگ ڪورٽ جي عدالت به جهانگير ترين سميت ٻين جي عبوري ضمانت ۾ 31 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. جهانگير ترين سان گڏ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر به عدالت پهتا.