ايڊيٽوريل آئي ايم ايف جي ايندڙ پروگرام سان گڏ مهانگائي جو طوفان ايندو March 23, 2024 Zahida Abro ملڪ جي وزيراعظم ٻڌايو آهي ته اسين هڪ دفعو ٻيهر آئي ايم ايف سان هڪ نئون معاهدو ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن معاهدي ڪرڻ سان ملڪ کي 8 ارب ڊالر جو قرض مهيا ٿيندو، پر اسان کي ڪجهه سخت فيصلا ڪرڻا پوندا. جڏهن به لفظ سخت فيصلا اچي ٿو، ته ملڪ جو عوام هيسجي وڃي ٿو. سخت فيصلن مان ڪجهه فيصلا ٻڌايا وڃن ٿا ته ايندڙ بجيٽ ۾ بجلي تمام گهڻي مهانگي ٿيندي، گيس جي اگهه ۾ پڻ واڌ ڪئي ويندي، جڏهن ته پيٽرول تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳايو ويندو. اهڙي قسم جا سخت شرط ٻيا به آهن، پر صرف هنن تي نظر وجهون ٿا ته نظر ٿو اچي ته جڏهن به آئي ايم ايف حڪومت جي ماڻهن کي انڪم وڌائڻ جي تلقين ڪندي آهي، ته سڀ کان پهرين حڪومت پيٽرول جا اگهه وڌائيندي آهي، صرف انهيءَ ڪري ته انهيءَ منجهان بروقت منافعو ملڻ شروع ٿي ويندو آهي، پر پيٽرول جي اگهه وڌڻ سان ملڪ ۾ جيڪا مهانگائي جي لهر ايندي آهي، انهي طرف حڪومت جو ڌيان نه هوندو آهي، سبب اهو ئي آهي ته حڪومت ۾ ويٺل وزير، مشير، ڪامورا پيٽرول پنهنجي پئسن سان خريد نه ڪندا آهن، پر انهن کي بي انداز پيٽرول مفت مليل هوندو آهي. اهڙي ئي نموني اهي بجلي جا ۽ گئس جا بل پڻ پنهنجي کيسي مان ادا نه ڪندا آهن، پر انهن کي اها سهولت حڪومت طرفان مليل هوندي آهي. اهي پئسا عوام جي ٽيڪسن جا جمع ٿيل هوندا آهن. پيٽرول وڌڻ جي ڪري مارڪيٽ ۾ پهچندڙ سبزيون، ميوا ۽ کاڌي پيتي جو سامان انهيءَ ڪري مهانگو ٿيندو آهي جو ٽرانسپورٽر چوندا آهن ته اسان جو خرچ وڌي ويو آهي، اهي ڪرايو وڌائيندا آهن، بسن جا ڀاڙا وڌي ويندا آهن، پر حڪومت کي رقم حاصل ٿي ويندي آهي. ائين ئي بجلي ۽ گئس سان ڪيو ويندو آهي ۽ ايندڙ بجيٽ ۾ به اهو ئي ٿيڻ وڃي رهيو آهي. عام ماڻهو سڌو، اڻ سڌو ٽيڪس ڏئي ٿو، فائدو ڪجهه ماڻهن کي پوي ٿو، جيڪي وڏا ڪاروباري آهن، بينڪر آهن، سياستدان آهن، ڪامورا آهن. جتي ملڪ هڪ ارب ڊالر جي قرض جي لاءِ آئي ايم ايف جي اڳيان سخت شرط مڃڻ لاءِ تيار آهي، اتي پاڪستان جي بينڪنگ سيڪٽر گذريل سال ٻه ارب ڊالر جو منافعو ڪمايو آهي. هاڻي هڪ طرف حڪومت قرض تي هلي پئي. ٻئي طرف صرف بينڪنگ سيڪٽر سال ۾ ٻه ارب ڊالر جو منافعو ڪمائي ٿو، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ملڪ ۾ بزنس ڪرڻ جي ڪيتري امڪاني صلاحيت موجود آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته بينڪن جا مالڪ گهڻو ڪري سياستدان آهن يا انهن جا دوست يا واقفڪار آهن. هڪ پاسي ڏسون ٿا ته پرائيويٽ هوائي ڪمپنيون سالانه اربين رپيا ڪمائي رهيون آهن ۽ ٻئي پاسي پي آئي اي هر سال سوين ارب جو نقصان ڪري رهي آهي، جيڪو نقصان عوام جي ٽيڪسن مان پورو ڪيو ٿو وڃي. ايف بي آر جو ٽيڪس سسٽم اهڙو آهي جو ايف بي آر جا آفيسر ته امير ترين ٿي رهيا آهن، پر حڪومت جي خزاني ۾ نالي ماتر ٽيڪس جمع ٿئي ٿو، انهن سڀني شين تي غور ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي. حڪومت هن وقت هڪ بينڪر کي وزير خزانه بڻايو آهي. عوام کي به اميد آهي ته اهڙيون پاليسيون اينديون، جن سان قرضن جو وزن مهانگائي جو وزن، عوام کان وڌيڪ اشرافيه تي پوندو. اڄ تائين فائدو صرف اشرافيه وٺندي رهي آهي ۽ عام ماڻهو مهانگائي جي چڪي ۾ پيسبو رهيو آهي. هاڻي جڏهن ڏسون ٿا ته حڪومت ۾ به اهي ئي ساڳيا ڪاروباري سياستدان ويٺا آهن ته پوءِ پاليسيون به پنهنجي ڀلائي جي لاءِ ٺاهيندا. آئي ايم ايف جهڙن ادارن کان قرض ته عوام جي نالي تي کڻندا، پر عوام جي حصي ۾ قرض جي ادائگي ايندي ۽ فائدو سندن کيسي ۾ ويندو. خبر ناهي ته اهو شيطاني چرخو ڪيستائين هلندو رهندو هاڻي هن کي بند ٿيڻ کپي. Post Views: 286