اليڪشن ڪميشن اٺن ورهين کانپوءِ پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو
اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ پي ٽي آءِ جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ درخواستگذار اڪبر ايس. بابر جي فنانشل ايڪسپرٽ ٻڌڻي دوران ٻڌايو ته پي ٽي آءِ فنڊن ۾ آڊٽ جي اصول ۽ معيار کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، ڊونرز ٿرڊ پارٽي ناهي، پي ٽي آءِ قيادت جون پنهنجون جوڙيل ڪمپنيون آهن. ان موقعي اڪبر ايس. بابر چيو ته پهريون دفعو سياسي پارٽي الڪيشن ڪميشن ۾ فنڊنگ جا تفصيل ڏيئي رهي آهي، هر سياسي پارٽي کي اليڪشن ڪميشن اڳيان جوابده ٿيڻ گهرجي. ان تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو ڪيس فائنل ٿي ويو آھي، ٻين سياسي پارٽين خلاف ڪيس به پڄاڻي تي پهچندا جيئن ووٽر جو اعتماد بحال ٿي سگهي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ڪيس تي ٻڌڻين ۾ سياسي پارٽين جا نمائندا ۽ قانوني ماهر پيش ٿيا، ڪيس تي فيصلو انصاف تي ٻڌل هوندو. جنهن بعد الڪيشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس وارو فيصلو محفوظ ڪري ورتو. چيف اليڪشن ڪمشنر طرفان ڪيس جي فيصلي جو حتمي وقت نه ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس 8 ورهين کان ٻڌڻي هيٺ آهي.